Powered by free wordpress themes

Home / Poetry / منهنجو مقدر

منهنجو مقدر

Powered by free wordpress themes

منهنجو مُقدر…
جيئن ڀڳل آئينا
جيئن ڦِٽَل چهرو،
اڌُوري سبيل ٽُڪ جي رلي،
نومبر جي هوا ۾ جلدي سڙيل سگريٽ،
واريءَ ۾ لَٽجِي ويل ٻيڙِي،
گمنام خواب جي ساڀيان،
رولاڪ روح،
صحرا ۾ ڀٽڪندڙ اڃارو اُٺ،
وڏ ڦُڙي مينهن ۾ ٽمندڙ چؤنرو،
منهنجو مقدر…
جيئن فيسبڪ جي ڊِگھي ٽائملائن،
جيئن موهن جو دڙو،
جيئن جوان عورت جي اڻپورِي تمنّا،
جيئن ٻُڍڙي جِي اڏوهي ۾ ورتل لَٺ،
منهنجو مقدر..
چئونڪي مٿان چئونڪو،
ڦِرندڙ ڪُرسيءَ جِي غلامي،
راتين جا اوڄاڳا،
صدين جون صدائون،
تنها ۽ سرد راتيون،
اڻ ڏٺل محبوبه جو عشق،
سڀ ڪُجھ منهنجو ئي مقدر!
هاءِ! منهنجو ئي مقدر…

(عبيد ٿهيم)

About Ubed Thaheem

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *