Powered by free wordpress themes

Home / stories

stories

خُدن خاموش

khudan-khamosh

خُدن خاموش *** عبيد ٿھيم *** ھُن ننڍپڻ کان ئي مئگزين ۾ لکڻ شروع ڪري ڇڏيو، ڏيھ جِي ھر مشھور اخبار ۾ سندس ڪالم، ڪھاڻيون ۽ شاعري ڇپجندي رھندي ھُئي، ھُن سوچيو! جيڪڏھن مان مري وڃان تہ گهٽ ۾ گهٽ مُنھنجي تخليق نہ مَري! ھِن پھريون ڀيرو سمارٽ فون ورتو …

Read More »

بور ماڻھو

168603566

 (ڪھاڻي : عبيد ٿھيم) ’تون انتھائي بور قسم جو ماڻهو آھين‘ ھُن بيزار ٿيندي چيو، منھنجي ذھن ۾ اُن وقت ھُن لاءِ ڪابہ ھمدردي نہ ھئي ۽ نہ ئي مونکي احساس ھو تہ مان بور قسم جو ماڻھو آھيان.. مون پنھنجي پاڻ کي وڏو فني خان ۽ الائي ڇا ڇا …

Read More »

مرداڻہ ڪمزوري

Mardana kamzori

__ ڪھاڻي (عبيد ٿھيم) __ ھُن سان بحث ۾ مون ڪڏھن بہ نہ کٽيو آھي، سدائين ھارائي ويندي آھيان ڇوتہ ھُو مرد آھي ۽ ’ميل ڊامِنيٽ سوسائٽِي‘ ۾ مرد انتھائي طاقتور آھي، ھُن کان ڪابہ گهريلو مائِي کَٽي ناھي سگهِي… اڄ بھادُر عالم ڊائِننگ ٽيبل تي ناشتي وقت پڇڻ لڳو: …

Read More »

سچ وڏو ڏوهاري آ

سچ وڏو ڏوهاري آ ڪھاڻي

—- ڪهاڻي — “سائين، ٿورو گڏجي بِيھو، ھا اِتي….. ” ‘سھڻا ھاڻ ڦوٽو صاف ايندو ؟’ “سائين، مصنف صاحب کي وچ ۾ بيھاريو” “ھا ادا بيھي رھيس.. ھاڻ؟ يار دير نہ ڪر” “ڪتاب جو ٽائٽل ڪئمرا طرف ڪريو… ھا ھاڻ صحيح آ.” ھُن جي دل چاھي پئي تہ انھن جا …

Read More »

اجتماعي لڄالٽ

gang_rap_sindhi_short_story_by_ubedThaheem

ڪهاڻڙِي **اجتماعي لڄالٽ ** ڊنر ڪري، وسڪيءَ جي بوتل کڻي، شهر مشهور جي چڪلي تان هڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي ساڻ ڪري رحمت جي روم تي ويا.. چئني ڄڻن سڄي رات نشي ۾ ڌُت ٿِي ڇوڪريءَ جي جسم تان ماس روڙي لاٿو.. صبح جو هرڪو پنهنجي آفيس هليو ويو.. رحمت فيسبڪ …

Read More »

جائز استعمال

mar03-naswar_main

جائز استعمال ****سعادت حسن منٽو**** ڪتاب : سياه حاشيي افسانچي ترجمو : عبيد ٿهيم **** ڏھ رائونڊ فائر ڪري ٽي ماڻهو زخمي ڪرڻ کان پوءِ پٺاڻ نيٺ سرخرو ٿي پيو. افراتفري مچي وئي.. ماڻهو هڪ ٻئي مٿان ڪريا پئي، ڦُر ڦران پئي ٿِي، مار ڌاڙ به جاري هُئي. پٺاڻ پنهنجي …

Read More »

ڪاري

kaari

ھُو، صبح سويري ھوٽل ڀرسان پنندڙ نينگريءَ جي ڇاتيءَ ۾ نھاري، سندس ھٿ ۾ 10 روپيا ڏئي چوي ٿو “پنھنجو نمبر تہ ڏي” شام ڌاري گھر موٽي ٿو، گھر مان ھڪ مرد جو آواز ٻُڌي ٿو “سُھڻي، مون توکي چاھيو آ” رپيٽر ڪلھي مان لاھي ڇَھئي ڪارتوس پنھنجي زال کي …

Read More »

سماجي رسمون ۽ اسان

religion

اسان ڪيتريون بہ ڪوششون ڪريون، سماج جي ريتن رسمن ۽ تھوارن کان جند نٿا ڇڏائي سگھون، چاھي پوءِ اسان مذھبي عقيدن جي ڪري مذھبن سان بغاوت ڪريون يا سماجي رسمن سان بغاوت، پر اسانجي اھا بغاوت گھڻن ئي ماڻھن کي تڪليف پھچائي ٿِي. بغاوت خود ھڪ جنگ آھي ۽ جنگ …

Read More »

رشيد سمون | هڪ شخص هڪ ادارو

AR Samo

2009 ۾ هڪ چنڊ اُڀريو، جنهن سنڌ جي وشال ڌرتيءَ تي پنهنجي محنت جا ڪِرڻا پکيڙي، ڌرتيءَ کي نئون رنگ ڏِنو، اهڙو رنگ جنهن جا خواب سنڌ صدين کان ڏٺا پئي. ڪُجھ ماڻهون انهن حڪيمن جيان هوندا آهن جيڪي موذي مرضن جي علاج جو فارمولو مرڻ تائين ڪنهن کي ناهن …

Read More »

مُنهنجو هُن جو ٻاروتڻ

پڇڻ لڳي تنھنجو ٻاروتڻ ڪيئن ھُيو؟ وراڻيومانس : ھي تصوير ڏِسي اندازو ڪر… وڏا ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳي، پوءِ پنھنجي موبائل ۾ تصوير بلوٽوٿ ڪري چوڻ لڳي : صفا منھنجي بابي جھڙو ھُئين.. سمجهي ورتم تہ پڻس ھھڙو ھو تہ پاڻ ڪيڏي نہ ڪِڇري ھوندي.. بس دل تي پٿر رکي …

Read More »