Powered by free wordpress themes

Home / informative / ڪٿي توھان موبائل ۾ وائرس تہ نہ پيا انسٽال ڪريو؟

ڪٿي توھان موبائل ۾ وائرس تہ نہ پيا انسٽال ڪريو؟

Powered by free wordpress themes

توھان جيڪڏھن ڪو سمارٽ فون استعمال ڪري رھيا آھيو تہ توھان ضرور ڪُجهہ ايپليڪيشنز انسٽال ڪيون ھونديون جن ۾ راندين جون ايپس، تعليمي ايپس يا وري چيٽنگ ايپس.. اھڙيون ايپس انسٽال ڪرڻ کان پھرين ڇا توھان انھن بابت معلوم ڪيو آھي تہ اھي ايپس توھان جي موبائل سان ھٿ چُراند تہ نہ پيون ڪَن؟ توھان مان ڪافي دوستن کي اھا خبر شايد نہ ھُجي تہ اڪثر ايپس توھان جي ڊيٽا، فون نمبرن، ايس ايم ايس ۽ سمارٽ فون ۾ موجود ٻين ايپس مان توھان جي معلومات چوري ڪري سگهن ٿيون ۽ توھان کي بليڪ ميل ڪري سگهن ٿيون… انڪري ھر ايپليڪيشن انسٽال ڪرڻ کان پھرين ھيٺين ڳالھين جو خاص خيال رکڻ گهرجي

1. ايپليڪيشن ريٽنگ ۾ سُٺي ھُجي

يعني اُھا ايپليڪيشن انسٽال ڪريو جنھن کي ساراھيو ويو ھُجي، ان لاءِ ايپليڪيشن انسٽال ڪرڻ کان پھرين ايپليڪيشن بابت ماڻھن جا رايا لازمي پڙھو. اُنھن راين ۾ جيڪڏھن ايپ بابت ساراھ ٿيل آھي تہ ضرور انسٽال ڪريو نہ تہ ڪٿي ائين نہ ٿئي جو ايپليڪيشن جي صورت ۾ توھان پنھنجي موبائل ۾ ڪو وائرس انسٽال ڪري ويھو ۽ پوءِ پڇتائڻو پوي.

2. ايپليڪيشن گهٽ کان گهٽ پرمشنز وٺندي ھُجي

ھر ايپيليڪشن انسٽال ڪرڻ کان پھرين اُن ايپليڪيشن طرفان اجازتون (پرمشنز) ضرور پڙھو.. نہ تہ ٿيندو ائين آھي اسان بنا پرمشنز پڙھڻ جي ايپ انسٽال ڪندا آھيون ۽ پوءِ پڇتائيندا آھيون تہ ”اسان جي ڊيٽا چوري ٿي ٿئي“.. انڪري لازمي طور پڙھو.. جيڪڏھن توھان سمجهو ٿا تہ ايپليڪيشن کي گهربل پرمشنز ڏئي سگهجن ٿيون تہ ٺيڪ آھي انسٽال ڪري ڇڏيو، جيئن واٽس ايپ جي پرمشنز جو اسڪرين شاٽ ڏيکاريل آھي.. وري پنھنجي سنڌي سٻاجهڙي بھارلغاريءَ جي سنڌي سکيا واري ايپليڪيشن جون پرمشنز بہ ڏيکاريل آھن، جنھن ۾ ھروڀرو اسان جي ڊيٽا ڊليٽ ڪرڻ ۽ فون نمبر حاصل ڪرڻ جي اجازت ورتل آھي.. مون تہ بھار لغاريءَ کي منع ڪيو تہ اھي پرمشنز نہ رک پر منھنجي صلاح ڏيڻ کان پوءِ ھمراھ مونکي بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ سنگت ٽوڙي ويو.. اللہ ڪري خوش ھُجي، اسان ٻين جو ڀلو ٿا چاھيون..

چوڻ جو مقصد تہ ايپليڪيشن ۾ جيڪڏھن ڪانٽيڪٽ يا ايس.ايم.ايس پرمشن گهربل ھُجي تہ اُھا ايپ انسٽال نہ ڪجي (سواءِ موبائل جي ڊفالٽ ايپس جي، جيئن ڪانٽيڪٽ ايپ، ڪالنگ ايپ، ميسينجر وغيرہ).

3. اشتھارن واري ايپ کان پاسو ڪجي؟

عام طور تي اڪثر ايپليڪيشنز ۾ اشتھار لڳل ھوندا آھن، جيڪي ايپ ٺاھيندڙ ڪمپنيءَ طرفان لڳايا ٿا وڃن، جيڪي بظاھر تہ ڪو خاص نقصان نٿا پھچائن پر توھان جي ڊيٽا پيڪيجز جو ٻيڙو ٻوڙين ٿا.. کوڙ ايپس ۾ وڊيو وارا اشتھار لڳل ھوندا آھن جنھن جي ڪري ايپ انسٽال ڪرڻ سان ئي ڊيٽا (انٽرنيٽ پيڪيج) جو ستياناس ٿيو وڃي… انڪري ڪوشش ڪجي تہ اھڙين ايپليڪيشن کي انسٽال ڪرڻ کان اڳ جانچجي، نہ تہ ھلائڻ کان پھرين واءِ فاءِ يا انٽرنيٽ بند ڪري ڇڏجي.. جنھن سان ڊيٽا پيڪيجز بچت ۾ رھندو.

گوگل طرفان سال 2018ع جي شروعات ۾ ئي اھڙي خبر ھلائي ھُئي تہ جن ايپس ۾ وڊيو وارا اشتھار ھوندا اُھي ايپس اسان پلي اسٽور تان ختم ڪنداسين… ۽ ھزارين ايپس گوگل وارن ھٽائي بہ ڇڏيون آھن.. پر پوءِ بہ ڪافي ايپس اڃا رھن ٿيون، انڪري احتياط ضروري آھي.

__

اڳ ۾ انسٽال ڪيل ايپس مان پرمشنز ڪيئن ختم ڪجن؟

ان لاءِ توھان پنھنجي ائنڊرائيڊ ڊوائس جي سيٽنگ ۾ وڃو، پوءِ ايپليڪشن مينجر مان مطلوبہ ايپليڪيشن تي ڪلڪ ڪريو ۽ اُن کان پوءِ ”App Permissions“ جي آپشن تي ڪلڪ ڪريو ۽ پرمشنز ختم ڪريو.. Untitled

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *