Powered by free wordpress themes

Home / Prose / تصوف ۽ ثقافت

تصوف ۽ ثقافت

Powered by free wordpress themes

ڇا توهان غور ڪيو آهي ته جيڪي صوفي اولياءَ ، بزرگ هُئا اُنهن ڪڏهن به شامون ڪونه ملهايون، انهن ڪڏهن به امن ڪانفرنسون ڪونه ڪوٺايون!! پوءِ اڄڪلھ جا ايجنٽ ائين ڇو پيا ڪَن ؟؟
اسان پنهنجو پاڻ کي وڏي فخر سان سنڌي ته سڏايون ٿا، موهن جي دڙي جا وارث ته سڏايون ٿا، پر ڇا اسان موهن جي دڙي جي ٻولي پڙهي سگھيا آهيون؟؟ ڇا اسان سنڌ کي سمجھي سگھيا آهيون ؟؟
تاريخ جي ورقن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌ اهو مجبور خطو هو جيڪو وقت بوقت مختلف قومن جي پناھ گاھ بڻيو، مختلف قومن سنڌ کي فتح ڪري ان تي ڌاڪو ڄمايو، جيڪو آيو ٿي اُن پنهنجي ئي ٻولي سنڌ ۾ هلائي ٿي، پر ڇو ؟؟ ڇا سنڌ جي صوفين جي روين انهن ويڙهاڪن / مهاجرن کي موهيو جو هِتي آيا ؟؟
نه منهنجا سائين نه! انهن سنڌ کي انڪري فتح پئي ڪيو ته سمنڊ ويجھو هو، ايشيا ۾ واپار ڪرڻ جو ذريعو سنڌ هُئي.. جيڪو نقشو سنڌ جو اسان ڪتابن ۾ ڏسون ٿا اُهو ته 1935ع واري ايڪٽ تحت بمبئي کان الڳ ٿيو آ!( اُن کان اڳ سنڌ ٻين رياستن جو حصو هُئي! ڪشمير جي خوبصورتي به سنڌ جو حصو هُئي) ننڍي کنڊ ۾ ته سنڌ تي هندن جي به حڪومت هُئي! انهن به پنهنجيون من موجيون مسلط ڪيون، انهن به سنڌ تي وڏا ظلم ڪيا اُهي وري ڪهڙو مسيت جا کڪ هُئا!! منهنجا سائين جيڪڏهن عربن سنڌ تي ڪاھ ڪئي ته ڇا ٻين قومن سنڌ کي اجرڪون پارايون ؟ سنڌ ۾ سنڌين جي سادگي ۽ غلامي ڏِسي جنهنکي جيڪو وڻيو سو ئي پئي ڪيائين، ڏوھ صرف بن قاسم تي ته گھوڙا گھوڙا هُن راجا ڏاهر جي نياڻين سان زنا ڪئي!! اڙي توهان ڪهڙو گھٽ ڪيو آ ؟ بن قاسم ته راجا ڏاهر جي نياڻين لڄ لُٽي (توهان جي مطابق) ڇا توهان ۽ اسان اڄڪلھ سنڌي نياڻين جي عزتن جا محافظ آهيون ؟
خئير! اسان پنهنجو پاڻ تي ايڏو بانور ڇو ڪريون ته اسان موهن جي دڙي جا وارث آهيون! اهو ته اسان کي انگريز سر جان مارشل ئي ٻُڌايو ته هتي به ڪا ثقافت هُئي! سو به 1922ع ۾ ٻُڌايائين ان کان اڳ جي سنڌين ته ڪڏهن به بانور ڪونه ڪيو ته اسان 5000 سال پراڻي ثقافت جا وارث آهيون.. سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه آهي عربن، انگريزن ۽ ٻين قومن جي محنت جو نتيجو آهي، اگر اُهي سنڌ تي ڪاهون نه ڪن ها ته شايد ئي اسان جي سنڌ ۾ لئنڊس ڊائون جهڙيون پُليون ٺهن ها..! شايد ئي اسان سولي سنڌي لکي ۽ پڙهي سگھون ها، شايد ئي اسان شاھ جي مقبري ڀرسان بيهي سگھون ها، شايد ئي اسان ٺٽي جي تاريخي قبرستان ۽ مسجد جي اڳيان بيهي ڦوٽو ڇڪائي تاريخ جو وارث سڏايون ها..
باقي تصوف ته ثقافت کان تمام گھڻو مختلف آهي، مهرباني ڪري انکي ثقافت کان الڳ رکيو وڃي.

About Ubed Thaheem

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *