Powered by free wordpress themes

Home / Prose / تعليم دوست مجسمي کي بيحرمتي کان بچايو

تعليم دوست مجسمي کي بيحرمتي کان بچايو

Powered by free wordpress themes

جڏهن کان انسان شعوري طور بالغ ٿيو آهي ته اُن ڪنهن ٻئي کي عزت ڏيارڻ يا اهميت ڏيارڻ لاءِ کوڙ طريقا ڪتب آندا آهن، انهن مان هڪ طريقو مجسما تيار ڪري ڪنهن شخصيت يا شيءِ کي اهميت ڏيارڻ به آهي. ان روايت جا دنيا ۾ ڪيترائي مثال آهن. اسان جي سنڌ ۾ جرنيل هوش محمد شيديءَ جو مجسمو حيدرآباد جي گول بلڊنگ چوڪ تي آهي، جيڪو ان بهادر جرنيل جِي  شخصيت کي يادگار بڻائي ٿو.

انهيءَ روايت کي برقرار رکندي سنڌ ورسٽيءَ جي آرٽس اينڊ ڊزائن شعبي جي هڪ محنتي اُستاد مهينن جي محنت ۽ مشقت سان هڪ مجسمو  ان لاءِ تيار ڪيو ته جيئن يونيورسٽيءَ جي سُونهن ۾ اضافو ٿئي، ان مان سبق پرايو وڃي.. هي مُجسمو، جنهن ۾ تعليم جي اهميت نظر اچي ٿِي، جيڪو تعليم پرائڻ تي اتساهي ٿو، جيڪو انسان ٿيڻ جو درس ڏئي ٿو، اهو مجسمو جنهن هٿن ۾ ڪتاب آهي، اُهو ڪتاب جيڪو ماڻهوءَ کي انسان بنائي ٿو، اُهو ڪتاب جيڪو انسان ۾ آسمان ڇُهڻ جي طاقت پيدا ڪري ٿو.. انکي سنڌورسٽيءَ جي سينٽرل لائبرريءَ جي سامهون رکيو وڃي ٿو، اهو مجسمو جيڪڏهن امريڪا ۾ هُجي ها ته، سياح اچي ان جي ڀر ۾ بيهي ڦوٽُو ڇڪائن ها، ڪتاب جي هيٺيان بيهي اهو ٻُڌائن ها ته ”هائو! اسان به تعليم پرائڻ چاهيون ٿا، ڪتابن جي پاڇي ۾ رهڻ چاهيون ٿا..“ پر اهو مجسمو بدقسمتيءَ سان سنڌيونيورسٽيءَ ۾ لڳايو وڃي ٿو، اهو مجسمو لڳائڻ لاءِ انتظاميه وڏي محنت ڪري ٿِي، فرش ٺهرائي ٿِي، مجسمي جي ڀرپاسي ۾ گُل ٻوٽا رکائي ٿِي ۽ پوءِ مجسمي کي مادرِ علميءَ ۾ آندو وڃي ٿو.. سڀ خوش ٿين ٿا! ته سنڌ ۾ به مجسمن لڳڻ جو رواج پئدا ٿئي پيو، اها سنڌ! جنهجي ڪُکَ ۾ ايشياء جي عظيم شخصيتن جا مجسما هُيا پر اُهي ڊاٺا ويا … اُن سنڌ ۾ ٻيهر مجسمه سازيءَ جو ڪم ٿئي ٿو، ٻيهر مُجسمو ٺهيو، (شايد) پهريون مجسمو مادرِ علميءَ ۾ لڳو ته جيئن سنڌيونيورسٽيءَ جو مقصد ۽ تعليم جي اهميت ماڻهن کي خبر پوي پر! ان کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪُجھ شاگردن مذاق بڻائي ڇڏيو، ان جي نڪ ۾ هٿ وِجھي اهو سبق ڏنو پيو وڃي ته ”اجھو ڏِسو! اسان تعليم پرائيندڙن جو ساھ ڪيئن بند ڪندا آهيون“ ، ان جي ڪنڌ تي ويهي اِهو ٻُڌايو پيو وڃي ته ”اسان وٽ علم پرائيندڙن جو قدر هيءُ آهي“، پر ڇوڪرن کي اهو به گھٽ لڳو! پوءِ انهن ڇوڪرن، مجسمي جي هٿ ۾ جھليل ڪتاب تي سُمهي ڦوٽو ڇڪايا! ۽ سوشل ميڊيا تي رکيا ويا. مطلب ته انهن اهو به ٻڌائڻ پئي چاهيو ته ”ڪتاب اسان لئه ڪا اهميت نٿا رکن!“. اڃا ته مجسمي کي لڳندي ئي ڪُجھ ئي مهينا ٿيا آهن جو مجسمي سان اهڙي تعدي ڪئي پئي وڃي! اڳتي ته الائي ڇا ڪندا! ٿي سگھي ته اڳتي مجسمي جِي ڳچيءَ ۾ رسو وجھي ان کي گهليو وڃي! يا مجسمي تي پٿراءُ ڪيو وڃي! خبر ناهي ته سنڌورسٽيءَ جا شاگرد، اڳتي ان مجسمي سان ڪهڙو حشر ڪندا..

picc222

اهو مجسمو سنڌ ورسٽي بجاءِ دنيا جي ٻين اُسريل ملڪن جي تعليمي ادارن ۾ لڳل هُجي ها ته اتان جا شاگرد ائين هرگز نه ڪَن ها،  پر اها مُجسمي جِي قسمت چئجي جو سنڌورسٽيءَ ۾ اچي پهتو جِتي جي شاگردن وٽ اُن جو ڪوبه قدر ناهي، ان جي ڪابه قيمت ناهي! اهو مُجسمو سبق ڏيڻ بجاءِ شاگردن لاءِ صرف هڪ مذاق بڻجي پيو آهي.. اتي جيڪڏهن چي گويريا، هوچي منھ، ڪارل مارڪس يا ڪنهن ٻئي ليڊر جو مُسڪرائيندڙ مجسمو هُجي ها ته شايد اهي شاگرد (جيڪي مجسمي سان تعدي ڪن پيا) انهن سان به اهڙو ئي ورتاءُ ڪن ها.. سنڌ ورسٽي انتظاميه کي اپيل ٿو ڪريان ته اهڙن شاگردن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، ته جيئن آئنده ڪوبه شاگرد اهڙي قدم کڻڻ جي جُرئت نه ڪري

Check Also

sindh_versity_band_versity

خدارا سنڌورسٽيءَ کي بندورسٽِي نه بڻايو

وڏي ڪوشش کانپوءِ مس مس يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيءَ وارو ماحول ٺهيو آ، مٿان وري اهڙا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *