Powered by free wordpress themes

Home / Prose / زور جي مينڌي لڳندي ناهي، هُن جي مرضي جنهنکي چاهي

زور جي مينڌي لڳندي ناهي، هُن جي مرضي جنهنکي چاهي

Powered by free wordpress themes

شيخ اياز چيو ته : چاندني تو سواء نه ٿيندي.

سوچيان ٿو ته اهڙي جي سُهڻي سنگتياڻي هئس پاڻ نٿي ويو؟ سنگتياڻيءَ جي مائٽڻ جا موچڙا ٿي سُجھيس ڇا؟؟

عاشق به عجيب مخلوق آ، محبوب کي چئي ٿو تون اچ, پري ڇو آهين.. مان هڪ قدم نه اڳتي وڌندم، باقي نعرو هڻندا ته ”عشق ۾ سر به قربان آ“..

مونکي ته اڄڪلھ جا عاشق گدڙ ٿا لڳن، (عبيدٿهيم پاڻ وري ڪهڙو بهادر۽ ڪانڀو خان آهي)، هڪڙا عاشق، محبوب کي بليڪ ميل ڪري چوندا ته ”نه ملئين ته خودڪشي ڪري ڇڏيندس“ ۽ هڪڙا ته تعويذن پٺيان هزارين روپيا خرچ ڪري ڇوڪريءَ کي پياريندا ته مَن محبت ٿئي.. اڙي موڳا! عشق اٿئي ته پاڻ کي هُن جي قابل بڻاءِ نه! تعويذن سان ته تون هن کي عارضي طور حاصل ڪري سگھين ٿو پر هُن جي دل پنهنجي لاءِ جاءِ نٿو ٺاهي سگھين..

هڪڙا ويچارا عاشق وري مون جهڙا! سڄو ڏينهن اُداس، ٻيو ڪو ڌنڌو نه ڌاڙي! ڪير حال احوال پڇندن ته وراڻيندا ”بس يار! ڪهڙا ٿو حال پڇين، وڇوڙي وڍي ڇڏيو آ“، آئون انهن جي فطرت ڀلي ڀت سمجھان ٿو ته انهن کي ڪهڙو ”وڇوڙو“ آ..

شابس آ شاھ ڀٽائيءَ کي، جنهن مرد جي عشق کان وڌيڪ عورت جي عشق کي بيان ڪيو آ..هُن به عشق ۾ عورت جو ئي اڳتي اچڻ بيان ڪيو، سندس داستانن مان واضح آهي ته عورت ئي درياھ ۾ ٿِي گھڙي، جھنگ جھر ٿِي رُلي، ڪوٽن ۾ ٿي قيد ٿئي.. مرد ته سدائين سُست گدڙ، ڊڄڻو رهيو آ..ان جي ڀيٽ ۾ هتي جا مون جهڙا عاشق (معذرت سان! اديب نه چوندس) سڳورا، پنهنجي شاعريءَ ۾ پاڻ کي اهڙو ته پيا پيش ڪندا جو وڃي ٿيا خير.! مائٽ پريشان ته ڇوڪرو شاعر آ، ڪٿي خودڪشي نه ڪري. (خود_ ڪشي صرف شاعريءَ ۾ سُٺي لڳندي آ حقيقت ۾ وڏو عذاب آ، شايد ئي ڪو محسوس ڪري).

بهرحال ڳالهيون کوڙ آهن: انهن کي منهنجو خاموش پيغام آهي، جيڪي تعويذن تي ڪم ٿا هلائن، جيڪڏهن تعويذن سان ڪم ٿئي ها ته تعويذ لکندڙ سموريون سهڻيون مورتيون ميڙي پاڻ وٽ رکن ها، سو اهڙو ڪم ڪريو جنهن سان اڳئين جي دل ۾ عزت ۽ محبت ٻئي پيدا ٿين..

زور جي مينڌي لڳندي ناهي،

هُن جي مرضي جنهنکي چاهي..

(ڳالهيون اُنڊ جا بُنڊ! مائنڊ نه ڪجو)

About Ubed Thaheem

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *