Powered by free wordpress themes

Powered by free wordpress themes

Mu khy adam khuawb men ayo

مونکي آدم خواب ۾ آيو
اچانڪ ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿڻ تي هُن پڇيو !

“ ڇا ٿيو ؟”

“مونکي آدم خواب ۾ آيو” مون وراڻيومانس

“ ڇا ٿيس ! وري ڪو قرض وٺڻ آيو هو ڇا” هوءَ آدم کي گھٽ وڌ ڳالهائيندي رِلي پاڻ مٿان اوڍي سمهي رهي .. ۽ مونکي آدم جي اوچتي خواب ۾ اچڻ تي ڏاڍو افسوس ٿيو

آدم منهنجو دوست آهي ۽ هو زماني جي بازار ۾ مهنگائي سان وڙهڻ ۽ پنهنجا ٻار پالڻ لاءِ ريڙهو هلائيندو آهي ڪجهه ڏينهن پهريان مون کائنس پنجاهه رپيا اُڌارا ورتا هئا هُو شايد پنجاهه روپيا ياد ڏيارڻ خواب ۾ آيو هو.

رات جي وقت ۾ گُلو ڪاسائيءَ جي ڪُتي ڀؤنڪڻ بند نه ڪيو . “منهنجي ننڊ ته انهي گلوءَ واري ڪُتي خراب ڪئي آهي جيڪو رات ڏينهن وتي ٿو پراون ٻارن کي چڪ پائيندو” سڀاڳيءَ اڌ ننڊ اڌ جاڳ ۾ چيو. منهنجي ذهن ۾ آدم جو چهرو ڦريو پئي ، وسوسن منهنجي ذهن ۾ واريءَ جا گھر اڏي ٻيهر ڊاهي ٿي ڇڏيا، آدم جي هٿ ۾ خنجر ڇو آهي ؟؟ اهڙا گھڻا ئي خيال آيا پئي. رِلي منهن تي ويڙهي سُتو ئي مَس هئس جو هڪ ڀيرو ٻيهر ڇرڪ ڀري اٿيس ! هن ڀيري آدم جي ڪري نه پر سڀاڳيءَ جي پاڻي هڻڻ تي ڇرڪ ڀري اٿيس . “ تنهنجي اها عادت مونکي ڏاڍي خراب لڳندي آهي” مون بيزاريءَ مان کٽ تان لهندي نلڪي جو رُخ ڪيو هٿ منهن ڌوئي چُلهه جي ويجهو ٿيس ته سڀاڳي پُڇڻ لڳي “ڏي خبر! اڄ تو وارو سيٺ ڏوڪڙ ڏيندو يا نه !؟ ” ، “هو ڇو ڏيندو ؟ اڄ ته 20 هين تاريخ آهي.” مون چانهن جو سُرڪ ڀريندي وراڻيو .

“ پوءِ آدم جو قرض ڪڏهن لاهيندين ؟ هاڻي ته هُو تنهنجي خوابن ۾ ٿو اچي.” هُن ڪوپ ڌوئيندي چيو.

“سڀاڳي رات آدم قرض وٺڻ نه آيو هو ” ،

“ته پوءِ ” ،

“ هو وحشي ٿي پيو آهي، هُن جي هڪ هٿ ۾ چاقو ۽ ٻئي هٿ ۾ مانيءَ جو سُڪل ٽُڪر آهي”

“ ڇا ! ؟ ماني ڏيکاري چاقو هڻندو ؟ مئو مٿي ڦريو ” هُن ائين چيو ڄڻ سندس ڪڍ لڳو هجي ، کيس سمجهائيندي وراڻيم “ سڀاڳي خواب خواب ئي هوندا آهن اهو به هڪ خواب هو”.

“پر هُو تنهنجي خواب ۾ ڇو آيو ، ڪار منهون ”

“ هُن جا ڪپڙا به رت ۾ ٻُڏل هئا ، ڀڳل هٿ ۾ سُڪل ماني کڻي ..” ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چوڻ لڳي “آيوهوندو گُلوءَ وارو ڪُتو مارڻ ” ته وراڻيم “نه سڀاڳي ، تنهنجي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي” ، وري به ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چوڻ لڳي “ايندئي به ڪونه ! اڳ ۾ توکي ڪهڙي ڳالهه سمجهه ۾ آئي جو هاڻي ايندئي .” الائي ڇا ڇا چوندي رهي آئون به اٿي پاڙي ۾ خُدو واري هٽ تان هوشو ۽ هيمونءَ لاءِ پاپا ۽ نان ڪتائي وٺڻ ويس .

هوشو ۽ هيمون منهنجا پُٽ آهن ، سوچيو هئم ته وڏا ٿي هوشو ۽ هيمون جيان ڌرتيءَ جي خدمت ڪندا پر هي ڪمچور سڄو ڏينهن گهر ۾ سُتا پيا هوندا آهن يا وري ٽيلي ويزن تي انگريزي ويڙهه (باڪسنگ) ڏسندا رهن ٿا ، ويڙهه جا شوقين آهن ، پاڻ وڙهن يا نه پر پاڙي ۾ ڪُتن کي ويڙهائي بُڇڙو ڪري ڇڏيو اٿن ..

ته ڳالهه پئي هلي آدم جي ڇتي ٿيڻ جي، آدم ڇِتو ڪيئن ٿيو ؟ ڪڏهن ٿيو ؟ اها هڪ قديم ترين ڪهاڻي آهي. پهريان آدم جو پُٽ ڇتو ٿيو ۽ پنهنجي سڳي ڀاءُ کي ماري وڌائين. پوءِ سالن پويان آدم به ڇتو ٿي پيو. آدم کي جتي وجهه ملندو آهي ماري وجهندو آهي. هُو وقت سان گڏو گڏ جديد هٿيار پڻ استعمال ڪندو آهي، پهريان تلوار ۽ خنجر سان وڙهندو هو ۽ هاڻي دماغ سان وڙهندو آهي، قدرت طرفان آدم کي ايتري ته طاقت عطا ڪيل آهي جو هر جاندار ۽ بي جان کي پنهنجي ماتحت ڪري سگهي ٿو. آدم جي ماءُ سالن کان بيمار هُئي ۽ گذريل سان پنهنجي ابن ڏاڏن سان ملي. انسان مرڻ مهل ته خدا سان ملندو آهي پر آدم جي بقول ته هُوءَ نانا ۽ ڏاڏا وارن وٽ آهي. آدم جي دماغ کي ڪمپيوٽر سان ڀيٽ ڪجي ته ڪمپيوٽر به ماٺ ٿي ويندو ۽ آدم جو دماغ چالاڪيءَ سان آدم کي کٽڻ جي خوشخبري ڏيندو.

“انڊي ٽڪر (انڊرٽيڪر) هڻ لت ! ها.. هڻينس مُڪ .. واه واه..”

“اُٿي ! اُٿي جان سي نا (جوهن سينا) اُٿي! انڊي کي هڻ مُڪ…….”

اندران ڪمري مان انگريزي ويڙهه جو آواز پئي آيو ۽ هوشو ۽ هيمون به انگريزن کي ٽيليويزن مان داد ڏئي رهيا آهن…

“اڙي ڇورا! چانهه پيتي اٿوَ !؟ رڳو ويڙهه جي پويان ! ڪو ڌنڌو ڌاڙي اٿو يا نه !!!” سڀاڳي مٿي تي مٽ کڻي ڇوڪرن کي دڙڪي سان چوندي پاڙي ۾ مٺي پاڻيءَ جي نلڪي تي پاڻي ڀرڻ ويندي رهي..

پاڻي مٺو! ان جو اهو مطلب ناهي ته پاڙي واري نلڪي ۾ کنڊ مڪس آهي يا جامِ شيرين !! اصل ۾ اسان جي گهر جي نلڪي جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته معدي کي جلدي ختم ڪندڙ اثر پاڻي ۾ موجود آهن. الله ڀلو ڪري سيٺ ولڻ جو جنهن ساڍا 18 ايڪڙ پري کان مٺي پاڻي جي لائين ڇڪرائي اسان جي پاڙي ۾ لڳرائي آهي.

گذريل سال اسان تعلقي جي وڏي آفيسر ۽ ڳوٺ جي رئيس کي منٿ ميڙ ڪئي ته هاڻي وارو ڪر! واٽر سپلائي جيڪا ٻه ڪلوميٽر پري آهي سا اسان جي ڳوٺ ڏانهن به لڳرايو. پاڻي خراب هجڻ ڪري معدي جي خرابي وڌي وئي آهي ۽ ماڻهو عجيب عجيب بيمارين ۾ مبتلا پيا ٿين. پر انهن جي ڪَن تي جونءَ به ڪانه سُري ! ڳالهه ٻڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏيائون.! بيماري ۾ وڏيري جي پوڙهي ماءُ به مري وئي پر وڏيري کي پرواهه نه! چوي پيو ته ڪُراڙي هئي وَهي پوري ٿيس تڏهن مُئي آهي! اجايو ڇو ٿا وهمن ۾ پئو! ”. پهريان ته ڊائبٽيز (شوگر) وڏن ماڻهن کي ٿيندي هئي ۽ هاڻ ڳوٺ جي ڪجهه مزدورن کي به ٿي پئي آهي! ڪاري سائي کي ٻيو گس نه لڌو اسان جي ڳوٺ ۾ منهن ڪري پئي! ۽ هاڻي ڳوٺ 80 سيڪڙو ڪاري سائي ۾ مبتلا آهي! ڪينسر جي بيماري ته سگريٽ ۽ گٽڪن کان ايندي آهي اهو ٻڌو آهي ته ڳوٺ ۾ ڏٺو به آهي! پر ڳوٺ وارا انهن ڳالهين طرف ڌيان ئي نٿا ڏين.!

“ڇورا! اڃا چانهه نه پيتي اٿوَ ؟ ” سڀاڳي ٻارن کي ٻيهر دڙڪو ڏيندي دِلو گهڙا منجيءَ تي رکي ٻهارو هٿ ۾ جهلي گهر جي اڱڻ کي ٻهارو ڏيڻ لڳي.

“ مري ويو ! ” اندران اوچتو آواز آيو. هيمون ٽُپ ڏئي کٽ تان لهي خوشي ۾ نچڻ لڳو!

“اڙي ڇورا ڪير مُئو !؟ …”

“امان! هوشو وارو يار “جانسينا” اڄ ڦٿڪي مري ويو .” هيمون ٽيليويزن جو آواز گهٽ ڪندي اندران ڪمري مان خوشيءَ واري لهجي ۾ چيو.

“ لک جي….. ٿوَ ، مون توهان ٻنهي کي سنڌ دشمن مارڻ لاءِ ڄڻيو هو يا انگريزي ويڙهه ۾ انگريزن جي مرڻ تي خوشي ۽ ماتم ملهائڻ لئه…. ” سڀاڳي ڪاوڙ ۾ باهه ٿي وئي، ڪپڙن ڌوئڻ وارو سنئوٽي کڻي اندر ٽي.وي تي ويٺلن کي ڪُٽڪو ڏيڻ لاءِ تڪڙي تڪڙي ڪمري ۾ داخل ٿي..

پوءِ جي خبر ته هوشو ۽ هيمون کي هوندي.

ها ته مون ڳالهه پئي ڪئي گلوءَ واري ڪُتي جي، گلو ڀرواري ڳوٺ مان رئيس شمشير جي ٻئين نمبر ڪمدار شمونءَ کان ڪُتو کڻي آيو. ڪتو صفا غريب ! نه ڪنهن جي پنجن ۾ نه ستن ۾! .. ڳوٺ جي رونق ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿيندي پئي وئي ڪُتو به ڏينهون ڏينهن چيڙاڪ ٿيندو ٿي ويو، ڪتي کي چيڙاڪ ڪرڻ ۾ مون واري هوشوءَ جو وڏو هٿ هو. سمجھايو مانس ته جيڪڏهن ڪتو ڇتو ٿيو ته ڳوٺ وارن جي لاءِ آزار ٿيندو، پر هيءَ ته ڪنهن جي به نه ٻُڌي! نه ماڻس جي نه ئي منهنجي ، صحبت جو اثر آهي ۽ ڪجهه منهنجي به غلطي آهي، غلطي اها ته مون ننڍپڻ ۾ هنن کي ڏاڍو ڀانيو ڪڏهن اُف به نه چيو، نتيجو اهو نڪتو ته ڇورا هاڻ منهنجي به نٿا ٻُڌن..

هڪ ڏينهن شمون گلوءَ کي چيو ته ڪتو هجي ڇتو! باقي غريب ته انسان هوندو آ. بس اها ڳالهه گلوءَ کي سمجهه ۾ آئي، وٺي ڪُتي کي ٻڌي ڇڏيائين روز ڳوٺ جا ٻلا ماري ڪتي اڳيان پيو آڻيندو هو، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن ڳوٺ جا ٻلا کُٽي ويا ته ڪُتي به قيد مان نڪري ڳوٺ جي ٻارن کي مارڻ جو پڪو پهه ڪيو.. هڪ ڏينهن گلوءَ وارو ڇوڪرو ربنو (ربڏنو) ڪتي کي پاڻي پيارڻ ويو ته ان کي دسي بُج بُج (زخمي) ڪري ڇڏيائين. بس ان ڏينهن کان ڪتو ڇتو ٿي پيو .

“هوشوءَ جا پيءَ! آدم جو ڇا ٿيو!؟”

“ڇا وري ڇا! پئسا مليا ناهن، سيٺ ڏنا ناهن ته ان کي ڏيان.”

“مون چيو ته هُو رات تنهنجي خاب (خواب) ۾ ڇو آيو !؟”

“ها!!! آئون پاڻ اهو ٿو سوچيان ته آدم ڇتو ڪيئن ٿيو؟؟ اهو ڄاڻڻ لاءِ مونکي واپس خواب ۾ وڃڻو پوندو.”

“ نه ڙي نه! متان وڃين واپس، هُو توکي ماري وجھي ته پوءِ ؟؟ هن جي هٿ ۾ خنجر آ ڪپڙا رت هاڻا اٿس صفا ڇتو ٿي پيو آ توکي ڪجهه ڪري وجهي ته پوءِ….”

“بس هاڻي ٺهيو! توکي ڪجهه ٿي پوي… وائي ته سولي ڪڍندي ڪر، رات جو گلوءَ وارو ڪُتو ۽ ڏينهن جو تون…” بس پوءِ ته تون تون مان مان ۾ اچي سج لٿو، سڀاڳيءَ ۽ منهنجو جھيڙو …

….ٻيو ڏينهن…..

مون رات خواب ۾ ڏٺو ته آدم ڇو ڇتو ٿيو ! آدم جي ڇتي ٿيڻ جا ٻه وڏا سبب آهن. هڪ ته غربت ۽ ٻيو ظالم سماج ۽ انڌير نگري.. غربت پهريان آدم جي نڙيءَ تي لت ڏني ته آدم جا دوڏا ٻاهر نڪرڻ تي ٿي پيا آدم جو ساهه گهٽجڻ لڳو، وري مٿان ظالم سماج آدم جي مدد ڪرڻ بجاءِ ان تي ٽوڪون ڪندو رهيو ۽ غربت کي هٿي ڏيندو رهيو، “هڻيس! ڪڍينس ساهه” جهڙا لفظ ورجائي غربت کي داد ڏيندو رهيو! اوچتو هڪ وڏي دانهن ٿي، آدم ۾ قدرتي طاقت ظاهر ٿي، هن غربت کان پاڻ بچائڻ لاءِ غربت کي ڪيرائي وڌو، آدم ٿورو ئي اڳتي وڌيو ته ظالم سماج آدم جي ڪياڙيءَ ۾ غلاميءَ جو ڌڪ وهائي ڪڍيو….بس پوءِ ته توهان ڄاڻو ٿا، جنهن کي دماغ ۾ ڌڪ لڳندو سوته چريو ئي ٿيندو! ۽ جيڪو چريو ٿيو سوته ڇتو نيٺ ٿيندو…. 

About Ubed Thaheem

Check Also

آئنسٽائن ۽ ان جي زال

دنيا جو ذهين ترين انسان آئنسٽائن ننڍپڻ ۾ دماغي طور تي ڪمزور انسان هو، سندس …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *