Powered by free wordpress themes

Home / informative / آنلائن اخبارون ڪيئن ۽ ڇو؟

Powered by free wordpress themes

آنلائن اخبارون ڪيئن ۽ ڇو؟

مُستقبل ۾ اخبارون سَڀ آنلائن ٿي وينديون ۽ اخبار مالڪ انويسٽ گھٽ ڪندو ۽ ڪمائيندو وڌيڪ.. اُن جو مثال ”ٽائمس آف انڊيا“ جي آنلائن اخبار آهي.

ٿيندو هيئن ته ؛ اخبار پڙهندڙ ويبسائٽ تي ويندو ۽ اُتي هڪ فارم ڀريندو، ان فارم ۾ ماهوار ۽ ساليانه قيمت لکيل هوندي هر شخص مرضي مطابق اُها قيمت ادا ڪندو (اها قيمت ايزي پئسا يا بينڪ ذريعي ادا ڪئي ويندي) اُن کان پوءِ سندس اڪائونٽ ٺهي ويندو، پڙهندڙ جڏهن به چاهي جٿي به چاهي اخبار جي پيج تي لاگ ان ٿيندو ۽ اخبار پڙهي سگھندو.

اهو ڪرڻ سان ڪُجھ سوال پيدا ٿيندا جن جا جواب لکان پيو.

1: جيڪڏهن اخبار پڙهندڙ پئسا ادا نه ڪري ته؟

جواب : اخبار سندس ڪمپيوٽر تي نه کُلندي ۽ جيڪڏهن پئسا مهيني جا ادا ڪيا اٿس ته مهيني کان 11 ڏينهن به مٿي هُو اخبار نه پڙهي سگھندو.

2: جيڪڏهن اخبار پڙهندڙ، پنهنجي اڪائونٽ جا پاسورڊ ٻين دوستن کي موڪلي ۽ اُهي پڙهن ته پڙهي سگھن ٿا؟؟

جواب : نه ! ڇو ته هر اڪائونٽ ٺهڻ مهل سندس انٽرنيٽ پروٽوڪال (آئي.پي) نوٽ ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن غلط آئي.پي تان لاگ ان ٿيو ته اخبار نه کلندس.

3: جيڪڏهن پڙهندڙ کان پاسورڊ وسري وڃي ته ؟

جواب : هر سوشل سائيٽ جيان هو پنهنجا اڪائونٽ ريڪور ڪري سگھي ٿو.

4 : اخبار مالڪ کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟

جواب : اخبار مالڪ کي اخبار ڇپرائڻ جي ضرورت گھٽ پوندي، پيپر جو خرچ گھٽ ٿيندس، ان کان علاوه آنلائن اشتهارن ذريعي به ڪمائي سگھي ٿو.

5: اخبار پڙهندڙ کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟

جواب : اخبار پڙهندڙ کي اخبار خريد ڪرڻ لاءِ ٻئي هنڌ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي، پنهنجي ليپٽاپ، آئي.پيڊ يا موبائل تي گاڏيءَ ۾ ، آفيس ۾، جٿي چاهي اخبار پڙهي سگھندو.

****

اهڙا کوڙ سارا سوال ڪوبه پڇندو ته آئون کيس جواب ڏئي سگھان ٿو.

پر ياد رکو! مسقبل قريب ۾ سنڌي اخبارون آنلائن ضرور ٿينديون ۽ ٿيڻو ئي پوندن..

About Ubed Thaheem

Check Also

profile_tasveer

پروفائل تصوير

فيسبڪ، ٽئيٽر سميت جيڪي به سوشل ميڊيا ويبسائٽس آهن اُنهن تي هر صارف (يوزر) پنهنجو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *