Powered by free wordpress themes

Home / Uncategorized / واڍڪي، بورچي ۽ ٻين ڌنڌن جو نچوڙ ‘نقاد’ ئي ھوندو آھي

Powered by free wordpress themes

واڍڪي، بورچي ۽ ٻين ڌنڌن جو نچوڙ ‘نقاد’ ئي ھوندو آھي

آئون “واڍو” آھيان، در دريون ٺاھڻ ڄاڻان پر مونکي ڪنھن ڊگري نہ ڏني ۽ واڍي کي ڊگري ڇا ڪندي؟ پر ايترو نہ آئون بورچي بہ آھيان، پرسال بدنام شاعر خدن ‘خاموش’ جي ڪاڄ جو ڀَتُ بہ رڌو ھئم، پنڊال مان ڪنھن ھڪل ڪئي تہ بورچي کي وٺي اچو ۽ پوءِ جيڪو ٿيو سو نٿو ٻڌايان… آئون ڪاسائي آھيان، نانا نورل چوندو ھو تہ تون بدنام ڪسائي ٿيندين ۽ ناني جي دعا سان اھو بہ ٿيس.. آئون ٽين ڊٻا وڪڻندڙ گھورڙيو بہ ٿيس پر مزو نہ آيو، ماڻھن چيو دٻن مان تون بم ٿو ٺاھين ۽ نسل تباھ ٿو ڪرين… ھاڻ آئون ملڪ جو ھڪ نامور نقاد، شاعر ۽ (بي ادب) اديب آھيان… ھاڻ خبر پيم تہ واڍڪي، بورچي ۽ ٻين ڌنڌن جو نچوڙ ‘نقاد’ ئي ھوندو آھي….

About Ubed Thaheem

One comment

  1. Tamam behtar Sain dada kush hoju

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *