Powered by free wordpress themes

Home / Prose / معاشرو تبديل ٿئي پيو

معاشرو تبديل ٿئي پيو

Powered by free wordpress themes

وقت سان گڏوگڏ سماج جو دماغ به اپڊيٽ ٿي ويو آهي. جڏهن انٽرنيٽ عام جام نه هو ته معاشري سميت والدين به پنهنجي ٻارن جي سوچ پرکڻ لاءِ انهن جي ڪتابن ۽ دوستن ما ن اندازو لڳائيندا هُئا.. (ڇوڪرين جي تعليم عام جام نه هُئي ۽ نه ئي اڄ ڇوڪريون والدين کي اِهو ٻُڌائينديون آهن ته اسان ڪهڙا ڪتاب پڙهيا)، ڇوڪرو جڏهن رومانٽڪ ناول پڙهندو هو ته والدين سمجھي ويندا هُئا ڇوڪري کي محبت جو مَڌُ پيئڻو آ، وري جيڪڏهن اڻپڙهيل ڇوڪرو هو ته، اُهو ٽوپي نراڙ تي رکي، گلو کولي وڏي وات شام جي پهر ۾ غلط سلط ٻولن۾ جلال چانڊئي ۽ فوزيه سومري جا ڪلام پيو ڳائيندو هو. يا وري ميلن ۾ گھڻو وڃڻ ۽ هوٽل تي بليڪ اينڊ وي سي آر ۾ پنجابي فلمون ڏسندو هو.
بابا ڳالهه ڪندو آهي ته اسان جو هڪ مائٽ هو، پنهنجي پُٽ کي چيئين ته منهنجي لاءِ چرس وٺي اچ، ڇوڪرو چرس وٺڻ ويو ته هوٽل تي فلم هَلِي پئي، ڇوڪرو محوَ ٿي ويو، پڻس ڏٺو ته ڪلاڪ ٿي ويو ڇوڪرو ورِيو ئي ناهي، وڃي ڏٺئين ته هوٽل تي ڇوڪرو فلم ڏسڻ ۾ مشغول آ، افسوس ٿيس ۽ پوءِ چيئين ”جيڪڏهن اڄ تون جوانيءَ ۾ منهنجو خيال نٿو رکي سگھين ته پيريءَ ۾ ڪهڙو رکندين“ ان ڏينهن کان پوءِ اُن شخص چرس پيئڻ بند ڪري ڇڏيو.
بهرحال، ته فلمون به عام جام نه هُيون ۽ نه ئي وري ڪي ريڊيا عام جام هُئا. ڪي ڪي شوقين ٽيپ ريڪارڊر يا ريڊيو ته هٿ ۾ کڻي فُل آواز ۾ ڪيسٽ ڪلام يا ريڊيوپاڪستان تان ڪلام ٻُڌندا هُئا… اڪثر وڏِي عُمر جا ڳوٺاڻا ته بي بي سي خبرون ۽ سگھڙن جي ڪچهري ٻُڌڻ جا شوقين هُئا..
ڳالهه پئي ڪيم ذهن پرکڻ جي، ته پوءِ والدين انهن جي ڪيسٽن ۽ ڪلامن جي چونڊ مان اندازو لڳائيندا هُئا ته ڇوڪرو هاڻ سنوَت ۾ ناهي، جُئاني اچي وئي اٿس پرائو لوڙهو نه ٽِپي، انکان اڳ پرڻي جو بِلو ڪري ڇڏيندا هُئا.. هاڻ ته وقت سان گڏوگڏ سماج به اپڊيٽ ٿي ويو آهي، خاص طور والدين ته 2010 کان پوءِ ته صفا گھڻو اپڊيٽ ٿي ويا آهن، جو هاڻ سندن اولاد جي باري ۾ معلوم ڪرڻ آسان ٿي پيو آ، بس اولاد کي پنهنجي فرينڊلسٽ ۾ شامل ڪريو (فيڪ آئيڊيز تان)، ۽ پوءِ ويهي ڪرتُوت ڏِسو ته ڪهڙا گُل پيا ٽِڙن سوشل ميڊيا تي.. جلال چانڊئي جي جاءِ تي يويوهَنِي سنگھ ۽ ميکاسنگھ ، مڌوبالا ۽ دليپ ڪمار جي جاءِ عاليه ڀٽ ۽ ارجن ڪپور ڏسن ٿا.. لوڙها ٽِپڻ به اپديٽ ٿي ويا آهن، اڳي ڪنڊن جا لوڙها ٽِپندا هُئا ۽ هاڻ IP تبديل ڪري ويبسائٽن جا لوڙها ٿا ٽِپَن.. مطلب ته سڀ ڪُجھ اپڊيٽ ٿي ويو آ…
هڪ اردو شعر جِي سٽ سان ختم ٿو ڪريان ته : آگے آگے دیکھیئے ہوتا ہے کیا۔۔

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *