Powered by free wordpress themes

Home / informative / موبائل (سمارٽ فون) تي ڪنهن به ويبسائٽ تان وڊيوز ڊائونلوڊ ڪريو.

موبائل (سمارٽ فون) تي ڪنهن به ويبسائٽ تان وڊيوز ڊائونلوڊ ڪريو.

Powered by free wordpress themes

جيڪڏهن توهان سمارٽ فون تي وڊيوز ڊائونلوڊ ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ کوڙ ساريون ايپليڪيشنز پلي اسٽور تي موجود آهن پر ڪنهن ڪم جون ناهن. ڪنهن به ڪم لاءِ صرف هڪ ايپليڪيشن تي ڀاڙي ويهڻ به سٺو ناهي، ان لاءِ مختلف ايپليڪيشنز کي آزمائڻ گھُرجي.. انڪري هاڻ آئون توهان کي ”اسنيپ ٽيوب“(SnapTube) جي انسٽال ڪرڻ جي صلاح ڏيندس. هن ايپليڪيشن ذريعي توهان يوٽيوب، فيسبڪ سميت 30 کان وڌيڪ ويبسائٽن تان وڊيوز ڊائونلوڊ ڪري سگھو ٿا.

جيڪڏهن ڪنهن به وڊيو جي لنڪ توهان وٽ نه هُجي ته اُن کي براهِ راست لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري سگھجي ٿو پر جيڪڏهن توهان هونءَ به وڊيوز ڳولهي اُنهن کي ڊائونلوڊ ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان جو بندوبست به موجود آهي. يعني توهان ڪيورڊس (مخصوص الفاظ) ذريعي به وڊيوز کي ڳولهي ۽ ڊائونلوڊ ڪري سگھو ٿا. وڊيوز کي ڊائونلوڊ ڪرڻ وقت توهان پنهنجي مَن پسند وڊيو ڪوالٽِي به منتخب ڪري سگھو ٿا، جيڪڏهن وڊيو ايڇ.ڊي ۾ موجود هوندي ته انکي 1080p ۾ به ڊائونلوڊ ڪري سگھو ٿا ۽ جيڪڏهن چاهيو ته ان وڊيو ۾ موجود صرف آڊيو (ميوزڪ) کي MP3 فارميٽ ۾ به ڊائونلوڊ ڪري سگھو ٿا، يعني سمارٽ فون تي وڊيوز کي پنهنجي پسند جي معيار ۽ فارميٽ ۾ ڊائونلوڊ ڪرڻ جو مڪمل بندوبست هن ايپليڪيشن ۾ موجود آهي.

جيتوڻيڪ هي ايپليڪيشن گوگل جي قانون ۽ قائدن تي پُوري نٿي لهي انڪري هي ايپليڪيشن گوگل پلي اسٽور تي موجود ناهي، هن جِي apk فائل ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪرڻي پوندي. هن ايپليڪيشن جي ٺاهيندڙن ان ڳالھ جي پَڪ ڏني آهي ته هن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪوبه سيڪيورٽي خطرو ناهي ۽ توهان بيفڪر ٿي ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪري سگھو ٿا. ايپليڪيشن ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪريو:

هي ايپليڪيشن اينڊرائيڊ ۽ آئي.فون ٻنهي لاءِ موجود آهي.

www.snaptubeapp.com

About Ubed Thaheem

Check Also

Clean-Windows-Storage-1

وڌندڙ هارڊ ڊسڪ اسپيس کي ختم ڪريو. windows10

دوستو ڪمپيوٽر جي استعمال ۾ اسٽوريج جو تيزيءَ سان وڌڻ هڪ عام ڳالھ آهي ڇوته …

3 comments

  1. Asslam Alikum
    Very nice and very ravishing you website.

    Masood Ahmed

  2. Asslam Alikum

    Saen ye website kis website pe create ke gae hai agar ap baten ge to ap ke mihrbani hoge.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *