Powered by free wordpress themes

Home / stories / Short Stories / ڪاري

Powered by free wordpress themes

ڪاري

ھُو، صبح سويري ھوٽل ڀرسان پنندڙ نينگريءَ جي ڇاتيءَ ۾ نھاري، سندس ھٿ ۾ 10 روپيا ڏئي چوي ٿو
“پنھنجو نمبر تہ ڏي”
شام ڌاري گھر موٽي ٿو، گھر مان ھڪ مرد جو آواز ٻُڌي ٿو
“سُھڻي، مون توکي چاھيو آ”
رپيٽر ڪلھي مان لاھي ڇَھئي ڪارتوس پنھنجي زال کي ھڻي، مڇ وٽي چوي ٿو “عزت مٽي ۾ ٿي ملايئين‌، ڪميڻي”
……..
ٻئي ڏينھن
سُھڻيءَ جي لاش وٽ ريڊيو مان آواز پئي آيو
“سھڻي مون توکي چاھيو آ”.

About Ubed Thaheem

Check Also

mar03-naswar_main

جائز استعمال

جائز استعمال ****سعادت حسن منٽو**** ڪتاب : سياه حاشيي افسانچي ترجمو : عبيد ٿهيم **** …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *