Powered by free wordpress themes

Home / informative / ماڻهو فيسبڪ کي هيئن به استعمال ڪندا آهن

ماڻهو فيسبڪ کي هيئن به استعمال ڪندا آهن

Powered by free wordpress themes

هُن چيو ته “توهان اڃا فيسبوڪ ئي ناهيو سمجھي سگھيا ته اڳتي ڪهڙا ڦاڙها ماريندؤ؟“

الائي ڇو مونکي هُن جو جملو چڙ ڏياريندڙ لڳو، غلط پيو چوي، پر غور ويچار ڪيم ته خبر پيم ته ڌاريئي سچ پئي چيو ، اسان اڃا فيسبوڪ کي ناهيون سمجھي سگھيا..

اڪائونٽ ٺاهڻ ته هرڪنهن کي اچي ٿو ته پر ان جو صحيح استعمال اڃان تائين نٿا ڪري سگھون.. پروفائل تصوير تي جانورن، جون تصويرون لڳل آهن ۽ نالو انسان جو لکيل آ، ڌاريا سمجھن ٿا ته شايد اُهو نالو اِن جانور جو آهي يا همراھ جانور آهي.. 

گروپ ٺاهي ماڻهن کي بار بار شامل ڪيو پيو وڃي ۽ اُتي ڪا ڪم جي ڳالهه ناهي صرف اليڪشنون پيون هلن ، هڪ شخص مقابلو ٿو ڪرائي، ٻه ڦوٽو پاڻ ۾ ملائي هڪ تي 1 نمبر ۽ ٻئي تي 2 نمبر لکي سوال ڪري ٿو ته ”پروفائل ڪنهن جي ڀلي آهي؟ 1 ڪامينٽ ڪريو 2 لائڪ ڪريو“..

يا ڪنهن مَلُوڪڙِي ڇوڪِرِي جي تصوير رَکِي ڪيپشن ۾ لکي ٿو ”مجھ سي رابطه ڪريو اس نمبر پر 000000..“

اسان جي پاڪستان جا نيم مُلان ته فيسبوڪ جي باني کي ڪافر سمجهن ٿا پر اُن جي ٺهيل فيسبوڪ تي پٽاٽي جي تصوير رکن ٿا جنهن تي اسم اعظم لکيل هُجي ٿو ۽ ڪيپشن ۾ لکيل هُجي ٿو ته ”شيئر پي ڪلڪ ڪروگي تو شيطان روڪي گا“. هڪ مسلمان ٻيو غيرتي جملو لکيل نيٺ شيئر تي ڪلڪ ڪري ٿو ۽ اُن جو فائدو تصوير اپلوڊ ڪرڻ واري کي ٿئي ٿو..(اها مارڪيٽنگ ڪندڙ دوست درست سمجھائي سگھن ٿا ته اهو فائدلو ڪيئن پهچي ٿو .)

عورت جي ٺهيل آئي ڊي تان اسٽيٽس اپڊيٽ ٿئي ٿو ته ”مائي شادي ڪري ڇڏي فلاڻي فلاڻي ۽ 12 ٻين سان“… (Got Married with XYZ, XYZ & 12 others)

همراھ اڪيلو سُٺي ريسٽورينٽ تي ماني کائڻ وڃي ٿو پنهنجو ڦوٽو رَکِي اسٽيٽس لکي ٿو ”ماني پيو کاوان فلاڻن فلاڻن سان گڏ“ (eating Dinner with XYZ, XYZ & 50 others).. هاڻ جن کي ٽيگ ڪيو هوندو اٿئين اُنهن جو ته وات پاڻي ٿيو وڃي، سُلجھيل ته ٽيگ ريموو ڪريو ڇڏين پر جن کي فيسبوڪ سمجھ ۾ ناهي آيو هوندو اُهي ته ويچارا ڪامينٽ اهڙا ٿا لکن جو همراھ جي عزت وڌيو وڃي جهڙوڪه ”واه واه اڪيلي اڪيلي پيو کائين“.

بحرحال گھڻيون ڳالهيون آهن، آئون انهن دوستن کي عرض ڪندس ته مهرباني ڪري ڪٿي به اڪيلي يا پنهنجي فيملي سان گڏ ماني کائو ٿا، گھمڻ وڃو ٿا ۽ توهان جا اُهي دوست جيڪي تنهن وقت سٿ ۾ شامل نٿا هُجن انهن کي ٽيگ ڪري انهن جو وات پاڻي نه ڪندا ڪريو… فيسبوڪ کي پهرين سمجھو پوءِ استعمال ڪريو يا پهرين پنهنجن سينئرن کان سِکو ته فيسبوڪ آخر چوي ڇا ٿو.. ڪجهه ٻين جي ارمانن جو به خيال ڪندا ڪريو..

About Ubed Thaheem

Check Also

sindh_versity_band_versity

خدارا سنڌورسٽيءَ کي بندورسٽِي نه بڻايو

وڏي ڪوشش کانپوءِ مس مس يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيءَ وارو ماحول ٺهيو آ، مٿان وري اهڙا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *