Powered by free wordpress themes

Home / informative / پروفائل تصوير

پروفائل تصوير

Powered by free wordpress themes

فيسبڪ، ٽئيٽر سميت جيڪي به سوشل ميڊيا ويبسائٽس آهن اُنهن تي هر صارف (يوزر) پنهنجو اڪائونٽ ٺاهي پنهنجا خيال ۽ ايڪٽِوٽيز ونڊيندو رهي ٿو.. فيسبڪ هُجي يا ٽئيٽر، توهان جيڪا به پوسٽ رکندؤ ته اُها توهانجي دوستن وٽ ظاهر ٿيندي پر ڇا توهان سوچيو آهي ته توهانجي پوسٽ سان گڏ جيڪا پروفائل تصوير ظاهر ٿيندي آهي، اُن جو به توهانجي پوسٽ تي گهرو اثر ٿيندو آهي.؟ توهانکي ٻُڌائيندو هلان ته،يُوزر جيڪا پوسٽ رکي ٿو، اُن پوسٽ جي شروع ۾ يوزر جي پروفائل تصوير ظاهر ٿيندي آهي ۽ جيڪي اُن صارف جا فرينڊ يا فالوور هوندا آهن اُنهن جي پهرين نظر توهانجي پوسٽ تي پوندي آهي ۽ پوءِ يڪدم توهانجي پروفائل تصوير تي، جيڪڏهن توهانجي تصوير (پنهنجي ذاتي) لڳل هوندي ته هُو بنا ڪنهن دير جي ڪامينٽ ڪرڻ شروع ڪندا، پر جيڪڏهن توهانجي تصوير بجاءِ ڪا ٻي تصوير رکيل هوندي ته اُهي تصوير جي ڀر ۾ لکيل نالو پڙهندا آهن ته پوسٽ ڪنهن ڪئي آهي.. ۽ پوءِ ئي ڪامينٽ ڪندا آهن.
ته ڳالھ چوڻ جو مطلب، پروفائل تي هميشه پنهنجي تصوير رکو باقي ڪَوَر ۾ جيڪا رکو توهانجي مرضي.. پروفائل تصوير توهانجي شخصيت جي نمائندگي ڪري ٿي، ائين سمجھو ته توهانجي CV آهي.. جيڪڏهن توهانجي CV تي ڪنهن جانور، اداڪار يا ڪا ٻِي تصوير لڳل هوندي ته CV چيڪ ڪرڻ وارو اُن کي درگذر (ignore) ڪري ڇڏيندو، تيئن ئي سوشل ميڊيا تي توهانجي پروفائل تصوير آهي. نورالهديٰ شاھ چوي ٿِي ته ”سوشل ميڊيا هڪ چوراهو آهي“، هاڻ توهان ئي ٻُڌايو ته جيڪڏهن توهان پنهنجي چهري تي گل ڦُل، اداڪار يا جانور جو ماسڪ پائي بيهندؤ ته ڪو توهانکي سڃاڻيندو؟ هرگز نه! ته منهنجا سائين / سائنڻ توهان به پنهنجي پروفائل تي پنهنجي ئي تصوير لڳايو ته جيئن ماڻهو توهانکي اصل سمجھن.. 🙂 (ها! باقي جيڪي ڇوڪريون پنهنجي فيسبڪ تي الباڪستان ۾ پنهنجي پروفائل تصوير نٿيون رکن ته ڀلو ٿيون ڪَن.. نه ته اُنهن جون تصويرون کڻي ماڻهو فيڪ آئي_ڊي ٺاهيندي دير ئي نٿا ڪن.)
پروفائل پڪچر توهان انگريزن جي آئيڊيز تي ڏِسو.. اُهي هميشه مُسڪرائيندڙ چهرو ئي رکندا آهن.. ۽ صرف چهري جِي ئي تصوير رکندا آهن، جيئن مٿي CV جي ڳالھ ڪيم.. ها اِها ٻي ڳالھ آ ته CV ۾ تصوير نارمل کان هٽيل هوندي آهي ۽ پروفائل تي نارمل هوندي آهي..
مونکي اميد آهي توهان به پنهنجي پروفائل تي توهانجي چهري جِي ئي تصوير رکندوَ ته جيئن ننڍي کان ننڍي اسڪرين تي توهانجي آئي ڊي کي سُڃاڻڻ ۾ توهانجي دوستن کي سولائي ٿئي…

 

Check Also

question_while_interview

انٽرويو دوران پڇيا ويندڙ اهم سوال ۽ انهن جا جواب

انٽرويو دوران جيڪڏهن سوال پڇيو ٿو وڃي ته : توهان جي ڪمزوري ڪهڙي آهي؟ ته …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *