Powered by free wordpress themes

Home / Prose / ڇا ٿي پيو جيڪڏهن هڪ ڀيرو فيل به ٿيو ته!

ڇا ٿي پيو جيڪڏهن هڪ ڀيرو فيل به ٿيو ته!

Powered by free wordpress themes

والدين تڏهن گھڻو خوش ٿيندا آهن جڏهن انهن جو ٻار (شاگرد) اسڪول يا ڪاليج ۾ اول نمبر کڻندو آهي ۽ جيترو خوش اول نمبر کڻڻ تي ٿيندا آهن ان کان وڌيڪ ڏُک ٻار جي فيل ٿيڻ تي ٿيندو اٿن. والدين هميشه ٻار کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلائڻ چاهيندا آهن، هُو ٻار کي گھوڙو ٿا سمجھن ۽ نمبر کڻڻ جي ڊوڙ ۾ لڳائي ٿا ڇڏين، ٻار! جيڪو اڃا ميچوئر ئي ناهي اُهو ڪيئن ٿو اُهو بار سَهي! ڪيئن ٿو اُها ڊوڙ کٽي! شايد ئي ڪو توهان مان اندازو ڪري سگھي.
ڪڏهن ٻار جي جاءِ تي پاڻ کي به رکي ڏِسو! ڇا توهان ڊوڙي سگھندئو؟؟؟ نه ته پوءِ ٻار کي ڇو ٿا ايترو ڊوڙايو جو هُو ڪِريو پوي ۽ پوءِ احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿيو وڃي!؟
توهان جو ٻار! جيڪڏهن انجنيئر، ڊاڪٽر، پروفيسر نه ٿيو ته ڇا ٿي پيو!؟ ڇا دنيا کي صرف انجنيئرن، ڊاڪٽرن، پروفيسرن جي ضرورت آ؟ البرٽ آئنسٽائن انجنيئر هيو؟
توهان ٻار کي پَرکيو! ته هُن ۾ ڪهڙا اسڪلس آهن! ڪهڙيون خوبيون آهن! انهن جي بنياد تي هُن کي هُن جي پسند جو سبجيڪٽ پڙهايوس، نه ڪِي توهانجو پسنديده سبجيڪٽ.
جيڪڏهن ڪنهن ٻار کي ميٿاميٽڪس سمجھ ۾ نٿي اچي ته هُن کي لازم ٿورئي آ ته انجنيئر يا ڪيميسٽ ٿيڻو آ، هُو سُٺو ڪوريوگرافر، ڦوٽوگرافر، ڪمپيوٽر سافٽويئر ڊولپر يا هڪ سُٺو بزنسمين ته ٿي سگھي ٿو نه؟؟ پوءِ ڇو ٿا هُن کي زوري وڪيل بڻايو! زوري انجنيئر بڻايو!؟
اڄڪلھ سي.ايس.ايس جِي ڊوڙ ۾ کوڙ سارا گھوڙا (معاف ڪجو ميدان ۾ صرف گھوڙا ئي ڊُڪندا آهن) اڳتي وڌڻ ۽ ميدان مارڻ جي چڪرن ۾ ڏينهن رات تڪليفون ڪاٽين پيا.
صُبُح جو سوير اُٿن ٿا، ناشتو ڪري، ڪتابن ۾ مُنهن! سڄو ڏينهن ڪتابن ۾ مُنهن! وري رات جو سُمهن ٿا ته ساڳيو ڳن ساڳِي ڪُهاڙي! هُو هميشه ان ٽينشن ۾ رهن ٿا ته ايندڙ اٽيمپٽ ۾ الئه پاس ٿيندس يا نه! هل ڀلا! پاس ٿي ويئو ته ڇا ٿيو پيو!؟ سُٺي نوڪري ملندي نه؟ بس نه! بنگلو ڪار خوبصورت عورت بس!؟ ڇا اُهي ماڻهون نه ڏٺا اٿئو جيڪي وڏن بنگلن، مهنگين گاڏين ۽ خوبصورت عورت سان گڏ رهن ٿا پر اندر مان خوش ناهن هوندا.!؟
ٻار جي سُٺي تربيت ڪريو، ان کي همٿايو، جيڪڏهن ڪُجھ سمجھ نٿو اچيس ته سيکاريوس، باقي ٻار جي پاس يا فيل ٿيڻ تي خوش يا ناخوش نه ٿيو! ابا ڇا ٿيو جيڪڏهن توهانجو ٻار امتحانن ۾ فيل ٿيو ته !؟ ياد رکو! دُنيا جا ڪامياب ترين انسان، دنيا جا فيليوئر ترين انسان ئي آهن.
ٻارن جي چيچ کي وٺي انهن کي هلڻ سيکاريو نه ڪِي چيچ کي ڇِڪي انهن کي تڪليف ڏيو.

About Ubed Thaheem

Check Also

sindh_versity_band_versity

خدارا سنڌورسٽيءَ کي بندورسٽِي نه بڻايو

وڏي ڪوشش کانپوءِ مس مس يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيءَ وارو ماحول ٺهيو آ، مٿان وري اهڙا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *