Powered by free wordpress themes

Home / informative / انفرينڊ ڪرڻ جو درست طريقو

انفرينڊ ڪرڻ جو درست طريقو

Powered by free wordpress themes

انفرينڊ ڪرڻ جو درست طريقو
****
واڪا ڪري انفرينڊ ڪرڻ وارن سنڌين جي فيسبڪ تي سمجھه ته ڪُتِي وِيائي پئي آ، روز ڪونه ڪو انفرينڊ ڪرڻ جو اعلان ڪندو آ ۽ اعلان به عجيب غريب هوندا آهن، جيئن
”هوشيار! خبردار! جيڪو به ٽيگ ڪندو انکي انفرينڊ ڪندس“
ٻيو اعلان 
”جيڪي ايڪٽِو ناهن انهن کي انفرينڊ ڪندس، ڪامينٽ ڪري پنهنجي ايڪٽو هُجڻ جو ثبوت ڏيو“
وري ڪُجھه اعلان ته صفا گرل فرينڊ وانگي ايموشنل بليڪ ميل ڪندا آهن، جيڪا پنهنجي ڪُوڙي تعريف ٻُڌڻ لاءِ روز چوندي آ ”جانُو! ڪيئن پئي لڳان؟“ (ديڳڙيءَ جي تري جهڙي لڳندي آ پر دل تي پٿر رکي به چوڻو پوندو آ ’looking pretty janu‘ )، جيئن :
”جيڪڏهن ڪوبه منهنجي پوسٽ تي نائيس ۽ واھ واھ لکندو ته انکي بلاڪ ڪندس“
هاڻ عبيد اچي ڦاٿو آ! لائڪ ڪرڻ به همراھن کي ائين ٿو لڳي ڄڻ ”ڪنڌ سان وعليڪم السلام“ چيو هُجي.. ڪامينٽ ڪرڻ کي ئي سمجھن ٿا ته ”همراھ جيئرو آ“
وري ڪامينٽ ڪر ته پوءِ ڊگھيون ڪچهريون شروع ڪري ڇڏيندا.. هتان وئي هُتان آئي.. ڳالھيون کُٽنديون ئي ڪونه.. ۽ انهن ساڳين همراهن سان روبرو مِلندؤ ته توهانکي خبر پوندي، هڪ لفظ به ڪونه ڪُڇندا.. بس فيسبڪ تي ڪامينٽس ۾ ائين پيا ڳالهائيندا جيئن ”پِيتَل“ زال سان ۽ ”پُهتل” جِنن سان ڳالهائيندا آهن..
خير! قصو کوليان ته واڻيي جي قرض وانگر ڊگھي لسٽ نڪري ايندي، هلون ٿا اصلي مقصد طرف..
انفرينڊ ڪرڻ جو رواج نه صرف اسان وٽ به آهي پر سڀني قومن ۾ آهي، اسانجي قوم جا ڪُجھه فرد هروڀرو ڪامينٽس وٺڻ جي چڪرن ۾ هيڪاندا ماڻهو پنهنجي فرينڊلسٽ ۾ ايڊ ڪَندا آهن ۽ مونکي پَڪَ آهي اُنهن مان 40 سيڪڙو ماڻهن کي مَس سُڃاڻندا هوندا، 10 سيڪڙو ماڻهن سان سندن ڀَت بِرادر هوندي باقي 50 سيڪڙو ماڻهو ته هروڀرو ايئن ايڊ ڪندا آهن جيئن ”کوھ“ کي لٽڻ لاءِ ڪِن ڪِچرو اُڇلبو آ.. مڙئي کوھ ڀرجي..
واڪا ڪري انفرينڊ ڪرڻ سان کوڙ سارا نقصان ٿيندا آهن، پهريون نقصان ته، توهان جي اهڙي اعلان تي توهانجا دوست توهانکي ئي انفرينڊ ڪري ڇڏيندا، صِرف اهو سمجھي ته ان کان اڳ جو مونکي انفرينڊ ڪري، مان پاڻ ئي اهڙي کي ٻُڙي ٿو ڏيان.. يعني دوستيءَ ۾ ويڇا…. ٻيون نقصان اِهو ٿيندو آ ته، سنجيده ماڻهو توهانکي غيرسنجيده سمجھي انفالو ڪري ڇڏيندا آهن يا توهانکي لفٽ گھٽ ڪرائيندا ۽ يقين ڪريو ڪوبه سنجيده ماڻهو (جنهن سان توهانجو ڀَت برادر نه هُجي)، توهانجي اهڙي اعلان تي توهانکي بِلاڪ به ڪري سگھي ٿو… ٽيون ۽ وڏو نقصان اِهو ته، توهان ۾ پاڻ کي هروڀرو مَهان ڪري پيش ڪرڻ لاءِ ”انا“ اچي ويندي، جيڪا توهانجي صحت ۽ عزت لاءِ حدکان وڌيڪ نقصانڪار آهي.
انفرينڊ ڪرڻ جو هڪ طريقو سِڌو سنئون اِهو آهي ته پنهنجي فرينڊ لِسٽ کوليو ۽ ان ۾ ڏِسو جيڪي توهانجي ڪم جا ناهن يا توهانجي سوچ جا ناهن، انهنکي انفرينڊ ڪري ڇڏيو.. هي انتهائي تڪڙو طريقو آهي..
ٻيون طريقو اِهو آهي توهان روزانو فيسبڪ جي ”Friends’ Birthdays“ واري ايپليڪيشن کي چيڪ ڪندا ڪريو ۽ ڏِسو ته ڪهڙن ڪهڙن دوستن جو جنم ڏينهن آ، پوءِ انهن مان چيڪ ڪريو ته ڪهڙو دوست توهانجي ويجھو آ يا ڪهڙو دوست گھڻو ايڪٽِو آهي، انکي رهڻ ڏيو باقي ٻين کي اُتي ئي انفرينڊ ڪندا وڃو..
ائين ڪرڻ سان، توهان جي کيسي (فرينڊلسٽ) تان بار به گھٽجي ويندو ۽ توهان پاڻ کي وڏو ماڻهو به محسوس ڪري سگھو ٿا.. سوبه بِنا ڪنهن اشتهاري اعلان جي..

4 comments

  1. Great information about Facebook usage and the way to unfriend those who no longer required to be kept connected without having any activity.
    Zbrdast

  2. بلڪل درست پرين

  3. Ha ha ha, you’re right if anyone not satisfy from his/her Facebook friend, he or she can unfriend directly there is no need to announcement.

  4. Allahdino Channa

    بلڪل، اهو ئي صحيح طريقو آهي، ان فرينڊ ڪرڻ جو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *