Powered by free wordpress themes

Home / Prose / غزال اکيون ۽ عورت

غزال اکيون ۽ عورت

Powered by free wordpress themes

اکيون بہ قدرت واري جي طرفان ھڪ خوبصورت نعمت آھن، پر جڏھن اُھي ڪنھن عورت جون ھجن ۽ غزال اکيون ھجن تہ مرد ويچارو ڀلي کڻي عورتن کان چڙندو ھجي پر ان عورت تي اڪن شڪن ٿي پوندو آ.

غزال اکين واري عورت جيڪڏھن ڪنھن سان محبت ڪندي تہ بي انتھا ڪندي ۽ نفرت بہ بي انتھا ڪندي.، چاھي اھو سندس ھمسفر ھجي يا اولاد نفرت ۽ محبت جي انتھا ڪندي…

غزال اکين وارو مرد وري حد درجي جو بي پتو ھوندو آ، ھن کي پاڻ تي مغروري ھوندي آ، ۽ ڪنھن ھڪ عورت سان عشق (پيار) ناھي ڪري سگھندو، ھن جي دل ڀنڀوري جيان بي سُکي ھوندي آ.

۽ وڏي ڳالھ تہ غزال اکين واري عورت ڏاڍي سلڇڻي ۽ براڊ مائنڊ ھوندي آ، ھر مرد سان ڳالھائيندي تہ مرد ائين سمجھندو ڄڻ سندس ساٿي ھجي، پر ھُوءَ کيس سٺو دوست سمجھي سگھي ٿي، نڪي بواء فرينڊ يا ھمسفر…

غزال اکين واريون اڪثر عورتون پوشيدہ بيمارين ۾ ورتل ھونديون آھن، جن جي خبر صرف سندس والدين يا ھمسفر کي ئي ھوندي آ.

سو، جيڪڏھن ڪا غزال اکين واري عورت ڏسو تہ پھرين پڪ ڪريو تہ ڪانٽو اڳئي فٽ تہ ناھي؟ انکان پوءِ ئي پرپوز ڪجؤس، نہ تہ دل ھٿن ۾ کڻي سدائين لاءِ گدو حوالي ٿي ويندؤ..

About Ubed Thaheem

Check Also

sindh_versity_band_versity

خدارا سنڌورسٽيءَ کي بندورسٽِي نه بڻايو

وڏي ڪوشش کانپوءِ مس مس يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيءَ وارو ماحول ٺهيو آ، مٿان وري اهڙا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *