Powered by free wordpress themes

Home / Prose / ڇا اعليٰ تعليم صرف اپر ڪلاس جي ڇوڪرين جو حق آ؟

ڇا اعليٰ تعليم صرف اپر ڪلاس جي ڇوڪرين جو حق آ؟

Powered by free wordpress themes

لوئر مڊل ڪلاس ۽ لوئر ڪلاس جي ماڻهن جي سوچ اِها آهي ته، نياڻين کي وڌ ۾ وڌ 8 درجا پڙهائڻو آ، بس ان کان وڌيڪ نه.. پڇ ته ڇو؟ چوندا ”اسان جي روايت ناهي ته عورتن کي مردن وچ ۾ ڇڏيون“…
يار! عجيب سوچ! روايت ناهي ته بابا روايت پيدا ڪريو نه! هاڻ نه ڪندئو ته ڪڏهن ڪندئو؟
هڪ ڳوٺ ۾ جيڪڏهن پاڻِي جي ضرورت آ ۽ جر جو پاڻي کارو آ، هُو پاڻِي ڀرڻ لاءِ 11 ڪلوميٽر پري ويندا ۽ ڊوهي ڊوهي ٿڪجي پوندا، پر هڪ ڀيرو ڪا اَڏَ کوٽي، ڳوٺ ۾ پاڻي جمع ڪرڻ جو سوچيندا به ڪونه… پڇ ته ڇو؟؟ چوندا ” اسان ته ڪڏهن اهو نه ٻُڌو نه ڏٺو ته پاڻي هروڀرو اَڏَ مان وهندو اچي ڳوٺ وچ ۾ ٺهيل حوض ۾ پوي“
بابا! توهان جيڪڏهن ناهي ٻُڌو ناهي ڏِٺو ته پاڻ ٺاهيو نه! ڇو ٿا پنهنجي ۽ ٻين جي زندگي عذاب بڻايو.
نياڻين جي تعيلم ڇا صرف اپرڪلاس جو ئي حق آ؟؟ ڇا اپرڪلاس جون جيڪي ڇوڪريون يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿيون سَڀَ بدڪردار آهن؟؟ ڇا بُرقي ۾ رهندڙ ڳوٺن ۾ بدڪردار عورت نٿي ٿي سگھي ؟ خدارا! اِهو ذهن مان به ڪڍي ڇڏيو ته اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ سان ڇوڪريون بدڪردار ٿيو وڃن.. عورت جيڪڏهن کَرڻ تي اچي ته بُرقي اندر به کَرِي سگھي ٿِي ۽ سُڌرڻ تي اچي عورت جينز ۽ شرٽ ۾ به نيڪ ٿِي سگھي ٿِي.. بس صرف توهان کي تربيت ڪرڻي آهي، ته غلط ڇا آهي ۽ صحيح ڇا..
باقي هڪ ڳالھ ياد رکو! مستقبل قريب ۾ سنڌ جِي عورت توهان کان حق کَسي به وٺندي، ڇو ته جڏهن پوليس بيگناھ کي خوامخواه قيد ڪندي آهي ته، اُهو بيگناھ شخص، فرار ٿيندي ئي وڏو ڏوهاري بڻجي ويندو آهي.. سو بهتر آهي ته بي گُناھ کي قيد نه ڪيو وڃي…

About Ubed Thaheem

Check Also

sindh_versity_band_versity

خدارا سنڌورسٽيءَ کي بندورسٽِي نه بڻايو

وڏي ڪوشش کانپوءِ مس مس يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيءَ وارو ماحول ٺهيو آ، مٿان وري اهڙا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *