Powered by free wordpress themes

Home / stories / Kithy Loh & Kithy….

Powered by free wordpress themes

Kithy Loh & Kithy….

ڪٿي لوهه !!! ۽ ڪٿي…..
عبيدالله “عبيد” ٿهيم.
“سندس نالو محمد علي هو، پيار مان کيس زنوار سڏيندا هئا.”
“ پر تنهنجو ‘هو’مان ڇا مطلب آهي؟”
“ هُو هِن هاڻي هتي ناهي رهيو !”
“ ڇا ٿيس !؟،نانگ ڏنگيس !؟”
“ نانگ ڏنگيس ها ته بچي پوي ها.”
“ ته پوءِ ..! ڇتي ڪُتي چڪ پاتس !”
“ نه …. ”
“ لڳي ٿو ته عِشق ۾ خودڪشي ڪئي هوندائين”
“ هُو ته پنهنجي گھرواريءَ کان سواءِ ڪنهن سان به عشق نه ڪندو هو. سٻاجھڙو نوجوان هو.”
“ اڇا ! ڇا ڪندو هو !”
“ مزدوري … غريب هو! اٽي جي چڪي هئس، 3 ڀائر هئا.”
“ ٻيا ڀائر ڪيڏانهن ويا !؟”
“ نُورا ! تون به مونکان ايترا سوال ڇو  ٿو پُڇين….. ! يار ڇڏ مونکي ڪم به ڪرڻو آهي، اها ڪهاڻي توکي پوءِ ٻڌائيندس.”
“ اڙي يار ! مينيجر صاحب ڪونه ٿو توکي وڙهي، خوامخواهه ٿو ڊڄين.”
“ نه ادا اها ڳالهه ناهي، منهنجي ليپٽاپ ۾ ڇهه وڌيڪ ميسيج آيا آهن ته ڪم کي جلدي فائنل ڪري وٺ، شام جو ڊنر تي هلڻو آهي.”
“ ٺيڪ آهي ! پر ياد سان سُڀاڻي کان ساڳي ڪهاڻي شروع ڪجانءِ ۽ اتان شروع ڪجان جتي ڇڏي اٿئي.”
“ اوڪي! پر يار مونکي ڪم ته ڪرڻ ڏي.”
“ پُڙي  (مين پُڙي) کائيندين ! ڪم سان گڏوگڏ کائيندين ته لطف پيو ايندئي .”
“ يار ڇڏ! توکي آئون نصيحت پيو ڪريان ته نشو ڇڏي ڏي ۽ تون آهين جو مونکي ئي ٿو نشو واپرائڻ جي آفر ڪرين !”
منهنجون اکيون مانيٽر اسڪرين ۾ ۽ هٿن جون آڱريون تيزيءَ سان هلنديون رهيون.. پوري هال ۾ پهرين ته ڪمپيوٽر ڪيبورڊز جي بٽڻن جو آواز هو ۽ هاڻي هڪ ئي ڪيبورڊ آهي جنهن تي آئون ٽائيپنگ ڪري رهيو آهيان، نورعلي سڀاڻي کان ساڳي ڳالهه پُڇندو ، کيس سمجھائيندس ته ائين نه ڪر ! ڇو ٿو پنهنجو پاڻ کي برباد ڪرين ، اگر سُڀاڻي نه مڃئين ته پوءِ سنگت ختم !!. ها اِها ٻي ڳالهه آهي ته هُو منهنجو سٺو دوست رهيو آهي، پر چوندا آهن جن رستن تي ڪنڊن ۽ ڪاون جو خطرو هُجي ان تي هلڻ کان بهتر آهي ته رستو ئي بدلائي ڇڏجي… منهنجو موبائل ٿو وڄي !!!! اوه شِٽ! ساڳيو ئي ميسج بار بار ڇو ٿو موڪلي !.. ترسو آئون پهرين هِن کي جواب ڏيان ته آئون اچان پيو ! پوءِ ٿو توهان کي ڪهاڻي ٻڌايان ..
****
“ گُڊ مارننگ !” نور علي جي آواز تي هڪ ڀيرو ٻيهر منهنجيون آڱريون ڪيبورڊ تا هٽي ويون، هِي وري به ساڳي ڪهاڻي پُڇندو .. ساڳيو ئي سوال ڪندو !. زنوار ڪيڏانهن ويو !؟؟ ان کان پهرين مونکي ئي موضوع بدلائڻو پوندو..
“ السلام عليڪم ، رائيٽرر صاحب! ” هُو مونکي رائيٽر سڏيندو آهي.
“ وعليڪم السلام ! اچي وئي مِس-ٽَر ”
“ يار تون مونکي مس – ٽر ڇو ٿو چوين !”
“ توکي چيڙائڻ لاءِ”
“ ائين آئون به ڪونه ٽرندس ، جيستائين تون مونکي زنوار جي ڪهاڻي نه ٻڌائيندين…… هُوون !؟”
“ ها يار ! در اصل مونکي مينيجر صاحب جي ڪال آئي هئي، چوي پيو ته سڀاڻي ڪم فائنل ڪرڻو، مڪمل ڊيٽا داخل ڪرڻي آهي، سو ڪم گھڻو آهي..، سورِي فار اِٽ !”
“ ڇڏ يار! گھڻو ئي سُڃاڻان ٿو توکي ،… اڇا ته پوءِ ڇا ٿيو !”
“ ڇا جو!”
“ زنوار عُرف محمد عليءَ جو !”
“ها …….! هُن جا ٻه ٻيا ڀائر آهن جيڪي هِن وقت اٽي جي چڪي هلائين پيا..”
“ نه ڇڏ ان جي ڀائرن کي ، تون ٻڌاءِ ته زنوار ڪيڏانهن ويو !؟”
“ 2011 جي جُون مهيني ۾ ، سندس ڳوٺ ۾ هڪ شادي تقريب هئي، ان تقريب ۾ شرط رکي هئائين… بس…!! شرط هارائي ويو…”
“ بَس نه ! شرط هارائڻ جي ڳالهه کي ايڏو وڏو ڪري پيش ڪيو اٿئي !؟ توکي خبر آهي رات آئون تنهنجي ڀاڀي يعني  پياري گھر واريءَ سان گڏ ماني نه کائي سگھيس، پڇيائين ته ايترو اپسيٽ ڇو آهين ، چيو مانس ته هڪ ڪهاڻي اڌوري رهجي وئي اُن ڪري، ۽ تون آهين جيڪو معمولي ڪهاڻي جي ڪري ٿو ايترو ماڻهن کي ستائين !، توهان رائيٽر هوندا ئي اهڙا آهيو، معمولي ڳالهه کي ڊگھو ڪري پيش ڪندا آهيو، جيستائين ڪهاڻي جي هيپي اينڊنگ نه ٿئي تيستائين پيا وٽ سٽ ڏئي ڪهاڻي کي ڦيرائيندا رهندا آهيو..”
“ يار نورعلي ! تون سمجهين ڇو نٿو !؟ لازمي ناهي ته هر ڪهاڻي جي هيپي اينڊنگ ٿئي،  ۽ ها !!.. ڪهاڻيڪار ڪهاڻي کي تفصيل سان سمجھائن ٿا ته اها ڳالهه بُري ڇو ٿي لڳئي ؟؟؟”
“ هُونهه !” هُن ناراضگي مان چيو.
“هههههه. هههههه. تون به معمولي ڳالهه تي ٻُوٿ سُڄائي ويهي رهئين ؟ هههههه….”
“ يار ڇڏ ! مذاق گھڻو ئي ٿيو ! مونکي ناهي ٻُڌڻي تنهنجي ڪهاڻي . توکان ته ناني سڦوران سٺيون ڪهاڻيون ٻڌائيندي هُئي، سندس هر ڪهاڻي ۾ شهزادو آئون ئي هوندو هئس ۽ خبر ئي نه پوندي هئي اک ڪيڏي مهل لڳي وئي ؟”
“ تنهنجي ناني سڦوران جون ڪهاڻيون هٿ ٺوڪيون هونديون ..! منهنجي ته هي ڪهاڻي نه پر حقيقت آهي ، هڪ اهڙي حقيقت جنهن جي هيپي اينڊنگ نه پر سيڊ اينڊنگ ٿئي ٿي ، جنهن ۾ هيرو  جي جيت نه، هار ٿئي ٿي، هيرو جا گھر وارا خوش نه  پَر روئندا آهن، پٽيندا آهن انهن کي جن اهڙي خطرناڪ شئي ايجاد ڪئي ! انهن کي بد دُعائون ڏيندا آهن.”
“اڙي يار…. جي حقيقت آهي ته کولي ٻڌاءِ نه ؟”
“ 2010 ۾ زنوار جي شادي ٿي هئي ، کيس هڪ نياڻي جو اولاد هو، جنهن جو نالو سُميّه آهي،… ڳوٺ پيروفقير شورو ۾ رهندا هئا ۽ اُن رات شادي به ڳوٺ پيرو فقير شورو ۾ هُئي….. شادي واري رات کيس دوست وٺي ويا هئا… ۽ رات جو تقريباََ 1 بجي کيس دوست ٻانهن جي سهاري سندس گھر کڻي آيا هئا…”
 ڪجهه پل جي خاموشي ۾ ماحو اُداس ٿي ويو
“ زنوار جي ماءُ زنوار جي دوستن کان پُڇيو ‘ ابا ! ڇا ٿيس ؟’ ته دوستن وراڻيو ‘ ڪجهه نه چاچي، شراب پيتو اٿئين اُن ڪري نشو چڙهي ويو اٿس، آرام جي ضرورت اٿس ’….”
نورعلي وري پڇي ٿو ته “ ته پوءِ دوستن ان کي زهر ڏنو ڇا ؟؟”
“نه ! زهر کان به وڌيڪ خطرناڪ ……. صبح ٿيو ، ته ماڻس چانهه کڻي آئي ۽ پوءِ اُٿڻ سان چوڻ لڳو  ‘امان آئون اکين کان نٿو ڏسان ’  ته ماڻس وراڻيس ‘ ابا اُٿ ! هٿ منهن ڌوءِ رات شراب پيتو اٿئي تڏهن توکي ائين ٿو لڳي ’…. ‘ نه امان ! مون ته رات شراب نه پيتو هو،،،،،’… هٿ منهن ڌوئڻ کان پوءِ به هُن اکين کان انڌو ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي،،،، ‘ امان مونکي مٿي ۾ سور پيو ٿئي،،،’ .. ‘ابا هِي وٺ پونسٽان جي گوري کاءُ، اهو مٿي جو سور ته توکي ننڍپڻ کان ئي آهي، ڪنهن سُٺي ڊاڪٽر کي ڇو نٿو ڏيکارين ؟؟؟’… ‘امان مونکي سُور وڌندو پيو وڃي ،، ،الاااا!!!  امان ….. جلدي ڊاڪٽر ڏي وٺي هلو……’  هُو مسلسل رڙيون ڪري رهيو هو… مٿي جي سور جي ڪري ڪجهه پل لاءِ بيهوش به ٿي ويو ٿي.. وري جڏهن هوش ٿي آيس ته  وري به مٿي ۾ سور جي دانهن ٿي ڪيائين… سندس وڏو سئوٽ اسپتال ۾ کڻائي ويو هئس… ڊاڪٽرن چيو ته هن کي ڪنهن وڏي اسپتال ۾ داخل ڪرايو… سندس سئوٽ گلزار کيس ٽنڊوآدم جي  اسپتال ۾ داخل ڪرايو… ڊاڪٽر شمشاد علي ڪنبوهه سندس چيڪ اپ ڪرڻ کان پوءِ چيو ته ‘ هِن جو سِي ٽي اسڪين ڪرايو..’،  زنوار کي اڃا تائين هوش نه هو،،، هُن کي ڄامشوري جي لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنس (لمس) ۾ داخل ڪيو ويو… اُتي به ڊاڪٽر شمشاد جي نگراني ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو ويو… سِي ٽِي اسڪين جي رزلٽ آئي ته سڀني جا هوش اُڏامي ويا….! ”
“ ان ۾ ڇا لکيل هو؟”
“ دماغي ڪينسر (Brain Tumor)”
“ ڇا !!!!؟؟؟؟”
“ ها ! هُن کي برين ٽيومر ٿي پيو هو،،،  مائٽن سمجھيو ته اها معمولي بيماري آهي، پر سندس گھر وارن کي ان ڳالهه کان بيخبر رکيو ويو جيڪا ڳالهه ڊاڪٽر شمشاد ٻڌائي هئي…”
“ ڪهڙي  ڳالهه !”
“ ڊاڪٽر شمشاد چيو ته دماغي ڪينسر جو مريض هڪ هفتي کان وڌيڪ زنده رهي نٿو سگھي… ۽ کيس ٻيون ڏينهن هو ، …. ڪجهه پل هوش آيس ٿي ته وري بيهوشي به پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ٿي وئي…. مون سوچيو ته ٻن ڏينهن کان پوءِ  ويندس ڄامشوري ۽ عيادت ڪري ايندس… پر سندس دوستن چيو ته سُڀاڻي هُو ڊاڪٽر شمشاد جي نگراني ۾  الشهباز ميڊيڪل سينٽر ٽنڊوآدم ۾ ايندو … مون کي برين ٽيومر جي خبر نه هئي … صرف نالو ٻُڌو هو …. پر ٻئي ڏينهن جڏهن برين ٽيومر جي وضاحت ڪندي سندس سئوٽ ٻڌايو ته منهنجي اکين مان پاڻي وهڻ شروع ٿي ويو… ”
“ پر هُو ته سادو هو! شراب به نه پيتو هئائين،،،، پوءِ هُن کي برين ٽيومر ڪيئن ٿيو ؟؟؟!”
“ ان ڏينهن کيس ڪجهه هوش آيو هو،،، مون فون تي طبعيت بابت پڇيومانس… هُو مونکي بلڪل فِٽ لڳي رهيو هو… مونسان کل ڀوڪ ڪري رهيو هو… ۽ ساڳي وقت مٿي ۾ سور هجڻ جو به ٻڌائي رهيو هو… کيس تڪليف وڌي وئي هئي،،، شام جي وقت کيس واپس لمس (لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنس) ۾ داخل ڪيو ويو…. سُور جي شدت جي ڪري هُو بيهوش ٿي ويو هو… صبح جو 9 بجي هوش آيو هئس…. تقريباََ 2 بجي مونکي فون آئي جنهن پوري ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيو هو…. هر پاسي روئڻ جو آواز هو… اسان جي ڳوٺ کان سندس ڳوٺ تقريباََ 3 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي…”
“ اوه!! سو سيڊ (SO SAD) ، هُن کي برين ٽيومر ڪيئن ٿيو !؟”
“ انڊيا مان آندل 2100 سوپاري جي ڪري… سندس تڏي تي گلزار ڳالهه پئي ڪئي ته ، شادي واري رات 1000 روپين جي شرط هئي ته 5 عدد 2100 گھٽڪا سوپاري هڪ جڳ پاڻي ۾ ملائي پيڻو پوندو.. ۽ زنوار جي دوستن کيس 5 کان وڌيڪ 2100 سوپاري جون پڙيون پوري جڳ ۾ ملائي کيس پياريون هيو…… ٻڌو آهي ته ٻه عدد 2100 سوپاري جي وچ ۾ اگر شيونگ بليڊ رکجي ته 5 ڪلاڪن ۾ ان کي ڳاري مٽي ۾ تبديل ڪريو ڇڏي….. تون ئي ٻُڌاءِ، ڪٿي لوهه ۽ ڪٿي انسان جو نازڪ دماغ ……..!!!”.
ختم ٿيو.

 

 

***************

About Ubed Thaheem

Check Also

آئنسٽائن ۽ ان جي زال

دنيا جو ذهين ترين انسان آئنسٽائن ننڍپڻ ۾ دماغي طور تي ڪمزور انسان هو، سندس …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *