Powered by free wordpress themes

Home / informative / فون ۾ ڊبل ڪئمرا بابت ڪُجھه اهم ڳالهيون

فون ۾ ڊبل ڪئمرا بابت ڪُجھه اهم ڳالهيون

Powered by free wordpress themes

اڄڪلھ سمارٽ فون ۾ تمام سُٺيون ڪئمرائون اچڻ لڳيون آهن جو اُنهن ته ڊجيٽل ڪئمرائن جو دور ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. سمارٽ فون ڪمپنين لاءِ چئلينج اهو هوندو آهي ته فون جو وزن ۽ ٿولھ گھٽ ڪندي، ڪئمرائن کي ڪيئن بهتر ڪجي. ان مسئلي کي ختم ڪندي هاڻ هڪ ئي ڊوائس ۾ هڪ کان وڌيڪ ڪئمرائون لڳائجن پيون. جيڪڏهن فون ۾ سامهون يا پويان هڪ سان گڏ ٻي به ڪئمرا لڳل هُجي ته اُن جا ڪهڙا فائدا ٿي سگھن ٿا؟ هتي بيان ڪريان پيو.

ڊبل ڪئمرا آخر ڪار آهي ڇا؟؟

سمارٽ فون جي پوئين پاسي هڪ ننڍو ڪئمرا لينس ڏنل هوندو آهي. سمارٽ فونن ۾ ڪئمرا ماڊيول تمام ننڍو هوندو آهي، ڇوته فون پاڻ ئي سنهو هوندو آهي. اُن مختصر ماڊيول ۾ ئي لينس جي کوڙ سارن عنصرن کي شامل ڪرڻو پوندو آهي. ان ۾ اميج سينسر ۽ آپٽيڪل اميج اسٽيبلائزيشن لاءِ ننڍا موٽرز به لڳل هوندا آهن.

ڊبل ڪئمرا سيٽ اپ ۾ توهانکي ٻه لينس نظر ايندا، جن کي گڏوگڏ ساڄي کاٻي يا هيٺ مٿي لڳايو ويندو آهي. ان جو مطلب آهي ته ڊوائس ۾ ٻه پليٽون ۽ الڳ الڳ ڪئمرا ماڊيول لڳل آهن. انهن مان هڪ پرائمري لينس هوندو آهي، جيڪو بنيادي ڪم ڪندو آهي. ٻيو اضافي روشني، گهرائي، فوڪس ڪيل آبجيڪٽ جي آس پاس ۽ بيڪگرائونڊ کي ڌنڌلو ڪرڻ جو ڪم ڪندو آهي.

ٻٽي ڪئمرائن وارو پهريون فون:

ٻٽي ڪئمرائن (ڊبل ڪئمرا) وارو سمارٽ فون سڀ کان پهرين سال 2011ع ۾ منظرِ عام تي آيو. HTC Evo 3D نالي سمارٽ فون ۾ ڊبل ڪئمرا سيٽ اپ استعمال ڪيو ويو هيو، ته جيئن 3D  فوٽو ڪڍي سگھجي.  انهن کي سمارٽ فون جي 3D  اسڪرين تي پڻ ڏٺو ويندو هو. ان کان پوءِ هن ٽيڪنالاجيءَ سان گڏ تجربا به ڪيا ويا پر ڪامياب نه ٿيا. سال 2014 ۾ HTC One M8 نالي موبائل ۾ ڊبل ڪئمرا سيٽ اپ لڳل هيو. هي ڪافي شاندار نتيجا ڏئي رهيو هو. 2016 ۾ ڊبل ڪئمرائن سمارٽ فونن ۾ جاءِ جي پريشانيءَ کي ختم ڪندي شاندار رزلٽ ڏيڻ شروع ڪيو.

ٻٽي ڪئمرائن جو ڪهڙو فائدو آهي؟

هن حوالي سان ذهن ۾ کوڙ سارا سوال جنم وٺن ٿا ته ٻٽن ڪئمرائن ۾ ٻئين ڪئمرا کي ڪيئن استعمال ڪيو ويو آهي، ۽ انهن جي ڪري تصويرن جو رزلٽ ڪيئن آهي؟ ٻٽي ڪئمرا سان ورتل تصوير، واحد ڪئمرا جي مقابلي ۾ تمام گھڻي سُٺي هوندي آهي. هن ۾ فوڪس انتهائي سٺو ٿيندو آهي ۽ تصوير ۾ رنگ به نمايان هوندا آهن. کوڙ ڀيرا ٻٽن ڪئمرائن سان 1x  ۽ 2x  آپٽيڪل زوم ۾ اضافو ڪرڻ جي سهولت به هوندي آهي.

تصوير جو معيار ڪيئن جانچجي

تصوير جو معيار کوڙ ڳالهين تي منحصر هوندو آهي، ڀلي کڻي ٻٽي ڪئمري سان نتيجا سُٺا اچن، پر سنيسر سائز، پگزلس سائز، اپرچر ۽ پوسٽ پروسيسنگ به سُٺي تصوير ڇڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ائين ناهي ته ڪوبه عام ٻٽن ڪئمرائن واري فون سان توهان اعليٰ معيار جون تصويرون ڇڪي سگھو. سامسنگ گليڪسي S7 / S7 Edge، گوگل پگزلس، ون پلس3، LG G5، موٽرولا (ميڪس ايڪس) ۽ HTC 10 سان به هلڪي سوجھري ۾ ،کوڙ ٻٽن ڪئمرائن واري فونن کان وڌيڪ سُٺيون تصويرون ڇڪي سگھجن ٿيون.

ڪئمرا کي استعمال ڪيئن ڪجي؟

(1) عام طور تي اسان ڪئمرا کي پورٽريٽ (اُڀو ڪري) ڦوٽو ڇڪيندا آهيون، ۽ پوءِ چاهيندا آهيون ته ڀر ۾ بيٺل دوستن جا ڦوٽو به اچن، اهو سڀ ڪُجھ ڪرڻ لاءِ ٿورو وڌيڪ مفاصلي تي بيهي ڦوٽو ڇڪڻو پوندو آهي.  پر ڦوٽوگرافر ڦوٽوءَ کي اڪثر لينڊاسڪيپ (فون کي پاسيرو ڪري) ڦوٽو ڇڪيندا آهن، ان سان ڇا ٿيندو آ ته ڦوٽو ۾ سمورو گروپ (يا آبجيڪٽ) به اچي ويندو آهي ۽ ڦوٽو  به گھٽ مفاصلي تان ورتو ويندو آهي.. مطلب ته جيترو وڌيڪ ڪئمرا ويجھو هوندي اوترو ڦوٽو صاف ۽ چِٽو نظر ايندو.

(2) جيڪڏهن توهان ڪنهن وڻ، گُل يا قدرتي منظر (سينريءَ) جو ڦوٽو ڇڪڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ موبائل سيٽ جِي سَندِي ڪئمرا استعمال ڪريو، ڪينڊي يا ريٽريڪا  بظاهر ڦوٽو ته صاف ڪڍنديون آهن پر اُهي پگزلس کي ٽوڙي ڇڏينديون آهن. جيڪڏهن موبائل سيٽ جي پنهنجي ڪئمرا جو رزلٽ خراب آهي يا سُٺي ناهي ته پلي اسٽور مان ”گوگل ڪئمرا“ انسٽال ڪريو، جنهن سان سُٺيون تصويرون ڇڪي سگھجن ٿيون.

(3) موبائل ڪئمرا هُجي يا ڊجيٽل ڪئمرا، ڦوٽو ڇڪڻ مهل بٽڻ کي دٻائڻ کان پوءِ به ڪُجھ سيڪنڊ انتظار ڪريو ، تڪڙ ۾ بٽڻ دٻائڻ کانپوءِ ڪئمرا کي لوڏڻ يا حرڪت ڏيڻ سان تصوير ڌُنڌلي ٿي سگھي ٿي، تصوير ڇڪڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو تصوير کي ويجھو ڪري تسليءَ سان ڏِسي وٺو ته ڪٿي تصوير ڌُنڌلي ته نه آئي آهي! ڇوته تصوير ڇڪڻ جو موقعو باربار ناهي ملندو 🙂 🙂 خاص ڪري بُلبل جو آکيري مٿان اُڏرڻ وارو منظر  يا لهندڙ سِج جي ڳاڙهاڻ مٿيان پکيءَ جو پنهنجي گھر ڏانهن وڃڻ.

(4) يادرکو! ڦوٽو ڇڪڻ مهل ڪئمرا کي زوم موڊ تي ڪري ڦوٽو ڇڪڻ سان، ڦوٽوءَ جا پگزلس ٽُٽن ٿا، چاهي اُها  ڊجيٽل ڪئمرا هُجي يا سمارٽ فون جي ڪئمرا.

ڪيئن جانچجي ته ڪئمرا ڪهڙي موبائل جو سُٺو آهي؟

مارڪيٽ ۾ جيئن پوءِ تيئن هڪٻئي کان سُٺا نوان موبائل فون اچي رهيا آهن، پر اُنهن جي ڪئمرا رزلٽ ۾ فرق هوندو آهي، سُٺي ڪئمرا واري سمارٽ فون جي هڪ نشاني اِها به آهي ته اُهو سنگل سِم هوندو (جيئن موٽرولا)، ڪئمرا جو لينس وڏو هوندو ۽ ڪئمرا 10 ميگاپگزلس کان وڌيڪ هوندي.

توهان گوگل تي 10 ميگاپگزلس فرنٽ ڪئمرا (10 MP front camera Smartphone)  لکي ڳولها ڪندئو ته کوڙ سارا سمارٽ فون ملي ويندا.. هن وقت مارڪيٽ ۾ اوپو (OPPOF3Plus ) سمارٽ فون جي ڪئمرا جي تعريف منهنجي دوستن وٽان ٻُڌي آهي، آزمائي سگھوس ٿا J …

About Ubed Thaheem

Check Also

SnapTube-APK

موبائل (سمارٽ فون) تي ڪنهن به ويبسائٽ تان وڊيوز ڊائونلوڊ ڪريو.

جيڪڏهن توهان سمارٽ فون تي وڊيوز ڊائونلوڊ ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ کوڙ ساريون …

One comment

  1. ڪارائٿو ليک.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *