Powered by free wordpress themes

Home / informative / وڌندڙ هارڊ ڊسڪ اسپيس کي ختم ڪريو. windows10

وڌندڙ هارڊ ڊسڪ اسپيس کي ختم ڪريو. windows10

Powered by free wordpress themes

دوستو ڪمپيوٽر جي استعمال ۾ اسٽوريج جو تيزيءَ سان وڌڻ هڪ عام ڳالھ آهي ڇوته اسان جڏهن ڪمپيوٽر استعمال ڪري رهيا هوندا آهيون ته کوڙ ساريون فائلون ڊائونلوڊ ڪريون ٿا، جيڪي پروگرام اسان استعمال ڪري رهيا هوندا آهيون اُهي به ونڊوز ۾ پنهنجون عارضي فائلون ٺاهي رهيا هوندا آهن، پروگرامز ۽ ونڊوز جا اپڊيٽس به ڊائونلوڊ ٿي رهيا هوندا آهن.

بهرحال ان دوران اهڙا کوڙ سارا عمل آهن جيڪي هارڊڊسڪ کي ڀرڻ ۾ پنهنجو پنهنجو حصو وٺي رهيا هوندا آهن.

جيڪڏهن توهان ونڊوز 10 ۾ وڌندڙ اسٽوريج کان پريشان آهيو ته آسانيءَ سان کوڙ گيگابائٽ (GB) اسپيس حاصل ڪري سگھو ٿا.

ان لاءِ ونڊوز جي سيٽنگز کوليو ۽ Storage لکي ڳولها ڪريو ۽ اسٽوريج جي سيٽنگ کوليو.

[IMG]

هتي توهان ڏسندئو ته هڪ نئون فيچر Storage Sense نالي سان موجود آهي، هي فيچر فالتو فائلن کي ختم ڪري پاڻمرادو اسپيس ڀرجڻ کان اڳ ئي خالي اسپيس ٺاهي سگھي ٿو.

[IMG]

۽ جيڪڏهن توهان ڪنهن ڊرائيو جيئن، سِي ڊرائيو کي صاف ڪرڻ چاهيندا هُجو ته ان کي چونڊيو، اڳئين حصي ۾ توهانکي اهو نظر ايندو ته هن ۾ ڪيتري جاءِ (اسپيس) استعمال ٿي رهي آهي.

[IMG]

هاڻ هتي ڪابه فالتو شئي جيئن گيمز يا Temporary files جاءِ والاري ويٺا هوندا آهن ته انهن کي چونڊي ۽ اڳئين حصي ۾ اچي انهن سڀني کي ميساري ڇڏيو ۽ کوڙ گيگابائٽ جي خالي جڳھ حاصل ڪريو.

[IMG]

About Ubed Thaheem

Check Also

facebook usage

ماڻهو فيسبڪ کي هيئن به استعمال ڪندا آهن

هُن چيو ته “توهان اڃا فيسبوڪ ئي ناهيو سمجھي سگھيا ته اڳتي ڪهڙا ڦاڙها ماريندؤ؟“ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *