Powered by free wordpress themes

Home / Prose / عورت جي جواني ۽ پدراڻو سماج

عورت جي جواني ۽ پدراڻو سماج

Powered by free wordpress themes

عورت جي جواني ۽ پدراڻو سماج

آسڪروائلڊ چوي ٿو ته ”عورت سمجھڻ لاءِ نه پر پيار ڪرڻ لاءِ هوندي آهي“، مونکي عجيب لڳو ته آسڪر ائين چيو ڇو آ… عورت کي سمجھڻ مشڪل آهي پر ناممڪن ناهي، ڇا توهان ڪڏهن غور ڪيو آ ته اسان مردن جيان عورتن جا به جذبات هوندا آهن، اُهي به چاهينديون آهن ته اسانجو به ڪو ساٿي هُجي جنهن سان ڏُک سور سليون، جنهن سان محبت ونڊيون جنهن کي بيحد چاهيون.. پر اُهي جڏهن پنهنجي اردگرد جي اُنهن ماڻهن کي ڏسنديون آهن، جيڪي عورتن سان نفرت ڪندا آهن ۽ اُنهن کي ياته جنسي ميلاپ ذريعي پنهنجي نفساني خواهش کي ماٺو ڪرڻ جو ذريعو يا ٻار پيدا ڪرڻ واري مشين سمجھندا آهن، ته پوءِ عورتن کي مردن سان نفرت ٿيڻ لڳندي آهي ۽ ٿيندي به ڇونه! اسانجي پدراڻي معاشري ۾ ائين ئي آهي ته مرد خودمختيار هوندو آ ۽ عورت کي پنهنجو غلام سمجھندو آه.
هڪ ڇوڪري هُئي جنهن جِي مائٽن شادي نه پئي ڪرائي، صرف انڪري جو مائٽن جي پسند جو (نوڪرِي ۽ بينڪ بيلنس وارو) ڇوڪرو هُنن کي نه پئي مليو، سال گذري ويا ۽ اُن ڇوڪريءَ جي عُمر 30 هن کي وڃي لڳي ۽ پوءِ هُن شادي ڪرڻ جو فيصلو ترڪ ڪري ڇڏيو.. ۽ مون کوڙ اهڙا ڇوڪرا ڏِٺا جن جي عمر اڃا 20 سال مس ٿِي ته والدين کي چيائون ”اسان هاڻ اڪيلا سمهي نٿا سگھون“ يا اهڙا ڪي سگنل ڏنائون ته مائٽن ترت شادي ڪرائي ڇڏي.. اُن ڇوڪريءَ ڪهڙو ڏوھ ڪيو جو هن جي شاديءَ لاءِ هُن جي گلن جهڙي جواني وڃائي ڇڏيوَ! اُها عورت حق تي نفرت ڪندي جنهن جي جوانيءَ کيس ڪو ساٿي نه مليو… ڇوڪرو ته ڪٿي به ڪارو مُنهن ڪري ٿو اچي پر ڇوڪري ڪيڏانهن ويندي؟ ۽ جيڪڏهن پوءِ ڪا ڇوڪري اهڙي گھراڻي کي لت هڻي ٽن ڪپڙن ۾ نڪري ٿِي ته اُنکي ڪارِي سڏيو وڃي ٿو ۽ ماريو وڃي ٿو.. مان ٿو پڇان ته اهو ڪٿان جو انصاف آ ؟
دين اسلام ۾ آهي ته جڏهن ٻار جوان ٿين ۽ بالغ ٿين ته سندن شادي ڪرائي وڃي.. پوءِ جيڪي پاڻ کي پڪا ديندار ٿا سڏائن اُهي پنهنجين نوجوان ڇوڪرين جي جواني ڇو ٿا برباد ڪن..؟ ۽ جڏهن جواني وئي ته پوءِ رشتيدار به اهڙو مرد ڳولهيندا آهن جيڪو يا ته اڳ ئي شادي شده هوندو آ يا عمر ۾ ڇوڪريءَ کان ٻيڻ تي وڏو هوندو آ..
خدارا ! ڪُجھه خيال ڪريو توهان مرد آهيو ته هُو عورت آهي، هُن جا به جذبات آهن جيئن توهانجا آهن…

About Ubed Thaheem

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *