Powered by free wordpress themes

Home / stories / Short Stories / سچ وڏو ڏوهاري آ

سچ وڏو ڏوهاري آ

Powered by free wordpress themes

—- ڪهاڻي —
“سائين، ٿورو گڏجي بِيھو، ھا اِتي….. ”
‘سھڻا ھاڻ ڦوٽو صاف ايندو ؟’
“سائين، مصنف صاحب کي وچ ۾ بيھاريو”
“ھا ادا بيھي رھيس.. ھاڻ؟ يار دير نہ ڪر”
“ڪتاب جو ٽائٽل ڪئمرا طرف ڪريو… ھا ھاڻ صحيح آ.” ھُن جي دل چاھي پئي تہ انھن جا ڦوٽو ئي نہ ڪڍي.. ڪجھ سيڪنڊن جي خاموشِيءَ کان ٻيھر آواز ڏئي ٿو
“سمائل ڪريو پليز”
ڪئمرا جي فليش جو آواز اچي ٿو، ٿورن ئي منٽن کان پوء فيسبوڪ تي ڦوٽو شيئر ٿين ٿا، مان بہ شيئر ڪريان ٿو ، سڀ ڪو مصنف صاحب کي عظيم ترين لکي پيو، مصنف جون اکيون ڦوٽؤءَ ۾ تہ ڪيترا لائڪ ملن ٿا… مان بہ شيئر ڪريان ٿو، ھُجت ۾ ڪيپشن لکان ٿو “نئين ٽھيءَ جي ھڪ واندي مصنف جي تصنيف جي مھورتي تقريب ۾ منھنجو ڄٻو ڦوٽُو ”
ٿوري دير کان پوء فيسبوڪ تان انفرينڊ ڪيو ويس… ڇو تہ “سچ وڏو ڏوھاري آ”

About Ubed Thaheem

Check Also

Mardana kamzori

مرداڻہ ڪمزوري

__ ڪھاڻي (عبيد ٿھيم) __ ھُن سان بحث ۾ مون ڪڏھن بہ نہ کٽيو آھي، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *