Powered by free wordpress themes

Home / Uncategorized / ٽيپُو سُلطان به چوي ها ” ڀولڙي جي هڪ ڏينهن جي زندگي“ شينهن جي سو سالن جي زندگي کان بهتر آهي

Powered by free wordpress themes

ٽيپُو سُلطان به چوي ها ” ڀولڙي جي هڪ ڏينهن جي زندگي“ شينهن جي سو سالن جي زندگي کان بهتر آهي

سوچيم! مان سرڪس جو ڀولڙو آهيان، دٻلي وڄڻ تي وڏا ٽِپَ ڏئي ڪرتب ڏيکاريان ٿو پر انعام مَدارِي کنيو وڃي، ڇونه ڪُجھ ڏينهن شينهن ٿِجي! پوءِ شينهن ٿي پيس، گجگوڙ ڪيم، ماڻهون عارضي طور ٽَهيا! پر مداري وري به نه مُڙيو! انعام پاڻ کڻي ويو! مان بُکن ۾ پاھ ٿيڻ لڳس، سوچيم شينهن ٿيس ته گوشت کائڻ جي عادت پئي، بهتر هو ته ڀولڙو ئي رهان ها.. ۽ هاڻ مان ڀولڙو آهيان.. هتي شينهن کي پڃري کي ۾ قيد ڪيو ويندو آهي پر ڀولڙي کي شهر گھُمايو ويندو آهي، مان آزاد ته اڄ به ناهيان، مُنهنجي ڳچيءَ ۾ غلاميءَ جو پَٽو پيل آهي، مداري اڄ به مُنهنجي اڳيان هلي ٿو، دٻلي وڄائي ٿو، مان نچان ٿو، ڪُڏان ٿو، پر هاڻ بُک نٿو مران! ماڻهون اچن ٿا ۽ مونکي ڪيلا پنهنجن هٿن سان ڏين ٿا.. مان پنهنجي اولاد کي چوندس ته ڀولڙا ئي رهجو، ڇوته شينهن ٿيڻ کانپوءِ اڻپوريون خواهشون وڌي وڃن ٿيون ۽ پڃري ۾ قيد ٿيڻو پوي ٿو…
جيڪڏهن هن دور ۾ ٽيپو سُلطان هُجي ها ته اُهو به مون وانگي ڀولڙو ٿيڻ پسند ڪري ها..

About Ubed Thaheem

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *