Powered by free wordpress themes

Home / stories / Aakhri cigrate & hoo’a

Powered by free wordpress themes

Aakhri cigrate & hoo’a

آخري سگريٽ ۽ هُوءَ
*****************
رات ڪافي ٿي چُڪي آهي هاڻي سُمهڻ گھرجي…
ڇو ! توکي سيءُ ٿو لڳي ڇا ؟
تو جهڙي هيٽر جي هوندي مونکي ڀلا سيءُ لڳندو ڇا !؟

۽ سندس ان جملي تي ڏاڍي کِل آئي ۽ خبر ئي نه پئي ته ڪڏهن هوءَ مونکي ڀاڪرين پئجي وئي هئي.. قاتل نگاهون، سنها چَپ، گلابي رُخسار ، ويڪري ڇاتي، ڪاري جوڙي ۾ خوبصورت شازو جي ٽِڪن واري پوتي چانڊوڪيءَ ۾ چمڪندي هئي ته منظر حسين لڳندو هو.“

سگريٽ جو هڪ ڊگھو ڪش هڻندي سمير ڳالهه اڳتي وڌائيندو رهيو.. هُن کي جڏهن به مونسان ملڻو هوندو هو ته ته پاڻ سان گولڊ ليف جو پاڪيٽ وٺيو ايندو هو… هُو سگريٽ پيئڻ جو عادي نه هو پر شازو جي جدائي کيس سگريٽ جو موالي ڪري ڇڏي هو … وڏا وار، وڌيل ڏاڙي (مستن وانگر) نومبر جي ٿڌين راتين ۾ اڪثر هُو مون وٽ ٽي شرٽ پائي ايندو هو، جيڪٽ پائڻ تي شايد ڪاوڙ لڳندي هيس..
” ها ته مون ڇا پئي چيو !؟ “ سمير سگريٽ جو ڊگھو ڪش هڻندي ڳالهه اڳتي وڌائڻ لڳو.
” هوءَ پاڪ هئي. هُن ڪڏهن به مونکي خراب ڪونه سمجھيو. هن جي 15 نومبر تي سالگره هوندي هئي نومبر مهينو ايندو هو ته هُوءَ خوشي مان جھومي پوندي هئي، 18 سيپٽمبر واري ڏينهن عليءَ کيس گھر گھرايو هو… ماڻس وارا ڳوٺ ويل هئا ۽ هوءَ گھر بور ٿي رهي هئي تنهنڪري هوءَ علي جي گھر وئي هئي.. علي کيس پنهنجي سڳي ڀيڻ سمجھندو هو. چاچا خان محمد کي ڌيءَ جو اولاد نه هو ان ڪري چاچي حسنا کيس پاليو هو..
علي بِي اي ڪري رهيو هو ۽ آئون حيدرآباد ۾ هئس. عليءَ کي هُن جي مذاق ڏاڍو وڻندي هئي جڏهن هوءَ ذرينه جو ذڪر ڪندي هئي ته علي کيس مُسڪرائي چوندو هو ڇڏ انهي ذري کي ، ذري به عجيب آ ذري ذري مونکي تنگ ڪندي رهندي آهي، ادي! ڏي خبر انهي ذري جي گذريل ڪجهه ڏينهن کان اسان جي گھر نه پئي اچي !؟ ڪٿي ڪاوڙي ته ناهي !؟
ذرينه عليءَ جي مڱيندي آهي ۽ هُن سان علي تمام گھڻو پيار ٿو ڪري مارچ 2014ع ۾ ٻنهي جي شادي آهي …
ها! شادي مان ياد آيو هُن جي مائٽن ڏانهن مون اميءَ کي موڪليو هو پر ماستر حيدر نه مڃيو… ماستر چيو ته منهنجي نياڻي اڃا ننڍي آهي جڏهن وڏي ٿيندي تڏهن ئي ڪو فيصلو ڪندس . مائٽن کي ته 18 سالن جو جوان به 8 سالن جو ٻار ٿو لڳي..“
” هي وٺ چانهه !“ مون سمير ڏانهن چانهن وڌائي، ايشٽري ۾ سڙيل سگريٽن جو تعداد سورنهن کان مٿي هو ۽ موبائل ۾ رات جا 12 وڄي رهيا هئا..
سمير چانهن جو سُرڪ ڀريندي چئي ٿو ته ” شازو کي مون ستاره هوٽل تي آگسٽ جي شايد ويهين تاريخ تي گھرايو هو، خوبصورت جوان ڇوڪري اڇي سنڌي وڳي ۾ ويتر خوبصورت لڳي رهي هئي. سندس هٿ ۾ آئس ڪريم جا ٻه پيڪٽ هئا…
”شازو !“
”ججج.. جِي “
” اڄ ڇا جو ڏينهن آهي !؟“ مون پڇيو مانس
”مون اڄ اخبار ناهي پڙهي ۽ منهنجو موبائل به صحيح ٽائيم نه پيو ڏيکاري۔۔۔“
”ڇا َ؟؟ “
“ اَاا.. توهان الائي ڇا پڇيو ؟ مون ته اُبتو توهانکي پنهنجي موبائل ۽ اخبار جي باري ۾ ٻڌايو… “هُوءَ ٿورو هٻڪي چوڻ لڳي هئي…
”خير آ شازو !، در اصل ڳالهه هي آهي ته آئون نوڪريءَ جي تلاش ۾ ڪراچي وڃي رهيو آهيان“
”ڇا !؟ ڪراچي ! پلز پليز سمير ائين نه چئو “ هن جي چهري تي اُداسي ڇائنجي وئي هئي۔
” تون جيڪر ڪراچي ويندين ته پوءِ منهنجو ڪهڙو حال ٿيندو !؟ “
” اڙي ! روئين ڇو ٿي !؟ مان ڪراچي ٿو وڃان ڪو مُلڪ ٿوروئي ٿو ڇڏيان ! هونءَ به مونکي ڪجهه ٿيڻو آهي ، آئون چاهيان ٿو ته دولت، عزت ۽ شُهرت ٽئي شيون مونکي مِلي وڃن ته جيئن تو وارو ماستر (پيءُ) مونکي تنهنجي قابل سمجھي “
” ڇا !؟ ڏِس سمير آئون توکي وڃڻ ڪونه ڏينديس، بابا سان آئون ڳالهائينديس ته مونکي سمير گھُرجي ، آئون سمير کي پنهنجو جيون ساٿي ڪرڻ ٿي چاهيان “
” چري آهين ڇا !؟ ڇوڪري ٿي ڪري پيءُ سان ڳالهائينديئن ! سو به پنهنجي رشتي جي باري ۾ !؟ نه با نه ائين ڪونه ٿيندو، ماستر اڳئي چيڙاڪ ماڻهو وري جو تون اها ڳالهه ڪنديئين ته ويتر باهه ٿي ويندو ۽ پوءِ توکي ڪج…………… “
” مان پاڻ سنڀالينديس ! مونکي ڪجهه به نه ٿيندو، اگر ڪجهه ٿيو ته آئون پنهنجو پاڻ کي شُوٽ ڪري ڇڏينديس “ شازيه منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو
اهو جُملو ٻڌائيندي سمير جي اکين جو بند ٽُٽي پيو، سگريٽ جو ڦُلو وڌي ويو هو پر هُن کي خبر نه پئي ۽ هُو سُڏڪا ڀريندو رهيو . ” شام جو پهر هو ۽ آسمان تي ڪڪر ڇانيل هئا “ سمير لُڙڪ اگھندي ڳالهه اڳتي ٻڌائي ٿو
” ڪڪر ته منهنجي اکين ۾ وسي رهيا پر آسمان تي ڇانيل ڪڪر به اداسي جو هڪ منظر پيش ڪري رهيا هئا….. ۽ هوءَ واپس گھر وڃي رهي هئي سندس سينڊل جي ٽڪ ٽڪ تي منهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ وڌندي وئي… هوءَ ناراض ٿي وئي هئي “
” جي سَر ! ڪافي يا چانهه؟ “ بيري موئدبانه انداز ۾ چيو ۽ مون کيس ڪافي جو آرڊر ڏنو..
موبائل سائلينٽ تي هئو، خبر ئي نه پئي ۽ ميسجن جو تعداد لڳ ڀڳ پنجٽيهن کي وڃي پهتو هو
” برادر ڪهان هو؟ آئي ايم وئيٽنگ فار يو ايٽ بس اسٽاپ“ محسن علي جو ميسج هو.هن سان گڏ ڪراچي وڃڻو هو .
” ڪمنگ اِن فائيو منٽس، وئيٽ پليز “ مون کيس جوابي ميسج موڪيلو هو ، ڪافي کي ائين پي ويو هئس ڄڻ ته پويان وڏي مصيبت ايندي هجي. مصيبت ته اچڻي هئي سا آئي … مونکي ڪراچيءَ ۾ آئي، ٽي (3) ڏينهن ئي مس ٿيا هئا جو شازيه جي بيماري جي خبر ٻُڌي هئم، هُن کي سخت بخار ٿي پيو هو ،
” بخار آ لهي ويندس تون اُتي ئي رهه واپس نه اچجانءِ “ سندس ساهيڙي سندس فون تان مونکي ميسج ڪيو هو.
” آءِ وانٽ ٽو ٽاڪ وِٿ هَر ، پليز ادي سلمه مونکي هُن سان ڳالهرايو “ مون شازو جي ساهيڙيءَ کي شازو جي موبائل تان جوابي ميسج موڪيلو هو
” ادا، شازيه توهان کان ناراض آ چوي ٿي ته ايندين پوءِ ڳالهائينديس “
” اوڪي جيئن سندس مرضي، پر ياد رکي مون کي سُک نه ايندو “۔ اسان جي ميسج تي ڳالهه ٻول هلي رهي هئي .
ڊور بيل جي آواز تي منهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي وئي هئي.
”ڪير آهي ؟ “ مون اندران بغير در کولڻ جي آواز ڏنو۔۔
” مان آهيان محسن!، يار ارجنٽ در کول “
” ڇو ؟ ڇا ٿيو ، خير ته آهي نه !؟ “ مون در کوليندي محسن کان پڇيو هو.
” يار ! آئون ڳوٺ ٿو وڃان، ڳوٺ ۾ جھيڙو ٿي پيو آهي “ محسن بيگ ۾ ڪپڙا پيڪ ڪندي مونکي جواب ڏئي رهيو هو….
سمير گولڊليف جا ارڙنهن سگريٽ ساڙي چڪو هو. مون کيس فريش اپ چيوگم ڏيندي چيو ته
” هي وٺ ! رات ڪافي ٿي چڪي آهي. خير رات کي ڇڏ تون ڳالهه اڳتي وڌاءِ “۔
” محسن علي جي وڃڻ کان پوءِ آئون ۽ ڪراچي جو هڪ دوست فليٽ تي رهندا هئاسين ، سيءُ به هو پر مون کي سيءُ جي پرواهه نه هئي ، آئون ليپٽاپ تي فيسبُڪ فرينڊس سان ڪچهري (چيٽ) ڪري رهيو هئس، دل کي سُڪون نه پئي آيو پر ڇا ڪريان ها !؟ … ٿورِي دير ئي گذري هئي جو هڪ درد ناڪ خبر منهنجو جيءَ کي جھوري وڌو هو
” هيلو ! سمير…..! “ موبائل تان آواز آيو
” جي توهان ڪير !؟ “ مون وراڻيو.
” شش..ش… شازيه! “ سلمه جو آواز هو ۽ هو روئي رهي هئي۔
” ڇا! ڇا ٿيو شازيه کي !؟ هوءَ ڪيئن آهي؟ “
” هُوءَ اسان کان پري ٿي وئي…… مٺڙي ننڊ ۾ سمهي پئي آهي……“
” واٽ !؟؟ “
ها ان واٽ جي جملي منهنجي زندگيءَ تي واٽ لڳائي ڇڏي . آئون تڪڙ مان بس اسٽينڊ طرف روانو ٿيس…
” اڃا ڪيتري دير لڳندي !؟ ، اڄ بس دير ڇو ڪئي آهي ؟ “
مسافر هڪ ٻئي کان پُڇي رهيا هئا ۽ آئون اندر ئي اندر ۾ پنهنجو پاڻ کي پٽڻ ۽ روئڻ لڳس.. مون پنهنجي کيسي ۾ ڏٺو ته پئسا ڪافي هئا ، ٽيڪسي ڪَرائي آيس پئي ته نوري آباد وٽ ٽائر پنڪچر ٿي پيو ، اڌ ڪلاڪ منهنجو اتي ضايع ٿي ويو هو ..
” سمير ڪيتري دير ۾ ٿو اچين !؟؟ جنازو کڻڻ ۾ باقي هڪ ڪلاڪ بچيو آهي “
سئوٽ بلال مونکي آگاهه ڪندو رهيو ۽ آئون اهوئي چوندو رهيس ته
” بس مان اجھو ٿو پهچان ٿوري دير ، ها مان ڪلاڪ ۾ پهچان ٿو “۔
حيدرآباد ڪراس ڪيوسين ته تقريبن 25 منٽ باقي بچيا هئا ۽ ڳوٺ پهچڻ ۾ اهي ئي پنجويهه منٽ لڳندا آهن اگر گاڏي جي رفتار 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هجي ته . هٽڙي ڪراس ڪئي سون ته اڳيان روڊ تي رش گھڻي هئي، معلوم ڪيوسين، خبر پئي ته ڪنهن پارٽي جي ڪارڪن کي ڪنڌڪوٽ واري پاسي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو تنهنڪري پارٽي وارن جو ڌرڻو هيو…“
سمير اها ڳالهه ڪندي روئي پيو هو ۽ منهنجي اکين مان به لُڙڪ نڪري آيا هئا..
” بس ! انهن پارٽي وارن منهنجي شازو جو آخري ديدار ڪرڻ به نه ڏنو ! “ سمير مسلسل روئي رهيو هو ۽ آخري دُکيل سگريٽ سندس هٿ ۾ هو “.
” دلجاءِ ڪر ، الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏيندو “ مون سمير کي ڪُلهن کان جھلي آٿت ڏيندي چيو هو.
” ها…… نه ئي مان ڪراچي وڃان ها، نه ئي اهڙي مصيبت اچي ها “ سمير ٿڌو ساهه ڀريندي ڳالهه ڪنٽينيو (جاري) ڪرڻ لڳو۔
” ۽ اڄ تائين هُوءَ منهنجي خوابن ، خيالن ۾ ايندي ۽ چوندي آهي ته
” يُو وَر سو ليٽ سمير (تو الاهي دير ڪئي سمير) “ ۽ هو منهنجو هڪ به لفظ نٿي ٻُڌي سگھي…… “
سمير جو آخري سگريٽ جو آخري حصو هو هُو سگريٽ جو آخري ڪش هڻي رهيو هو ته اچانڪ هڪ جھٽڪو محسوس ٿيو ، سمير کي دل ۾ سور پيو هو..
”سمير ! سمير ! واٽز دِس سمير !؟ لسن، لِسن سمير!؟؟ (سمير! ڇا ٿيو سمير!؟ سمير ! ٻُڌ ، سمير !؟؟) ”.. سمير ٻُڌڻ جهڙو نه رهيو هو ۽
آئون کيس هاسپيٽل کڻي اچي رهيو هئس ته ٽريفڪ جام هئي، موسم ٿڌي هئي نومبر جي 15 هين تاريخ چار ڪلاڪ پهريان ٿي چُڪي هئي… هاسپيٽل پهچندي ڊاڪٽر جي جملي منهنجي پيرن هيٺيان زمين کسڪائي ڇڏي هئي
” يو آر سو ليٽ ، هي از ناٽ هيئر نائو (توهان تمام گھڻي دير ڪئي، هِي (سمير) هاڻ هتي (هن دنيا ۾) ناهي رهيو) ” ….

About Ubed Thaheem

Check Also

آئنسٽائن ۽ ان جي زال

دنيا جو ذهين ترين انسان آئنسٽائن ننڍپڻ ۾ دماغي طور تي ڪمزور انسان هو، سندس …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *