Powered by free wordpress themes

Home / Uncategorized / ڪرپٽ ڪير؟

Powered by free wordpress themes

ڪرپٽ ڪير؟

ڪرپشن صرف بالاآفيسر ئي ناهن ڪندا پر هر ننڍو وڏو ملازم به ڪندو آهي. سڀ کان وڏي ڪرپشن اِها آهي ته ”ماستر“ اسڪول ته وڃي پر ٻار نه پڙهائي.

گذريل سال جي سروي مطابق سنڌ ۾ 75 سيڪڙو تعليم جي اڻهوند آهي ۽ پاڪستان 57 سيڪڙو..! 25 سيڪڙو پرائمري استادن کي انگريزي نٿي اچي.

وڏي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ ۾ پرائمري تعليم طرف ڌيان نٿو ڌريو وڃي صرف پرائمري استادن طرف تعليم کاتي جو ڌيان آهي، بايو ميٽرڪ سسٽم آڻڻ کان پوءِ ڪا خاص تبديلي ناهي آئي صرف گوسڙو ماسترن کي سوڙهو ڪيو اٿن باقي الله الله خير سلا لڳي پئي آ.

پر وڏي ڳالھ اِها ته ”سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ“ وارن نصابي ڪتابن ۾ 2007 کان پوءِ سنڌي لکڻ ۾ غلطيون آهن، اسان جڏهن پرائمري پڙهندا هُئاسين ته ڪتاب هٿ سان لکيل هوندا هُئا پر هاڻ جڏهن ايم.بي سنڌي آئي آهي ته ”جھ“ ۽ ”گھ“ جون غلطيون ٿيون آهن. پهرين درجي جي 22هين سبق کي غور سان پڙهي ڏِسو توهانکي جھ ۽ گھ جون غلطيون نظر اينديون.

About Ubed Thaheem

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *