Powered by free wordpress themes

Home / informative / مائڪروسافٽ ونڊوز وسٽا کي الوداع ڪرڻ جو وقت اچي ويو

مائڪروسافٽ ونڊوز وسٽا کي الوداع ڪرڻ جو وقت اچي ويو

Powered by free wordpress themes

جيڪڏهن توهان مائڪروسافٽ ونڊوز استعمال ڪندڙ دنيا جي انهن 0.78 سيڪڙو صارفين مان آهيو ، جيڪي اڃا تائين مائڪروسافٽ ونڊو وسٽا استعمال ڪري رهيا آهن ته توهان لاءِ هڪ بُري خبر آهي. مائڪروسافٽ ڪمپنيءَ ونڊوز وسٽا کي هميشه لاءِ الوداع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. 11 اپريل 2017ع کان پوءِ مائڪروسافٽ ونڊوز وِسٽا لاءِ ڪابه اپڊيٽ جاري نه ڪندي. بلڪل ائين جيئن ونڊوز ايڪس پي جي سپورٽ ختم ڪئي وئي آهي.

ونڊوز وسٽا، مائڪروسافٽ جِي تاريخ جي ناڪام ترين آپريٽنگ سسٽمز مان هڪ آهي. هن آپريٽنگ سسٽم جي حوالي سان نه ئي مائڪروسافٽ خوش رهي آ ۽ نه ئي استعمال ڪندڙ.. ونڊوز وسٽا کي Aero يوزر انٽرفيس سان جاري ويو هو. پر ونڊوز ايڪس پي جي انٽرفيس کان ايروانٽرفيس تي مُنتقلي صارفين لاءِ آسان نه هو ۽ اڪثر ڪمپيوٽر هارڊويئر اُن وقت هن لاءِ اڃا تيار به نه هُئا. ۽ پڻ ايروانٽرفيس ۾ تنهن وقت کوڙ سارا مسئلا به هُئا، پوءِ ساڳيو ئي ايروانٽرفيس ونڊوز 7 ۾ به استعمال ڪيو ويو ۽ ونڊوز سيون کي مقبول ترين آپريٽنگ سسٽمز جي فهرست ۾ آڻي ڇڏيائين. ونڊوز وسٽا کي استعمال ڪندڙ جيترا گھٽ آهن اوترو ئي مائڪروسافٽ ان کي ختم ڪرڻ جو اعلان به هُل هنگامي سان ناهي ڪيو جيترو مائڪروسافٽ ونڊوز ايڪس پي جي ختم ٿيڻ تي ڪيو هو..
ياد رهي ته هن وقت مائڪروسافٽ ونڊوز 10 آپريٽنگ سسٽم سڀ کان هلڪو ۽ مقبول ترين آپريٽنگ سسٽم آهي، جيڪو لانچ ٿيڻ جي پهرين سال ئي ماڪروسافٽ پاران 1 سال لاءِ مُفت رليز ڪيو ويو هو..

About Ubed Thaheem

Check Also

profile_tasveer

پروفائل تصوير

فيسبڪ، ٽئيٽر سميت جيڪي به سوشل ميڊيا ويبسائٽس آهن اُنهن تي هر صارف (يوزر) پنهنجو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *