Powered by free wordpress themes

Home / Poetry / حياتي هيکلي آهي

حياتي هيکلي آهي

Powered by free wordpress themes

حياتي هيکلي آهي…. (نظم)

اسان جا خواب هِن ساڳيا،
چوڻ تي تنهنجي جَي جاڳيا.
سياري سيءُ سوڙهو ڪيو،
”بهارن ۾ ملڻ اينديس“ ،
بهارون ڪهڙيون اي جانان ؟،
حياتي هيکلي آهي،
”نومبر نيم سردي ۾،
توکي ڀاڪر ڀرينديس مان،
چپن تُون هميشه ئي،
مُسڪراهٽ منهنجي لئه رکجان،
جڏهن سانوڻ وسي پوندو،
مٺا گھر جي مان آڳنڌ ۾،
زماني کي وساري بَس،
توکي ڀاڪر ڀرينديس مان“،
وُٺو سانوڻ بي_مُندو آ،
سموري سنڌ شاھد آ،
لۡڙڪن لارون وهن پيون ٿيون،
جيئين درياءُ وهندو آ،
اَچِي ڪو بند هِن کي ڏي،
ڪٿي سڀ خواب تنهنجا سي،
ڳلن تي مُون جذب نه ٿين،
انهن خوابن جي ساڀيان تُون،
ملي وڃ مونسين هيڪر،
رَهِي آ زندگي ٿوري،
اکيون توکي ڏِسڻ چاهين،
سهارو تون به منهنجو ٿيءُ،
حياتي هيکلي آهي….

About Ubed Thaheem

Check Also

munhjo_muqadar

منهنجو مقدر

منهنجو مُقدر… جيئن ڀڳل آئينا جيئن ڦِٽَل چهرو، اڌُوري سبيل ٽُڪ جي رلي، نومبر جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *