Powered by free wordpress themes

Home / informative / انٽرويو دوران پڇيا ويندڙ اهم سوال ۽ انهن جا جواب

انٽرويو دوران پڇيا ويندڙ اهم سوال ۽ انهن جا جواب

Powered by free wordpress themes

انٽرويو دوران جيڪڏهن سوال پڇيو ٿو وڃي ته : توهان جي ڪمزوري ڪهڙي آهي؟
ته اڪثر نوجوان پنهنجيون ڪمزوريون ڳڻائڻ شروع ڪريو ڇڏين. جيڪو غلط آهي، ڇوته توهان ۾ جيڪڏهن ڪمزوري آهي ته توهانکي ٿِي سگھي ملازمت نه مِلي. انڪري اِن لازم سوال جو آسان جواب اهو آهي ته، پنهنجي اُها ڪمزوري ٻُڌايو جيڪا توهان لاءِ ته ڪمزوري هُجي پر ڪمپنيءَ لاءِ پلس پوائنٽ.. جيئن :
منهنجي ڪمزوري آهي ته، مان سکڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي معاملي ۾ جنوني آهيان.
آفيس ۾ تمام گھٽ ماڻهن سان گھٽ ڳالهائيندو آهيان.
اڪثر سيريس رهندو آهيان، جنهنڪري ڪافي دوست به ڇڏي ويا آهن.
..
وري جيڪڏهن سوال هُجي ته ”توهان جٿي ملازمت ڪئي اُتان جي باس جو رويّو توهان سان ڪيئن هيو؟“
اهو سوال ايندي ئي انٽرويو ڏيندڙ بسم الله رحمان رحيم ڪري پنهنجي اڳوڻن آفيسرن (باس) جي گلا ۾ شروع ٿي ويندا آهن، سائين مونسان هي ظلم ڪندو هو، موڪل ڪونه ڏيندو هو، داٻا ڏيندو هو وغيره وغيره..
پر اهڙو جواب ڏيڻ تي به توهانکي ملازمت نه ملندي، ڇوته آفيسر (باس) سڀ هڪڙي ئي طبعيت جا هوندا آهن.. اُن جي ڀيٽ ۾ هروڀرو به توهانکي ڪُوڙ جو سهارو وٺڻو پوندو : سائين تمام سُٺو باس هيو، رويو نهايت حليم هيو، تمام شاندار باس هيو، مون کائنس گھڻو ڪُجھ سکيو..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *