Powered by free wordpress themes

Home / Prose / زندگي ھڪ حسين اتفاق آھي

زندگي ھڪ حسين اتفاق آھي

Powered by free wordpress themes

زندگي ھڪ حسين اتفاق آھي. خاص طور منھنجِي زندگي، جنھن ۾ سڀ ڪجھ ھوندي بہ ڪجھ ناھي، پنن جِي بُکَ مِٽائڻ لئہ انھن تي رومانٽڪ شعر، ولگر ڳالھيون، ڇڙواڳ ڪھاڻيون ۽ ڪھاڻين جا خوبصورت ڪردار چِٽيم، پر حقيقت بلڪل ابتڙ آھي. جيڪي ڪردار منھنجي ڪھاڻين ۾ خوبصورت ھئا سي سڀ بيڊولا بڻجي پينڊوليم جيان پيا ھلن. سڀ بڪواس آ، چڪور ۽ چنڊ، ڇوڪرِي ۽ سياري جون راتيون، رومانٽڪ ڳالھيون ۽ رومانس، جدايون وڇوڙا، سڀ بڪواس آ جيڪا مون پنن جو پيٽ ڀرڻ لئہ ڪئي.. مونکي اڄ بہ پڇتاؤ ناھي تہ مون پنن جو پيٽ ڀرڻ لئہ ائين ڇو لکيو؟ مان لکندو رھندس، ڇوتہ پنن جي پيٽ ڀرجڻ سان گڌوگڏ مان پنھنجي زندگيءَ کي دوکو بہ ڏيندو رھندس، جيستائين زندگيءَ جي ڪتاب جا پنا ختم نٿا ٿين لکندو رھندس.

About Ubed Thaheem

Check Also

women_and_male_dominate_society

عورت جي جواني ۽ پدراڻو سماج

عورت جي جواني ۽ پدراڻو سماج آسڪروائلڊ چوي ٿو ته ”عورت سمجھڻ لاءِ نه پر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *