Powered by free wordpress themes

Powered by free wordpress themes

خدارا سنڌورسٽيءَ کي بندورسٽِي نه بڻايو

وڏي ڪوشش کانپوءِ مس مس يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيءَ وارو ماحول ٺهيو آ، مٿان وري اهڙا اشوز ٺاهي سنڌيونيورسٽيءَ جي وقار کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڇا اِها به بين الصوبائي چال آ؟ هرگز نه! ان سموري سازش پويان پنهنجن جا ئي هٿ آهن.
هڪ ته اسانجا سنڌي (اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ) ميڊيا وارا يونيورسٽيءَ جي استادن جي بيعزتي ڪرائڻ ۾ ڪابه ڪسر نٿا ڇڏين (منهنجي خيال ۾ اهي به ونگار تي اهڙن اشوز کي کڻندا هوندا)..
سال ڍيڍ آئون به صحافت جي دنيا سان وابسطه رهيو آهيان، مونکي سڀ خبر آ ته صحافي خبرون ڪيئن حاصل ڪندا آهن، سچ ۾ ڪُوڙ ملائي ڪيئن اشوز ٺاهيندا آهن مونکان ڪُجھ به ڳُجھو ناهي، ڇوته مون اهڙيون خبرون پنهنجن هٿن سان لکيون آهن.. هڪ صحافي 4 اخبارن، 3 چئنلن جو مختلف نالن سان رپورٽر آ، هاڻ اُهو هڪ ماڻهو جيڪڏهن ڪوڙي خبر هلائي ته 7 ادارن مان خبر شايع ٿي! ۽ پوءِ اشوز ٺهي ويو… سنڌ يونيورسٽي واري خبر به وائرل ٿِي ته پوءِ بنا تحقيق جي اُها خبر اردو ميڊيا به جھٽي وَرتِي ۽ ملڪ ۾ سنڌ ورسٽيءَ جو جو نالو ”نوگو ايريا“ ۾ شامل ڪيو ويو ..
صحافين ڪڏهن حقيقتن کي جانچيو آ! سنڌورسٽيءَ ۾ جيڪي هوشيار شاگرد ۽ شاگردياڻيون آهن، انهن جي ڪڏهن حوصله افزائي ڪئي آ؟ نه، ڇوته هنن کي پُٺي ٺپرڻ اچي ئي ڪانه! هنن کي ته بس اشوز ٺاهڻا پنهنجا چينل، اخبارو ن هلائڻ لاءِ..
منهنجا سائينو! ڪُجھ هوش ڪريو! توهان ڇو اچي سنڌ ورسٽيءَ کي بند ڪرائڻ جي پويان پيا آهيو؟ توهان ته وڏن ادارن مان ڀَتا وٺِي پنهنجي شڪم کي ڀريو آ، پنهنجن ٻارن کي پرائيوٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن مان ڊگريون پيا وٺرايو ڇوته توهان وٽ مُفت جو مال آ! ڪڏهن سوچيو اٿؤ ته جيڪو ٻهراڙيءَ ۾ ڪنهن اسڪول جو پرائمري ماستر آ اُهو پنهنجا ٻئي ڪَن بند ڪري پنهنجِي ڌيءَ کي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺرائي ٿو ڏئي، اُهو گھر جو گُذارو ڪيئن ڪندو هوندو..؟ ڇو ٿا ٻين جا بدخواه ٿيو.. پٽون لڳندوَ سنڌ جُون..
جيڪڏهن توهان ۾ سچ لکڻ جي سگھ ناهي ته پليز ڪُوڙ نه لکو.. هروڀرو اشوز نه ٺاهيو، سنڌ ورسٽيءَ کي بدنام نه ڪريو… هتي به ته ڪنهنجيون نياڻيون پڙهن ٿيون.. ٻين صوبن ۽ ملڪن ۾ اسانجي يونيورسٽيءَ جو ڇا تصور ويندو؟ ٻيلي خدا کي مڃو سنڌ کي تباھ نه ڪريو… نه ته پوءِ ايندڙ نسل توهان کان ايترو باغي ٿيندو جيترو اڄ مُلن کان باغي آهي…

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *