Powered by free wordpress themes

Home / stories / Short Stories / اجتماعي لڄالٽ

اجتماعي لڄالٽ

Powered by free wordpress themes

ڪهاڻڙِي
**اجتماعي لڄالٽ **
ڊنر ڪري، وسڪيءَ جي بوتل کڻي، شهر مشهور جي چڪلي تان هڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي ساڻ ڪري رحمت جي روم تي ويا.. چئني ڄڻن سڄي رات نشي ۾ ڌُت ٿِي ڇوڪريءَ جي جسم تان ماس روڙي لاٿو.. صبح جو هرڪو پنهنجي آفيس هليو ويو..
رحمت فيسبڪ کوليو، اسڪرول ڊائون ڪندي هڪ لاچار ۽ بيوس ڇوڪريءَ جي تصوير سندس نظر وٽان گذري، جنهن جو ڪالھ رات چئن ڄڻن ماس پٽيو هو.. رحمت تصوير شيئر ڪندي ڪيپش لکيو ”آخر ڪيستائين سنڌي نياڻين سان هِي ظلم ٿيندو رهندو؟ حڪومت خاموش ڇو آهي؟“
۽ سندس ٻين ساٿين So Sad ۽ ”لعنت اهڙن درندن تي“ لکي تصوير شيئر ڪئي..
هوڏانهن مظلوم نياڻيءَ جو ساھ اٽڪيل ئي رهيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *