Powered by free wordpress themes

Home / stories / بور ماڻھو

بور ماڻھو

Powered by free wordpress themes

 (ڪھاڻي : عبيد ٿھيم)

’تون انتھائي بور قسم جو ماڻهو آھين‘
ھُن بيزار ٿيندي چيو، منھنجي ذھن ۾ اُن وقت ھُن لاءِ ڪابہ ھمدردي نہ ھئي ۽ نہ ئي مونکي احساس ھو تہ مان بور قسم جو ماڻھو آھيان.. مون پنھنجي پاڻ کي وڏو فني خان ۽ الائي ڇا ڇا پئي تصور ڪيو، ائين پئي ڀانيم تہ مان ڪو وڏو معتبر ماڻھو آھيان، مون سان ھرڪو خوش رھي سگهي ٿو… پر نہ! اھو سڀ ڪُجهہ منھنجو وھم ھو، اُھو وھم جنھنجو ڪو علاج ئي ناھي.. مان اعتراف ٿو ڪريان تہ مان انتھائي بور قسم جو ماڻھو آھيان.
مان شادي بہ فقط انڪري ئي نٿو ڪريان تہ مان ’بور قسم جو ماڻھو‘ آھيان، مونکي رشتا نڀائڻ نٿا اچن، مونکي الائي ڇو رشتا کوکلا لڳندا رھيا آھن.. سوين دوست ھئڻ باوجود مان پنھنجي پاڻ کي تنھا محسوس ڪندو آھيان فقط انڪري تہ مان ’بور قسم جو ماڻھو‘ آھيان.. منھنجي دماغ ۾ جيڪا ڳالھ فِٽ ٿِي سا ڪڏھن نٿي نڪري سگهي.. جيئن تازو منھنجي دماغ ۾ اِھو وائرس اچي ويو آھي، جيڪو لُوپ تي پيو ھلي تہ ”مان بور قسم جو ماڻھو آھيان“..
’ڪھڙي ڳالھ ۾‘ مون موبائل ۾ ٽائپ ڪندي کانئس پڇيو
’مان توسان ڪچھري ڪرڻ ٿِي چاھيان حال اورڻ ٿي چاھيان! پر تنھنجوسمورو ذھن ڪمپيوٽر جي ڪِيڙن مڪوڙن وارِي ٻولي ۾ لڳل آھي‘ ھُن چيو، منھنجي صحت تي ڪو اثر نہ ٿيو، ڇوتہ مان بور قسم جو ماڻھو آھيان.
بور قسم جا ماڻھو فقط اُھي ناھن ھوندا جيڪي مائڪ آڏو بِيھِي ڊگها ڊگها مقالا پڙھي ٻُڌائن ۽ ٻئي ڏينھن تي ساڳيا مقالا مَن پسند اخبارن ۾ شايع ڪرائن، پر ڪُجهہ مون جھڙا بہ بور قسم جا ماڻھو آھن، جن کي خبر ناھي ڪھڙي کُٽيءَ کنيو جو اچي ڪمپيوٽر جو پاسو ورتن، نہ گهر جا نہ گهاٽ!
’مان اھڙو آھيان! تون ئي بوريت ختم ڪر ڀلا!‘ مون کيس ٽائپ ڪندي چيو. ھُن جو ڪوبہ جواب نہ آيو! شايد مان ايترو بور ڪندڙ آھيان جو ھاڻ رات جو ننڊ بہ مونکان بور ٿِي ڀڄي ويندي آھي، مون سان بہ ڪُجهہ عجيب ڪيفيت آھي، اکيون بند ڪندو آھيان تہ ننڊ اچي! پر جيئن تہ مان بور قسم جو ماڻھو آھيان تنھنڪري رات بہ مونکان بور ٿيندي آھي ۽ مُنھن ڦيري وٺندي آھي تان جو اچي سِج سلامي ڏئي پڇندو آھي ’ڊِيڪرا! ھل ھاڻ ڪم تي‘ ۽ پوءِ مان پنھنجين ٿڪل اکين تي حيدرآباد جي واٽرسپلاءِ وارو ميرو پاڻي مُنھن تي ھڻي ڪپڙا مٽائي پنھنجي آفيس ۾ ھليو ايندو آھيان ٻين کي بور ڪرڻ… ڪڏھن ڪڏھن مان بُرش بہ ناھيان ڪندو ۽ پوءِ سموري آفيس وارا منھنجي ڀر ۾ ويھڻ کان لھرائيندا آھن.
’شادي ڇو نٿو ڪرين!‘ ھُن ھڪ ڀيرو واٽس ايپ تي پڇيو، مان ڪھڙو جواب ڏيانس ھا! ھُجت ۾ چيومانس ’مونکي پنھنجي پير تي ڪُھاڙو ناھي ھڻڻو!‘ ۽ پوءِ ھُن مونکي شاديءَ جي فائدن تي ھڪ ڊگهو وائيس ليڪچر ڏِنو… مان پھريون ڀيرو بور ٿيس! ھونءَ تہ ٻين کي بور ڪندو رھندو آھيان تہ مونکي احساس نہ ھوندو ھو تہ بور ٿيندڙ ماڻھوءَ مٿان ڇا گذرندي ھوندي! پر جڏھن ھُن جو شاديءَ تي ليڪچر زوري ٻُڌم تہ پاڻ کي دُنيا ۾ انتھائي بور ٿيندڙ ماڻھن جي فھرست ۾ اول نمبر تي ڀانيم! مون کي شادي لفظ کان ئي بوريت ٿيندي آھي!
’شادي آھي ڇا! خوشِي، پر نڪاح ۾ پيل ماڻھو خوش تہ ناھن ھوندا!‘ آئون سِلو انٽرنيٽ اسپيڊ ۾ چار ڀيرا ريٽراءِ ڪرڻ کان پوءِ کيس وائِيس ميسيج ڪرڻ ۾ ڪامياب ويس.
’نو! يُو آر رانگ! ھر ڪامياب مرد پويان ھڪ عورت جو ھٿ ضرور ھوندو آھي‘ ھُن مونکي ٽيڪسٽ ڪيو، مونکان کل ڇڏائجي وئي، ڇوتہ اِھا دُنيا جي بَڪواس ترين چوڻي آھي جيڪا مان گذريل ڪيترن ئي سالن کان پڙھندو ۽ ٻُڌندو اچان، مونکي بڪواس انڪري لڳندي آھي تہ ماڻھو فقط اُتي ئي عورت تي ڪاميابيءَ جو سھرو رکندا آھن جڏھن شاديءَ جي ڳالھ ايندي آھي.. پر ڪڏھن بہ اُتي ناھن رکندا جڏھن ماءُ جا شفقط ڀريا ھٿڙا دُعا لاءِ کڄندا آھن.
’بڪواس! انتھائي گهٽيا جُملو!‘ مون کيس ٽيڪسٽ ڪيو..
’تہ پوءِ تنھنجي نظر ۾ عورت جي عزت ناھي! عورت ڪاميابيءَ جو اُھو در اٿئي جتان ھر مرد پار ڪرڻ کانپوءِ ڪامياب ٿيندو آھي‘ ھُن تڪڙ تڪڙ ۾ ميسيج لکيو، شايد واندِي ھُئي ۽ مونکي بور پئي ڪيائين! مان جيڪو ڪڏھن بہ بور ناھيان ٿيندو، پھريون ڀيرو بور ٿي رھيو ھُئس..
’اھو ھرگز ناھي تہ اُھا عورت زال ھُجي! اڪثر ڀيڻ يا ماءُ ئي ھوندي آھي، زالون تہ مُڙسن لاءِ ھڪ قسم جو آزار ھونديون آھن.. زال جيڪڏھن مرد سان سيڪشوئل رليشن نہ رکي تہ پوءِ يقين سان چوان ٿو، تنھنجي اھا ڪھاوت تہ ڪاميابي عورت (زال) جي ڪري ملندي آھي، اھا ڪوڙي ٿي پوندي..‘ مونکي ڪاوڙ اچڻ لڳي ھُئي.. خبر ناھي ڇا ڇا لکي ويو ھُئس.. مرد ھوندي بہ مرد جي خلاف ڳالھ لکي ويو ھُئس.. پر مونکي ڪوبہ پڇتاءُ نہ ٿيو ھو..
’زال صرف سيڪشوئل رليشن لاءِ ناھي ھوندي ڪِنا، اُھا زندگيءَ ڀر جو ساٿ ڏيندي آھي ڀُوڪَ..‘ ھُن وائيس ميسيج ڪيو.. دل چاھيو تہ کيس اُھي سڀ مثال سامھون رکي ٻُڌايان تہ طلاق ڇو ٿيون گهُرن…
’اڇا! تہ پوءِ طلاق ڇو ٿي ٿئي! جيڪڏھن زال سيڪشوئل رليشن لاءِ ناھي ۽ بقول تنھنجي اُھا زندگي ڀر ساٿ نڀائڻ واري ھوندي آھي تہ پوءِ طلاق ڇو ٿيندي آھي؟..‘ مان ھاڻ بور نہ پئي ٿيس.. منھنجي بوريت ختم ٿي رھي ھُئي ڇوتہ مون پنھنجي دماغ کي شادي جھڙي ھڪ بور ترين ٽاپڪ کان طلاق جھڙي گهٽيا ٽاپڪ تي ڳالھائڻ لاءِ راضي ڪيو…
’طلاق جو ذڪر ڪٿان آيو! يار تون بہ بور آھين‘ مون نلڪي مان ھٿ ڌوئندي موبائل کنيو… ھُن وري بہ لکيو ھو تہ مان بور قسم جو ماڻھو آھيان..
مون ٽِڪ ٽِڪ ڪندي کيس لکيو، ’يار.! تون ٿورو سوچ، تنھنجي پاڙي ۾ ڪيترين ماين طلاق ورتي آ؟ اُھي ڪريڪٽر جون ڪيتريون شريف ھيون پوءِ بہ طلاق ورتائون؟ ڇو؟‘
’ڇوتہ اُنھن کي سندن مُڙس پسند نہ ھوندا‘ ھُن جو شارٽ ڪٽ رومن ۾ ميسيج آيو..
’نہ! اُنھن کي مُڙس خوش نہ رکي سگهيا ھوندا تڏھن طلاق ورتي ھوندائون…‘
’يار! ائين ناھي چئبو!‘
’تہ پوءِ ڇا چوان! سِڌي ڳالھ آھي تہ جيئن مرد شادي فقط جنسي لذت لاءِ ڪندو آھي تيئن مايون بہ ڪنديون آھن.. جيڪڏھن شادي عُمر ڀر نڀائڻ لاءِ ٿيندي ھُجي ھا تہ يقين ڪر! اُھي اڄ طلاق ئي نہ وٺن ھا، مان ڪھڙا نالا کڻان! تنھنجي ڀرسان واري گهر ۾ گذريل مھيني ھڪ طلاق ٿِي آھي، مان نام نھاد وڪيل پڻ آھيان، مون کي سڀ خبر آھي.. پر مان ڇا ٿي ڪري سگهيس! ھاڻ (نالو کڻندي) وري ٻِين شادي پيو ڪري! ڪالھ ئي مون سان پاڙي واري ڊاڪٽر ڳالھ ڪئي تہ ھُن جي طلاق فقط مرداڻہ ڪمزوريءَ جي ڪري ٿِي ھُئي، سس جي بِھيوئر جو مسئلو نہ ھو‘ مان ليپٽاپ تان واٽس ايپ کولي کيس ڊگهو ميسيج لکيو..
ھُن جو ھڪ انتھائي ڊگهو ريپلاءِ آيو فقط چئن لفظن تي مشتمل، جنھن منھنجي چھري تي کِل آڻي ڇڏي ھُئي..
’تون بور آھين.. باءِ‘ اِھو پڙھي مونکي احساس ٿيو تہ مان واقعي بہ بور آھيان…

About Ubed Thaheem

Check Also

معشوق

درُ کُڙڪِيو… بنا کولڻ جي پڇيم ”ڪير؟“ وراڻيائين : معشوق چيومانس : توهان گَس ڀُلجي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *