Powered by free wordpress themes

Home / stories / Mithaa Mehran Men milbo

Powered by free wordpress themes

Ubed Thaheem at Indus River
Ubed Thaheem at Indus River

Mithaa Mehran Men milbo

مٺا مهراڻ ۾ ملبو…
(آئون مهراڻ جي جھوليءَ ۾ وڃي رهيو آهيان.)
صبح جو پهر آهي، مهراڻ ۾ مستي گھٽ آهي، پري پري ڪٿي ڪو مهاڻو ٻيڙيءَ ۾ اداس ويٺل نظر اچي رهيو آهي، المنظر تي گاڏين جي روانگي روز جيان جاري آهي ۽ آئون به پنهنجي ليپ ٽاپ، ڊجيٽل ڪئيمرا ۽ 125 بائيڪ سميت المنظر جو آخري ديدار ڪري رهيو آهيان، حيدرآباد ۽ ڀرپاسي جون ڇوڪريون پوائنٽ بسن ۾ خوشيءَ سان يونيورسٽي وڃي رهيون آهن ۽ مونکي به انتظار آهي سندس اچڻ جو ، شدت سان انتظار !
انتظار لفظ اُچارڻ ۾ ته آسان آ پر ان جي حقيقت تمام ڏکي آ…وقت جو ڪانٽو پنهنجي تيز رفتاري ڇڏي ڍرو ٿي پيو آهي.. انتظار آهي وقت جو! جيڪو هِن سنڌ ۾ دودو ٿي ايندو ۽ چنسير کي شڪست ڏيندو، انتظار آهي اُن وقت جو جڏهن سنڌ آزادي ماڻيندي ! انتظار آهي اُنهن گھڙين جو جڏهن هن سماج مان ڪاروڪاري جي ڪُڌي رسم ختم ٿيندي ! انتظار آهي اُن سمي جو جڏهن مُلڪ مان غُربت جي راڪاس کي ماريندڙ حڪومت ايندي ، مونکي ڪرپٽ حڪومتي ادارن جي سُڌرڻ جو انتظار آهي، مونکي نشي آور شين جي بند ٿيڻ جو انتظار آهي، مونکي انتظار آهي اُنهن گھڙين جو جڏهن سڀئي سنڌ واسي مُتحد ٿي هِن مُلڪ مان ڪرپشن جي راڪاس کي ماريندا. ! اهو انتظار شايد انتظار ئي رهجي ويندو… مونکي انتظار آهي نئين ٽهيءَ جي سُهڻيءَ جو جيڪا مونسان مِلڻ لاءِ سنڌوءَ جي ڪناري تي اچڻي آهي…. انتظار جون گھڙيون جيستائين ختم ٿين تيسيتائين آئون پنهنجي ليپٽاپ تي آخري ٽائپنگ اوهان جي پڙهڻ لاءِ لکي رهيو آهيان.. منهنجي زندگي هڪ ليپٽاپ ڪمپيوٽر جيان آهي جنهن کي کولڻ ۾ ته وقت لڳو آهي پر بند ڪرڻ لاءِ ان جي بيٽري لائيف ئي ڪافي آهي ! منهنجي بيٽري لائيف (حياتي) ختم ٿيڻ کان پهرين توهان کي ٻڌائيندو هلان ته آئون هتي (المنظر پُل، ڄامشورو) تي هر اربع ۽ سومر جي ڏينهن ايندو رهندو آهيان ڪنهن سنڌي ڊرامي جي قسط جيان ….گذريل ٻن مهينن کان هتي اچڻ منهنجو معمول بڻجي چُڪو آهي !
        “ هيلو ! ڪاٿي آهيو  سُهڻا !؟” آواز ڄاتل سُڃاتل آهي پر نمبر اڻڄاڻ آهي،
“ جِي توهان سُهيل پيا ڳالهايو !؟ ” مون هُن کي جواب ڏيڻ بدران پڇيو
“ ها يار! هِيءَ جِي.ايم جو نمبر آهي ، يار اڄ شام راڻي باغ هلڻ جو موڊ آهي توهانجو ڇا خيال آهي ”
“ منهنجي دل گھمڻ ڦرڻ تي نٿي چوي ، توهان ڀلي وڃجو ”
“ ٺيڪ آ پوءِ اسان به نٿا وڃون !…. ڇو ته توکان سواءِ اسان جو وڃڻ….. بيڪار آهي ” هُو مايوس ٿي ويو هو.
“ هاهاهاهاها ! ڇو؟..
مان ڪاڪو (پئسن کي اسان ڪاڪو ڪري سڏيندا آهيون) آهيان ڇا؟”
“نه !  اُن جو به پيءُ ” سُهيل جي انهي لفظن تي ڏاڍي کِل آئي هئي..
ٻنهي پاسي ٽهڪن جي تسلسل کي ٽوڙيندي وراڻيم “ سنگت جو موڊ ٺاهڻ به ڪو اوهان کان سکي! ”.
“ معنيٰ ته قاضِي هوگيا راضي ! ” سُهيل جي ان جملي هڪ ڀيرو ٻيهر ٽهڪن جي درياء ۾ ٽُٻي هڻڻ تي مجبور ڪيو..
        شام جو پهر هو، سج پنهنجي سموري ڏينهن جا ٿَڪ لاهي رهيو هو.. اسان ٽئي دوست موٽر بائيڪ تي نيشنل بئنڪ بلڊنگ ڪراس ڪري راڻي باغ قاسم آباد وڃي رهيا هئاسين….
“ سَر! بائيڪ ڪا لاڪ اگر ڪام ڪرتا هي تو 30 روپيه اگر نهين تو 60 روپيه بائيڪ ڪي ٽڪيٽ هي ” اڇن سنڌي ڪپڙن ۾ ، وڏا وار رکيل سنڌي نوجوان اسان کي اردو ڳالهائيندڙ سمجھي اردوءَ ۾ چوڻ لڳو..
ٽڪيٽ وٺي راڻي باغ ۾ لٿاسين ته دل جي ڌڙڪن ۾ اضافو ٿي ويو ، فَن لينڊ ۾ اندر داخل ٿياسين ته ڪئين حيدرآباد جون حسينائون پنهنجن قاتل نگاهن ۽ کُليل وارن سان پنهنجي فيمليءَ سان گڏ گھمي رهيون هيون…
“ اچو هِن پاسي ” سُهيل اسان کي فَن لينڊ جي گيٽ اڳيان اولهه ڏانهن وڏي جهولي ۾ هلڻ جو چيو ..
“ پيارا مان نه چڙهندس !” جھولو ڏسندي ئي منهنجو مَن ڏڪڻ لڳو ، ڪجهه جوانن جي چهري تي خوشي ۽ خوف هڪ ئي وقت ڏيک ڏئي رهيا هئا…
“ ڇو ! ڊڄي وئين ڇا !؟” سُهيل ڪُلهي کان جھلي مونکي چوڻ لڳو . “ لڳي ٿو توسان به پَپُوءَ واري ڪار ڪرڻي پوندي ”….
“ نه يار مان چڙهندس پر اِها پپوءَ واري ڪار ٻيلي مونسان نه ڪجو ” مون ڪَن پڪڙي چهري تي مُرڪ آڻيندي چيو..
جهولي ۾ چڙهياسين …. اسپيڊ وڌندي وئي ۽ منهنجي دل جي ڌَڙڪن به تيزيءَ سان وڌندي وئي… اکيون ٻُوٽي ڇڏيم …. دل ۾ وهم ۽ وسوسا گھر ڪري رهيا هئا… جيڪر هتان بچي نڪتس ته معصومن ۾ مٺائي ورهائيندس…. اهڙا ڪيئن خيال منهنجي ذهن ۾ اُن جهولي جيان تيزيءَ سان ڦري رهيا هئا…. هٿ سِيٽ جي پاسي ۾ لڳل لوهي پائپن ۾ کُپائي ڇڏيم …
چپ ۽ ڏند ايلفيءَ سان چنبڙيل ٻن رٻڙ جي پُڙن وانگر پاڻ ۾ ملي ويا.. هوا جھڪي ٿي، دماغ ۾ ڊوڙندڙ وسوسن جي اسپيڊ هوريان هوريان هلڪي ٿي رهي هئي.. جھولو بيٺو ۽ منهنجي دل جي ڌڙڪن گھٽ ٿي…
“ آآ…………..!!!؟” مون کان دانهن نڪري وئي… اکين اڳيان اونداهه اچي وئي هئي..
“ ڇا ٿيئي !؟ ” سُهيل پويان واري سيٽ تان منهنجي ڪُلهي تي هٿ رکي حيرانگيءَ مان پُڇيو
“ انڌو ٿي ويس… !! اکين کان ڪجهه نٿو ڏسان. ”
“ هاهاهاهاها…. چهري سي نقاب اُٺائوگي تو ديکو گي” هُن جي تنزيه جملي تي پاسي ۾ ويٺلن کان کِل نڪري وئي..
چهري ٿي هٿ ڦيري ڏٺم….ڪاري رنگ جو ريشمي رئو چهري سميت پوري بدن تي ڇانيل هو… جھولي مان هيٺ لهندي ئي اهو رئو پنهنجي ڪُلهن ۾ لٽڪائي ڇڏيم … سنگت سڄي ٽوڪ ڪرڻ مشغول ٿي وئي..
“ اڙي مجنون ! هاڻ ته انهي رئي(پوتيءَ ) کي اُڇل، پرائو کڻي خوار ٿو ٿين.”
“ ڏِس سرمد! مان جيستائين ان پوپريءَ کي سبق نه سيکاريندس تيستائين هي رئو به نه لاهيندس، چاهي مونکي اهو رئو فليٽ تائين به ڇونه کڻي وڃڻو پوي ، کڻي ويندس….”
“ هاهاهاها… سُهڻا! هِي حيدرآباد آهي حيدرآباد ! تو وارو ٽنڊو آدم ڪونهي ،… هتي اهڙيون ڪئين عزتون (رئو) لهن ٿيون ۽ ٻي ڳالهه ته اها پوتي ڪنهن اميرزاديءَ جي لڳي ٿي .. ڀلا …. اميرزداي ان معمولي پوتيءَ کي ڇا ڪندي،،! هُوءَ نئين وڃي وٺندي…” سُهيل جي ڳالهه کُٽڻ جي نه پئي لڳي هُو ڳالهائيندو اڳتي آئيس ڪريم جي ڪينٽين ڏانهن وڌي رهيو هو….
        “ڪنهن هنيو  !؟” مونکي پُٺن ۾ ڪا شئي لڳي شايد ڪو پٿر هجي… ايڪوسائونڊ جي آواز جي ڪري سُهيل ۽ سرمد منهنجو اِهو جملو نه ٻُڌو اگر ٻُڌن ها ته ويتر ٽوڪون ڪن ها….
“ اوئي مجنون !؟” پويان سڏ ٿيو … ڪنهن سڏيو …!؟ پوئتي نهارڻ لڳس… رش وڏي هئي…. هوندي پنهنجي ڪنهن عزيز کي سڏيندي….
“ اوئي مجنون وائٽ سُوٽ والي ”…. شڪ ٿيم  .. پوئتي نهارڻ لڳس…..رش وڏي هئي… ۽ مون طرف متوجه ڪوبه نه هو…….
“ ڀائي تين جُوس !” سرمد جوس واري کي آرڊر ڏيندي چيو…
“ سرمد! مان ته چِيڪُو جو جُوس پيئندس، توهان ڀلي ايپل پيو يا ٻيو ڪو..” مون سرمد کي چيو …. جُوس جا گِلاس هٿن ۾ هئا.. اچانڪ پُٺن ۾ ساڳي شيءِ لڳي… ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويس.. مُڙي نهاريم ته حيران رهجي ويس… خوبصورت چوڏهين جو چنڊ ڄڻ زمين تي لهي آيو هجي.. وکريل وار، صحرا ۾ اڪيلي وڻ مان نظر ايندڙ چوڏهين جي چنڊ جهڙو خوبصورت چهرو .. تلواري ڀرون…قاتل نگاهون…خوبصورت نَڪ…گُلابي رُخسار…چپن تي مُرڪ هٿن تي مينديءَ جا گُل…. خوبصورت ۽ ويڪري ڇاتي…. پهريون ڀيرو ڏٺم ته لفظن اڳيان خاموشيءَ جو در لڳي ويو… ڳالهايان پر ڇا !؟؟ هُو مسلسل سواليه نگاهن سان مونکي گھوري رهي هئي…
“ ڪيا هي !؟، شرم نهين آتي جو پرائي اڻڄاڻ مرد ڪِي آنکون ۾ آنکين ملاتي هو”… منهنجو ائين چوڻ ۽ هُن جو کِل ۾ ٻُڏڻ … هُو کِلي ته ڄڻ گُلستان مان خوشبوءِ اُڏامي منهنجي اڳيان گذري رهي هجي….
”هاهاها… جناب اردو ٻولي جيڪر نه ٿي اچيوَ ته سنڌي ئي ڳالهايو.“ هُن تنزيه لهجي ۾ چيو ۽ منهنجي چهري تي مصنوعي ڪاوڙ لهي آئي
“ ها ! ها ! خبر آ… وڏي آئي سنڌ نياڻي….، پوتيءَ وٺڻ لاءِ غير مرد اڳيان اڪيلي بيٺي آهين،، اِهو سنڌين جي شان خلاف آهي ”…
“ اوڪي! مونکي پنهنجو رئو ڏيو ” هُن جي چهري تان مُرڪ هڪدم غائب ٿي وئي ، شايد هُن کي منهنجي ڳالهه نه وڻي … هُن هٿ اڳتي وڌايو ۽ منهنجي ڪُلهن مان پنهنجو رئو لاهڻ لڳي….. مون رئي (پوتيءَ) کي هڪ هٿ سان قابو پڪڙي رکيو…..
“ هڪ شرط تي ڏيندو سانءِ ”.. مون هُن جي چهري سواليه نگاهن سان سوال ڪيو..
“ ڪهڙي  شرط !؟ ” هُو پريشان ٿي وئي هُئي !… سوچيم پئي ته هِن جي دل ڏکائي اٿم هاڻ کيس کلايان نه ته آئون مسلمان ئي نه رهندس..
        ‘ مسلمان ئي نه رهندس’ مان منهنجو مطلب آهي ته اسان جي پيغمبر صه جن فرمايو ته “ مسلمان اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان سان ٻئي مسلمان کي ايذاء نه اچي ”، سو مون به مُرڪي چيومانس ته
“ تون کلين ٿو سڄڻ گُل ٽِڙي ٿا پون….!”
هُن منهنجي بي سُري آواز تي کلندي چيو “ گِلاس ۾ جيت پئجي ويو!” … مون گِلاس طرف نهاريو جنهن ۾ جيت نه هو! …   هُوءَ غائب ٿي وئي…. منهنجي ڪُلهي مان رئو غائب هو، هُوءَ پنهنجي ساهيلين سان گڏ بيهي کِلڻ لڳي هئي….
سُهيل پُڇڻ لڳو“ ڪير  هئي !؟” ته وراڻيم “اميرزادي هئي! آئي هُئي رئو وٺڻ!.“ ٻه ڏينهن کان پوءِ منهنجي ذهن مان ان جو خيال ئي مٽجي ويو هو،، پڙهائي ۽ ڪم ۾ ايترو مشغول ٿي ويو هئس جو ڪڏهن ڪڏهن ماني به صحيح ٽائيم تي نه کائيندو هئس، ان رات واري ڇوڪري جو خيال ٻيهر جڏهن راڻي باغ وياسين تڏهن ئي آيو هو…
 “ هُو ايندو صبا !….. ايندو! توهان مونکي پليز ڊسٽرب نه ڪريو، Leave me alone please ”..
 منهنجي ڪنن تي اهو آواز پيو ته مُون مُڙي نهاريو، …. فن لينڊ ۾ چوڏول جي سامهون واري ڪينٽين تي ساهيلين سان گڏ ويٺي هئي….. مون کيس ٻيون ڀيرو هڪ مهيني کان پوءِ ڏٺو هو، کيس نيري رنگ جو سُوٽ پهريل هو، قاتل اکين ۾ ڪجل بجاءِ رت ڏيک ڏئي رهيو هو ، گُلستان جهڙي چهري تي معطر ڪندڙ مُرڪ بدران اُداسيءَ جا آثار چٽا نظر اچي رهيا هئا.. دل چيو پئي وڃي پُڇانس ته “ ڇو ٿي روئين ؟” پر هُو مونکي ڪهڙو جواب ڏيندي !؟ ڪٿي منهنجي انسلٽ (بيعزتي) ڪري وجھي ته پوءِ هنن سنگتين جي اڳيان ته ڪنڌ کڻڻ جهڙو به نه رهندس….
“ نه آڪاش وڃ ! وڃي پُڇينس ! ڪنهن کي روئندو ڏسي کيس دلداري ڏيڻ ۾ اگر هي ماڻهو ٽوڪ/چٿر ڪن ته ڀلي ڪَن! هونءَ به لوڪ کي ڇا آهي!؟ ” منهنجو ضمير مونتي ملامت ڪري رهيو هو… پر اندر جو آڪاش عزت جو سوچي ڊڄي ويو هو ! وار ڪانڊارجي ويا هئا، ايترو سيءُ به نه هو پر هٿ پير ٿڌا ٿي ويا،..
دل ٻڌي پڇانس ٿو ! جيڪو ٿيو سو ڏٺو ويندو!
“ ايڪسڪيوز مي (Excuse Me) ”…!
هُوءَ اُٿي بيٺي ! شايد مونکي ڏسي ڊڄي وئي هئي ! ڪجهه پل خاموش نگاهن سان نهاري منهنجي گلي لڳي روئڻ لڳي هئي !.. آئون ويتر سوچن ۾ ٻُڏي ويس! کيس ڪهڙي انداز سان پرچايان ! منهنجو ضمير چوڻ لڳو “ هيءَ هِڪ غير عورت آهي، کيس مٿي تي هٿ رَکي پرچائينس…” پر منهنجي ذهن قبول نه ڪيو! آئون ذهن ۽ ضمير جي جهيڙي تي مايوس ٿي ويس.. آخر ذهن پنهنجو آخري فيصلو ٻڌايو ته “ نه پرچائينس.. ! ڇوڪري پاڻ جيڪو توکي رشتو سڏي ان تي عمل ڪجانءِ” ۽ مونکي ذهن جي ڳالهه ۾ وزن واري لڳي..
سندس ساهيڙين جي تاڙين جي آواز تي منهنجي سوچن جو تسلسل ٽُٽي پيو… هڪدم پاڻ کان پري ڪري پڇيو مانس “ آر يُو…….” هُن منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي ڇڏي چپن تي هٿ ڏئي ماٺ ڪرائڻ لڳي “ششش….!! اڄ تون نه ! مان سوال ڪنديس ! ۽ جواب تون ڏيندين ”… هُو گرم لُڙڪ اُگھي چپن تي هلڪي مُسڪراهٽ آڻي چوڻ لڳي…. مون محسوس ڪيو ته هُو مونکي دوستي جي رشتي ۾ پُڇي رهي آهي.
“ سڀ کان پهرين توهان پنهنجو تعارف ڪرايو !”…
 منهنجو ته ڄڻ ساهه ئي مُٺ ۾ اچي ويو هجي ! سندس اکين ۾ نهاريندي وراڻيم “ منهنجو نالو آڪاش آهي، مان پاڪستان اسٽڊي جي پهرين سال (فرسٽ يئر) جو شاگرد آهيان..”
هُوءَ مسڪرائي ! ڄڻ مون پاڪستان اسٽڊي نه پر چرين جي شعبي ۾ داخلا ورتي هجي.!!
اسان ٻئي چهل قدمي ڪندا فن لينڊ کان ٻاهر نڪري آيا هئاسين …
“ بيسيڪلي ڪٿان جا آهيو! ؟” هُوءَ آئس ڪريم جو ڊسپوزايبل گلاس ڦٽو ڪندي پُڇڻ لڳي…
 “حيدرآباد! ، پر ڇو !”
“ ائين ئي! پُڇيم ٿي! ڪو حرج!؟”
“ نه نه ! سئو ڀيرا پُڇو! …. پر…!! ”
“ پر !!! پر ڇا !؟”
“ مان در اصل سنڌ جي هڪ ننڍڙي شهر جي غريب خاندان جو غريب شهزادو آهيان ” مون  نه چاهيندي به اهي لفظ پنهنجي زبان مان ڪڍي ورتا..
“ مونکي ڪو فرق نه ٿو پوي!”
“ واٽ!؟؟؟”
“ يس مسٽر آڪاش….! مونکي غريب يا امير هجڻ سان ڪو فرق نٿو پوي ! مان صوفِي طبعيت جي ڇوڪري آهيان، اسان جي نظر ۾ سڀ برابر آهن ”
“ ويل! … يوئر نيم (Well! Your name ?) .”
ڪجهه پل جي خاموشي کان پوءِ منهنجي اکين ۾ اکيون وجھي جواب ڏيڻ لڳي“ سويرا احمد،،،، هِن سال انٽر ڪئي آهي ميڊيڪل سائنس ۾  ..”
“ معنيٰ ته ڊاڪٽر ٿيندئين! ..”
“ ڪو شَڪ !”
“ نه! اِهو چوڻو هو ته !… جيڪڏهن ڊاڪٽر ٿين ته اسان جي دل جو علاج پهريان ڪجانءِ،، ڏاڍي ٿي ڌڙڪي!!”
“ دل جي ڌڙڪڻ اگر بند ٿي وڃي ته ساهوارو زنده ناهي رهي سگھندو ” هُوءَ چوڻ لڳي هُئي..
“ پرَ صوفين جو ڪجهه ٻيو ئي خيال آهي.. هُو چوندا آهن ته جنهن دل ۾ خدا ٿو وَسي اُها ڪڏهن به مرندي ناهي، اُن جو فاني جسم  چُرپُر ڪرڻ بند ڪندو آهي پر دِل نه !!..”
“ صحيح ٿا چون ! پر اڄ ڪلهه جو انسان خُدا کي دِل ۾ رهندي به ڏِسي نٿو سگھي..، اگر ڏِسي وٺي ته شايد ڪنهن جي به دِل نه ڏُکائي ..”
مونکي سندس ڳالهه ڏاڍي وڻي ، اسان تصوف جي موضوع تي دلچسپ ڪچهري ڪري رهيا هئاسين..
اسان هلندا رهياسين !…فَن لينڊ جو شور اسان کان پري ٿي ويو هو… پارڪ ۾ پيل ڪُرسين تي ويٺل فيمليز کي ڪراس ڪري پارڪ جي ڇٻر تي ويهي رهياسين … وقت پنهنجي تيزرفتاري سان گذري رهيو هو… رات جا سوا اٺ (08:15) ٿياهئا….  اسان جي ڪچهري جو موضوع اڃان تائين نه بدليو هو … اچانڪ اسان جي ڪچهري جو موڊ سُهيل جي فون ڪال خراب ڪري ڇڏيو..
“ ڪاٿي آهين ! يار مان تنهنجو ڪينٽين تي وئيٽ پيو ڪريان ”
“ اچان ٿو !”
“ اوڪي يُو ڪم ايٽ ايگزٽ ڊور ، آئي ايم وئيٽنگ ديئر ”.
        “ڇا ٿيو!؟” هُو حيرانگي مان پُڇڻ لڳي… “خير ته آهي ”
“ ها! خير آ ! …… دوست منهنجو باغ کان ٻاهر انتظار ڪري رهيا آهن. .”
هُو اُٿندي چوڻ لڳي “ اوڪي ! ٻيهر ملاقات ٿيندي رهندي،،” مون کيس هائوڪار ۾ دلاسو ڏنو. مونکي سڄو منظر هڪ خواب جيان لڳي رهيو هو، اهڙو خواب جيڪو حقيقت هوندي به خواب ئي هجي… هُن جي معصوم اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو، هُو بيهي رهي هئي، مون کي غور سان ڏسي رهي هئي… پري پري اسٽريٽ لائيٽ لڳل هئا ۽ اسان جي چهرن تي روشني پنهنجا پر پکيڙڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، هُو سڏڪڻ لڳي هئي… مون کيس هٿ پڪڙي دلاسو ڏنو ته پاڻ ٻيهر به ملنداسين ، هُو چوڻ لڳي، “توکي خبر آ! آئون پهرين ڏينهن کان ڪيترو رُني آهيان !”، هُو ڳالهه جاري ڪندي چوڻ لڳي “توکي گھٽ وڌ ڳالهائيندي رهي هيس.. سهيلين کي تنهنجو نالو ‘پاگل’ ٻڌايو هئم…هُو کِلڻ لڳيون هيون.. ۽ سندن ٽهڪ منهنجي دل تي ڇُري جيان چُڀي رهيا هئا… مونکي اُن وقت پنهنجي سهيلين تي ڪاوڙ آئي.. پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلي سر وهاڻو منهن کي ڏئي رُني هيس..” هُو روئيندي به رهي ۽ ڳالهائيندي رهي هُئي، “ منهنجي ساهيڙين جا لفظ پڙاڏو ٿي ڪمري ۾ گُونجي رهيا هئا.. در دريون هوا جي زور تي کُلي وري بند ٿي رهيون هيون… آڪاش ۾ تارا مونتي کِلي رهيا هئا ۽ آئون اڪيلي سر وهاڻو منهن تي ڏئي….” هُن مونکي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو هو.. هُو مسلسل روئي رهي هئي،، هُن جي روئڻ تي منهنجي اکين مان به لُڙڪ وهڻ لڳا..
آئون فطري طور حساس دل آهيان، ڪنهن تي ظلم سهندو ناهيان ڏسي سگھندو، ڪنهن کي روئندو ڏسي منهنجي اکين مان لُڙڪن جو بند ٽُٽي پوندو آهي ..
مون کيس دلداري ڏيندي وراڻيو “ قسمت جا چڪر آهن… پاڻ ٻيهر ملياسين نه! بس! هاڻ نه روءِ” منهنجا هٿ سندس نازڪ ڪُلهن تي رکيا هئا…هُو مسلسل سُڏڪي رهي هئي..
دل نه پئي چاهيو ته کيس ائين ڇڏي وڃان ، پر سُهيل جي ميسيجن جو تعداد وڌي ويو هو، هُو منهنجو ٻاهر گيٽ وٽ بائيڪ تي انتظار ڪري رهيو هو… نه چاهيندي به کائنس موڪلائي آئون راڻي باغ کان ٻاهر نڪري آيو هئس.،، فيلٽ تي پهچي طارق عالم ابڙي جو ‘رهجي ويل منظر’ پڙهڻ لڳس، مونکي ناول تمام گھڻو پسند آهن.. ‘رهجي ويل منظر’ جا لفظ منهنجي دل کي روئڻ تي مجبور ڪري رهيا هئا،، آئون سوچن جي صحرا ۾ ڀٽڪي رهيو هئس، اڪيلائي مونکي کائڻ اچي رهي هئي…
موبائل تي نئين نمبر جي ڪال ايندي ڏٺم…. اٽينڊ نه ڪيم… منهنجي عادت آهي ته نئون نمبر جلدي اٽينڊ ناهيان ڪندو، اگر ڪنهن کي ڪم هوندو ته ٻيهر ڪال ڪندو… موبائل فون تي ٻيهر ڪال اچڻ لڳي ..اٽينڊ ڪيم ..
“ آڪاش !” هُوءَ سويرا ئي هئي،
“ جِي !!! پُهچي وئين گھر !”… مون هلڪي آواز ۾ کائنس پُڇيو
هُوءَ مُسڪرائي چوڻ لڳي“ نه ! گھر ناهيان! ”
“ ته پوءِ !؟ ”
“ تنهنجي سوچن جي صحرا ۾  گُم آهيان ! توکي ڳولهيم پئي..!” هُو چوڻ لڳي.. ان ڏينهن کان پوءِ روز اسان جي فون تي ڪچهري ٿيندي هئي، هر هفتي راڻي باغ ۾ هُوءَ مونسان ملڻ ايندي هئي.. ۽ هر ڀيري هڪ نئين انداز سان نروار ٿيندي هئي.. هُو صوفي طبعيت جي آهي، کيس صوفي سماع تمام گھڻو پسند آهي ،.. اسان ايترو ويجھو ٿي ويا هئاسين جو وڇڙڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو پر عشق جو انت هميشه وڇوڙو ئي رهيو آهي، هُو ان ڳالهه کي ڪوڙو ڪرڻ لاءِ مونسان شادي جي ڳالهه ڪري ويٺي ، مونکي سوچن ۾ گُم ڪري ڇڏيو هئائين.. مونکي پنهنجي غريبي تي دل ئي دل ۾ ڪاوڙ آئي…
منهنجو بابا هڪ پرائمري اسڪول ٽيچر آهي ۽ اسانجي مڊل ڪلاس فيملي آهي، بابا ۽ آئون هڪ دوست به آهيون ! هُو منهنجو پيءُ به آهي ته ٽيچر به ۽ دوستي ته ساڻس منهنجي ٻاراڻي وهيءَ کان آهي، پيءُ ته پنهنجي پُٽ کي سٺيون نصيحتون ڪندا آهن پر منهنجو بابا مونکي عمل ڪرڻ به سيکاريندو آهي.. “ پُٽ تنهنجي زندگي توکي ئي گذارڻي آهي، جتي تنهنجي دل چوي اتان ئي شادي ڪجانءِ پر هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ ته پسند جي شادي هميشه ناڪام وئي آهي”، منهنجي ذهن تي بابا جا لفظ پڙاڏو بڻجي ويا هئا،، جيڪر پسند جي شادي ڪندس ته برباد ٿي ويندس ۽ پوءِ هِي ويچاري ڇوڪري !! ڇو هِن کي پنهنجي مائٽن کان جُدا ڪيان… اسان صوفين کان دل ڳنڍڻ سکيو آهي نه ڪي ٽوڙڻ ، پوءِ هِن ڇوڪري جِي زندگي ڇو برباد ڪريان !! .. خاموشي ٽوڙيندي کانئس ڪلام ڪيم…
“سويرا! ”
“جِي ! ”
“ آئون توسان هڪ شرط تي شادي ڪندس !”
“ ڪهڙي  شرط !”
“ اگر ….! تنهنجا ماءُ پيءُ راضي هجن ته ”
“ زندگي مونکي گذارڻي آهي يا منهنجي والدين کي !، عجيب ڳالهه ٿو ڪرين ! منهنجو ته ساهه ئي مُٺ ۾ وجھي ڇڏيو هئي ”
“ سويرا! بيشڪ زندگي پاڻ کي گذارڻي آهي پر والدين جي دعائن سان نه ڪي انهن جي بد دعائن سان”..
“ ٺيڪ آ ! آئون امي سان ان باري ۾ڳالهه ڪنديس ! ۽ چونديم ته مونکي زندگي گذارڻي آهي ته صرف آڪاش سان، بس! هاڻ ته خوش ”
“ ها سويرا پر! هُو مونکي پسند ڪندا !؟”
“ منهنجي پسند کين پسند ڪرڻي پوندي ” هُوءَ فخر سان چوڻ لڳي…
“ مونکي خوف ٿو  ٿئي !”
“ ڇو ! ڇاجو خوف ! آئون ڪالهه به تنهنجي هيس ۽ اڄ به تنهنجي آهيان ۽ هميشه تنهنجي ئي رهنديس، توکي ڪهڙو خوف !”
“ سويرا! سويرا ! تون سمجھين نه ٿي ! تنهنجي ۽ منهنجي خاندان ۾ هڪ جهڙائي ناهي ! تنهنجو پيءُ توکي ڪنهن بي عقل امير جي هٿ ۾ ڏيڻ ته پسند ڪندو پر مڊل ڪلاس جي خاندان ۾ نه !”
“ اهو مونتي ڇڏ! آئون سڃاڻان ٿي بابا کي ! هُو منهنجي پسند ڪونه ٺُڪرائيندو ، هن ڪڏهن به منهنجي ڳالهه ٽاري نه آهي..”
“ ٺيڪ آ ! اگر تنهنجي گھر وارا راضي آهن ته دنيا جي ڪابه طاقت پاڻ کي هڪ ٿيڻ کان روڪي نه ٿي سگھي .”
   ذهن ۾ اڀرندڙ اڻکُٽ سوالن جو سلسلو ، بابا سائينءَ جا لفظ ‘پسند جي شادي هميشه ناڪام وئي آهي’ پڙاڏو بڻجي منهنجي ذهن ۾ گونجي رهيا هئا،، سوچن جي گهري سمنڊ ۾ گهلي ويندڙ سندس ياد جي ڇولي ! … مونکي اُن وقت پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ اچي رهي هئي! (هاڻ به ڪاوڙ آهي صرف اُن آڪاش تي جيڪو مڊل ڪلاس جو آهي ۽ امير ڇوڪريءَ سان عشق ڪري ويٺو آهي.) ڪريان ته ڇا ڪريان ! هُن جي والدين اگر انڪار ڪيو ته پوءِ آئون !!!… نه نه ائين نه ڪندس ، خودڪشي حرام ۽ ڪبيرو گناهه آهي، آخر ڇا ڪريان ! هُن سان عشق ٿي ويو آ، عشق ! جنهن جو نالو ٻڌندي ئي منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويندا هئا ۽ پري رهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس،،، آخر ڦاسي پيس ان قيد ۾ !” سوچون منهنجي اندر ۾ وڍ وجھي رهيون هيون… گذريل مهيني کان ناول پڙهڻ به ڇڏي ڏنو هئم، منهنجي زندگي به ناول جيان ٿي وئي هُئي..
“ هُن جي فون ڇو نه آئي ! پورو مهينو ٿي گذريو آهي ! آخر هُو ڪيڏانهن وئي ! هُن جا واعدا ، هُن جا لفظ ! هُن مونکي جواب ڇو نه ڏنو !” دماغ ۾ ڪئين سوال اڀري رهيا هئا، اڃا انهن ئي سوچن ۾ هئس ته هُن جي ڪال آئي ! اندر جو آڪاش ڪال اٽينڊ نه ڪرڻ جو چئي رهيو هو ،،، لاڳيتو چار ڀيرا ڪال هلي رهي هئي ! منهنجي اکين مان لُڙڪ ٻوڏ جي پاڻي جيان وهي خُشڪ ڳلن کي پُسائي رهيا هئا…
“ ڪال اٽينڊ ڇو نه ٿو ڪرين ! توکي خبر آ مان ڪهڙي مصيبت ۾ آهيان ، تنهنجي ڪال نه آئي اُن جو تمام تمام گھڻو ڏُک ٿيو آڪاش!….! هيلو !! هيلو!!!! آڪاش!!! آڪا!!! روئين پيو !!! پليز روئجان پوءِ پهريان مونسان ڳالهاءِ ..!!! ” . هُو مسلسل ڳالهائيندي رهي ۽ نيٺ مونکي به خاموشي جو تالو ٽوڙڻو پيو،
“ جِي!!! وڌيڪ فرمايو !!”
“ واٽ! ڇا ٿيو ٿئي !! چاق ته آهين نه !!”
“ نه !!! ”
“ ڇو !! ڇا ٿيو !!!….”
“ فراقن جو ماريل آهيان، توکي خبر آ مون گذريل مهيني کان تنهنجي ئي فون ڪال جو انتظار پئي ڪيو! ۽ تون!! تون آهين ! جنهن کي منهنجي ڪابه پرواهه نه آهي… اڄ به اگر تون ڪال نه ڪرين ها ته شايد سڀاڻي توکي محبت جو آخري تحفو ملي ها!!” لفظ آهسته آهسته نڪري رهيا هئا..
“ واٽ يُو مِين !!(ڇا مطلب )”
“ موت !ها موت ! اگر اڄ نه ڳالهائين ها ته سڀاڻي جي ڪاوش اخبار ۾ منهنجي چٻي ٻوٿ سان هڪ رت سان ڀريل ڦوٽو اچي ها ! ۽ هيٺ ڪيپشن ۾ لکيل هجي ها! ‘آڪاش ….”
هُن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيو “ بس! گھڻو ئي ٿيو ” هُو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويئي هئي “ خودڪشي ! مرن تنهنجا دُشمن ..! ،،، توکي هڪ دُکدائک خبر ٻڌائڻي هئي پر تون اڳ ئي ڏک ۾ آهين ! آئون نٿي چاهيان ته هِي ڳالهه ٻڌائڻ کان پوءِ تنهنجي وجود کي زمين جي ڇهه فوٽ اندر ڳولهيان !!”
“ اوڪي ! ايز يُو وش! آئي ايم هيپي نائو! ٽيل ۾ سمٿنگ !”
“ نيڪسٽ ٽائم !”
“ واٽ ! ٻن مهينن کان پوءِ !!! تنهنجو نيڪسٽ (Next) لفظ مونکي هِن  زندگي مان ئي نيڪسٽ ڪري ڇڏيندو”
“ ته ٻُڌ! ….” هُو خاموش ٿي وئي، ٻيهر چوڻ لڳي “بابا تنهنجي رشتي تي راضي نه آهي، هُن منهنجو رشتو منهنجي ڪزن شمشاد سان ڪرڻ جي ڳالهه ڪيئي آهي … پر آئون توکي نٿي ڇڏي سگھان… تون هڪ ڀيرو راضي ٿي ! ”
“ ڪهڙي ڳالهه تي راضي ٿيان ! تنهنجي شادي ۾ نچڻ تي ! توکي شادي جي موقعي تي گفٽ ڏيڻ تي راضي ٿيان !!”
“ آڪاش ! آڪاش ! آئون ائين نٿي چوان ! منهنجو مطلب آهي ته پاڻ  ٻئي ڪورٽ ميريج ڪريون ”
“ هرگز نه !! بابا جي ڳالهه ڪڏهن به نه ٽاريندس هُو منهنجو سُٺو دوست آهي، آئون اگر سندس ڳالهه رد ڪندس ته زندگي ڀر تباهه ٿي ويندس…”
“ ته ڇا پوءِ ايئن ئي ڪندين !! منهنجي شمشاد سان شادي ٿيڻ ڏيندين !، توکي ٿيو ڇا آهي…!! ” هُوءَ ڪجهه گھڙيون خاموش ٿي وري چوڻ لڳي “ ڪجهه به نه ٿيندو! منهنجي هڪ دوست آهي، ان جي ماءُ وڪِيل آهي، آئون سڀاڻ ئي ساڻس پنهنجي شادي جي باري ۾ چونديس..”
“ واٽ!! چري آهين ڇا !!! آئون ان ڳالهه تي نه ڪلهه راضي هئس نه اڄ آهيان !!،،، اگر تنهنجو اهو فيصلو آهي ته پوءِ منهنجو به فيصلو ٻُڌ ! جيڪڏهن تون پنهنجي پيءُ کي راضي ڪرڻ ۾ ناڪام وئين ته پوءِ آڪاش کي آڪاش ۾ ئي ڳولهجان….”
“ڏس! آڪاش ائين نه چئو !! آئي ڪين ناٽ لِو وٿ يُو! پليز اڪسيپٽ ماءِ لاسٽ پوائنٽ !” هُوءَ مونکي ايلاز ڪري رهي هُئي.. پر آئون به مجبور هئس.. بابا جي ڳالهه نه پئي ٽاري سگھيس..
مون “ نيور نو!!!” چئي ڪال ڪٽي ڇڏي …. هُن ٻيهر فون ڪئي…
“ هيلو!! ڇا ٿيو !” هُوءَ پريشان هُئي
“ دل ۾ ڌڳ لڳو! تڏهن ڪال ڪٽجي وئي!!”
“ تون مونسان المنظر پُل تي پرينهن سومر واري ڏينهن ملجانءِ ، آئون تنهنجو انتظار ڪنديس صبح جو ساڍي ستين وڳي..”
“ ٺيڪ آ ! پر جي نه آئين ته !”
“ ضرور اينديس!شايد مونکي ماءُ پيءُ کان وڌيڪ عشق آهي جيڪو مونکي راتين جون راتيون سمهڻ به نٿو ڏئي .” هُن ڪال ڪٽي ڇڏي هُئي..
آڪٽوبر جي پهرين سومر تي صبح جو ستين کان 11 بجي تائين سندس انتظار ڪندو رهيس… انتظار ! ڪيڏو نه سهڻو لفظ آهي پر ان جي معنيٰ نهايت ئي دل ڏاريندڙ آهي… رهيو نه ٿيو ! ۽ ڪال ڪيم
“ شابس ٿئي!  لڳي ٿو تون ان انتظار م مونکي مٺي ننڊ سمهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندين..!”
“ سوري آڪاش!! در اصل منهنجي گھر چاچا اشرف وارا آيل هئا! رات ادو راحيل بيمار ٿي پيو هو اُن کي ڏسڻ آيا هئا، ان سيچوئيشن ۾ مونکي گھر کان نڪرڻ مناسب نٿي لڳو”
“ ڪال ته ڪري ٿي سگھيئن نه! ”
“ سوري !!..  نيڪسٽ ٽائم”
“ نيڪسٽ ٽائم! نيڪسٽ ٽائم!.. نيڪسٽ ٽائم!!!! آخر اهو نيڪسٽ ٽائم ڪڏهن ايندو!!” ڪاوڙ منهنجي دماغ تي ڀرجي آئي هئي ، دل چيو ته موبائل کي وهندڙ سنڌوءَ ۾ اُڇلي ڇڏيان..
“ٻڌ آڪاش!  اربع واري ڏينهن اينديس… ۽ بابا کي به راضي ڪنديس..”
مون ڪاوڙ مان ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪئي (ڪٽي ڇڏي).. منهنجي بائيڪ المنظر جي 5 نمبر دروازي وٽ بيٺي هئي! ۽ آئون سوچيندي سوچيندي 38 نمبر دروازي وٽ پهچي ويو هئس… مونکي خبر تڏهن پئي جڏهن نصرت فتح علي جو آواز  ٽرڪ ۾ لڳل ايم پي ٿري ۾ ٻڌم
اب ڪيا سوچين ڪيا هونا هي جو هوگا اڇا هوگا
پهلي سوچا هوتا پاگل اب روني سي ڪيا هوگا
ان ڪلام منهنجي ذهن جي انجڻ کي کولي ڇڏيو هو.. هوش واپس پنهنجي جڳهه تي آيو هو.. تڪڙ تڪڙ ۾ پوئتي موٽيس ! منهنجي بائيڪ ساڳي حالت ۾ بيٺي هئي ، دل کي اربع جو دلاسو ڏئي واپس فليٽ تي وڃڻ لاءِ راضي ڪيم! بائيڪ 30 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي اسپيڊ سان هلي رهي هئي ! ذهن ۾ سوچون گھڻيون ئي هيون !… سومر جي شام سج پنهنجا ڪرڻا روئي روئي ڌرتي تان ميڙي رهيوهو…
گذريل اربع جي صبح جو سوير ڇهين بجي آيو هئس… هُو آئي ۽ وئي! هڪ پل لاءِ بيٺي به نه !.. ساڻس ٻه ساهيڙيون صبا ۽ ممتاز هيون ، هُو بدلجي وئي آهي شايد!!..
“ ايندڙ سومر جي ڏينهن هتي واپس اچجانءِ…”
“ پر ڇو !”
“ پاڻ سان گڏ وڪيل وٺي اينديس ۽ تنهنجي نڪاح نامي تي دستخط ڪرائينديس…”
“ منهنجو فيصلو اڃا به بدليو ناهي”
“ پر منهنجو صبر منهنجي هٿن مان وڃي پيو، مونکي خوف آهي ته ڪٿي تون پنهنجي …”
“ شش! بس ڪر ! آئون تنهنجو انتظار ڪندس… پر شادي نامي (نڪاح نامه) تي صحيح جي لاءِ نه ، صرف تنهنجي لاءِ ، اگر تنهنجو پيءُ راضي ٿيو ته ٺيڪ نه ته پوءِ آئون هميشه توکي هن سنڌوءَ جي ڪپ تي ملندس..”
اهو ڏينهن مونکي عجيب لڳو هو… هُو باءِ باءِ ڪري مهراڻ اَلٽو ڪار جو اڳيون گيٽ کولي ويهڻ لڳي هئي..، ڪار کي صبا ڊرائيو ڪري رهي هئي… اهو ڏينهن به ويو ۽ گذريل سومر تي به آئون هتي آيو هئس… پر نه هو آئي ! نه هُن جي ڪال!!…
۽ اڄ به اربع آهي ۽ نه هو آئي آهي نه ئي سندس ڪال !… مونکي نٿو لڳي ته هُن جو پيءُ راضي ٿيندو ، ان لاءِ مونکي منهنجا خواب پاڻ سان گڏ دريا ۾ لوڙهڻا پوندا… اُهي خواب جيڪي مونکي سويرا ڏيکاريا هئا، شادي ! چار ٻار! ننڍڙي فيملي! هڪ خوبصورت بنگلو! جي بنگلو نه هجي ته خوبصورت گھر!… وغيره وغيره، سڀ لوڙهڻا پوندا شايد…!
آئون توهان پڙهندڙن کي هڪ گذارش ٿو ڪريان ته منهنجو ليپٽاپ ڪمپيوٽر ۽ سويرا جو ڪئيمرا کيس واپس ڪري ڇڏجو… آئون اڌ ڪلاڪ وڌيڪ سندس انتظار ڪريان ٿو! اگر آئي ته ٺيڪ نه ته پوءِ پنهنجي يارو ياري!! هميشه لاءِ … آئون هلان ٿو مهراڻ ۾ جو مزو وٺڻ ، سنڌي ماڻهو مهراڻ سان عشق ڪندا آهن ۽ اڄ آئون به سندس جھوليءَ ۾ آرام ڪرڻ لاءِ وڃان ٿو! ….. منهنجو ليپٽاپ ۽ ڪئيمرا سويرا کي واپس ڪري ڇڏجو! چئجوس ته هاڻ يادن جي سهاري جيئي…

About Ubed Thaheem

Check Also

آئنسٽائن ۽ ان جي زال

دنيا جو ذهين ترين انسان آئنسٽائن ننڍپڻ ۾ دماغي طور تي ڪمزور انسان هو، سندس …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *