Powered by free wordpress themes

Home / Prose / مارچ 8، عورتن جو عالمي ڏينهن

مارچ 8، عورتن جو عالمي ڏينهن

Powered by free wordpress themes

عورتن جي عالمي ڏينهن تي آئون اُنهن عورتن کي سلام پيش ٿو ڪريان جيڪي مُنهنجون استاد، محسنه ۽ دوست رهيون آهن، جن جي ڪري آئون اڄ ان قابل ٿيو آهيان جو توهانجي پڙهڻ لاءِ ٻه اکر پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ لکي رهيو آهيان..

منهنجي پهرين اُستاد عورت منهنجي امڙ آهي، جنهن مونکي اُن دؤر ۾ جياريو جڏهن ڊاڪٽرن به آسرو پلي ڇڏيو هو.. اڄ به جڏهن ڳوٺ ويندو آهيان ته مُنهنجي خيرسلامت گھر پڄڻ تي سندس چهرو گُلڙن جيئن ٽِڙي پوندو آهي.. پالڻهار کان دعا آهي ته سندس شفقت ۽ ٻاجھ جو هٿ مون مٿان ائين ئي سلامت رکي جيئن رکندي آئي آهي..

اڄ اُن عورت کي به سلام پيش ڪندس جيڪا منهنجي دوست منهنجي ٿڃ شريڪ ڀيڻ آهي، جنهن مُنهنجي لاءِ گھڻو ڪُجھ ڪيو آهي.. پنهنجي مُڙس کان وڌيڪ مُنهنجو خيال رکندي اچي.. الله ائين ئي اسانجي رشتي کي قائم رکي..

منهنجي ٻين اُستاد ۽ منهنجي باس کي به سلام پيش ڪندس جنهن مونکي همٿايو ۽ ٻوليءَ لاءِ سچي نيت سان ڪم ڪرڻ تي آماده ڪيو، مونکي ڀائرن وانگي ڀايائين، جنهن ڪڏهن به مونکي پنهنجو ماتحت ملازم نه سمجھيو پر مونکي پنهنجي ڀائرن جيئن سمجھيائين.. مولا کيس سلامت رکي

آئون عورتن جي عالمي ڏينهن تي اُن خوبصورت ۽ خوبسيرت عورت ’لاحاصل‘ کي به سلام پيش ٿو ڪريان، جنهن سان منهنجو عجيب رشتو رهيو آهي، اهڙو رشتو جيڪو ماءُ ۽ ڀيڻ کان پوءِ سڀني رشتن کان وڌيڪ نرالو آهي، جنهن جا ٽهڪ مونکي به کلائن ٿا، جنهن جا ڏُک به مونکي روئاڙن ٿا، جنهن جون صلاحون مونکي زندگيءَ ۾ قدم اڳتي وڌائڻ لاءِ اتساهن ٿيون.. جنهن لاءِ حسن درس چيو آهي ته ”ساري سِنڌ پرينءَ جو پاڇو“.. شل ائين ئي مُسڪرائيندي رهي ۽ سندس شفقت جو هٿڙو مون مٿان سدائين قائم رهي..

عورتن جي عالمي ڏينهن تي آئون اُنهن اداڪارائن کي به سلام پيش ٿو ڪريان جيڪي منهنجي زندگيءَ جي ڊرامي ۾ ”گرل فرينڊ“ جو ڪردار نڀائڻ لاءِ آيون ۽ ٻه ٽي ڊائلاگ چئي منهنجي زندگيءَ مان نڪري ويون.. جيڪي منهنجي زندگيءَ جي ڊرامي ۾ فقط ڪُجھ لمحن لاءِ ئي سهي پر ڪردار نڀائي ويون آهن.. شل جِتي به خوش هُجن.. ۽ ايتريون خوشيون ماڻين جن جو هُنن ڪڏهن تصور به نه ڪيو هُجي..

۽ آخر ۾ اُنهن دوستن، ڀيڻن ۽ سنڌي باسيرت عورتن کي به سلام پيش ڪندس جيڪي حيدرآباد جي شهر ۾ علمي ادبي ڪاوشن کي جاري رکيو اچن ۽ مونکي پنهنجي اولاد، ڀاءُ ۽ دوست جيئن سمجھنديون آهن.. شل ائين ئي علمي ادبي سرگرمين کي جاري رکنديون اچن.. خوش هُجن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *