Powered by free wordpress themes

Home / informative / گوگل ۽ سنڌي ٻولي

گوگل ۽ سنڌي ٻولي

Powered by free wordpress themes

فيسبڪ تي ڪُجهہ دوستن پاران شوشو ڇڏيو ويو آھي تہ گوگل پاران سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪيو پيو وڃي! ۽ ان جو الزام اخبارن سميت سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي) تي پڻ لڳايو پيو وڃي تہ انھن جو قصور آ.. پر جنھن کان بہ پُڇ تہ گوگل ڪڏھن اھو اعلان ڪيو آھي؟ گوگل ڪڏھن چيو آھي تہ سنڌي ٻوليءَ کي پنھنجي ترجميڪار سرشتي مان ختم پيا ڪريون؟ ڪوبہ جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناھي.. بس روايتي انداز سان پوسٽ کي شيئر ڪري ادارن مٿان الزام لڳايو پيو وڃي.

مان توھانکي ٻڌائيندو ھلان تہ جتي گوگل ترجميڪار جو تعلق آھي تہ اُھو سنڌي کان ٻين ٻولين ۾ ترجما صحي نموني نٿو ڪري اُن جا سبب ڪافي عرصو اڳ مان ٻُڌائي چڪو آھيان پر وري بہ ٻُڌايان ٿو تہ اُن جو وڏو سبب اسان جي غيرسنجيدگي آھي، ان بابت پروفيسر مظھرڏوتيو صاحب جن پڻ ٽي ڏينھن اڳ لکيو ھو..

ھاڻ اچون ٿا تہ ادارا ڇا ٿا ڪن؟ جيستائين تعلق سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو آھي تہ مان توھان کي ٻُڌائيندو ھلان تہ انٽرنيٽ تي ٻيون نمبر سڀ کان وڏي ويبسائٽ ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران آنلائن ڪيل آھي جنھن ۾ مواد لڳاتار اپلوڊ ڪيو پيو وڃي… لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ڪتابن جي لائبرري (آنلائن) ۾ ڪتاب اپلوڊ ڪري رھيا آھيون، اھو سڀ ڪم سنڌي انفرميٽڪس شعبي ۾ مئڊم انيس ڪاڪا صاحبہ جي نگرانيءَ ٿي رھيو آھي.. ان کان وڌيڪ لئنگئيج اٿارٽي ڇا ڪري؟

توھان سڀني کان ھڪ سوال آھي تہ، اسان (سنڌسلامت جي ٽيم) فيسبڪ تي لکندڙن کي گوگل بلاگر ۾ بلاگ ٺاھڻ لاءِ ڏاڍو ماڻھن کي اُتساھيو پر نتيجو ڇا نڪتو؟ ڪنھن بلاگ ٺاھيو؟ جن ٺاھيا تن تہ پنھنجي بلاگز کي اپڊيٽ ئي نہ ڪيو… توھان جڏھن گوگل ۾ اردو ٻوليءَ بابت لکندؤ تہ اُنھن جا ھزارين بلاگز ۽ سوين ويبسائٽس آھن ڪافي فورمز آھن.. پر اسان سنڌين ۾ اھو لڇڻ ئي ناھي جو پنھنجي فورم (سنڌسلامت) تي ڀيرو ڀري سگهون ۽ ڪي مضمون رکي سگهون، باقي ڳالهيون ڪرڻ ۽ نڪتہ چيني ڪرڻ لاءِ اسان وٽ لفظن جا ڍڳ آھن جيڪي سوشل ميڊيا تي ھڻي ڪنھن بہ اداري يا تنظيم جو وقار ڪيرائي سگهون ٿا… خدارا! ڪُجهہ پاڻ بہ ڪوشش ڪريو…

جيستائين ڳالهہ گوگل پاران سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جي آھي تہ منھنجي نظر ۾ اھي سڀ افواھ آھن.. گوگل جي ترجميڪار واري بلاگ ۾ بہ ڪا اھڙي ڳالهہ نظر ناھي آئي ۽ نہ ئي گوگل جي ذاتي بلاگ ۾ ڪا اھڙي خبر شايع ٿي آ.. ڇوتہ گوگل جي ڪوشش پوئتي پيل ٻولين کي اڳتي آڻڻ آھي، اُھي ڪيئن چاھيندا تہ ٻوليءَ کي ختم ڪن؟ اھي افواھون ھلائڻ بند ڪريو… پليز! عملي ڪم ڪريو… بلاگز ٺاھيو، اُنھن تي لکو.. ڪُجهہ توھان بہ پنھنجي پاران ڪوشش ڪريو رڳو ادارن تي ڏوھ نہ ڏيو..

وڌيڪ حوالن لاءِ حاضر آھن لنڪ :
گوگل بلاگ : https://www.blog.google/
گوگل ترجميڪار بلاگ : https://www.blog.google/products/translate/

About Ubed Thaheem

Check Also

SSKG

سنڌسلامت ڪتاب گھر هاڻ مفت ۾

موجوده دور ۾ هڪٻئي سان هر وقت رابطي ۾ رهڻ لاءِ انٽرنيٽ بيحد ضروري آهي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *